اسٽيبلشمينٽ جي رينڪ اينڊ فائل مان اها ڳالهه واضح طور سامهون اچي رهي آهي ته ايندڙ 10 سالن تائين عمران خان جي واپسيءَ لاءِ ڪوبه آپشن ناهي. توڙي جو اها ڳالهه ان خيال جي خلاف آهي ته جيڪڏهن عوام ڪنهن پارٽيءَ کي چاهي ته ان کي موقعو ڇو ملڻ نه گهرجي. عمران خان جون حامي قوتون، جن هن جي مٿي تي هٿ رکيو پئي ۽ پٺي ٺپي پئي، انهن سڀني کي پاسيرو ڪيو پيو وڃي. ملڪ جي اعليٰ عدالت، جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته ان گذريل ڌرڻي دوران عمران خان لاءِ سافٽ ڪارنر ڏيکاريو، اها به نيوٽرلائيزڊ ٿيڻ واري آهي. ان حوالي سان عدالت جن ادارن کان رپورٽون گهريون آهن، اهي اعليٰ عدالت ۾ جمع ٿيڻ واريون آهن يا ٿي چڪيون آهن، جن ۾ واضح طور ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڌرڻي جي ڪال ڏئي عمران خان توهين عدالت ڪئي. ان جا سمورا آڊيو، ويڊيو ثبوت تيار ڪيا ويا آهن. جنهن لارجر بينچ عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس اڪثريت جي بنياد تي جاري نه ڪيو هو ۽ فقط هڪڙي جج جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکيو هو ته عمران خان توهين عدالت ڪئي آهي. ان جي ان راءِ کي وڌيڪ وزن ملي رهيو آهي. جيڪڏهن ادارن جون رپورٽون عمران خان جي خلاف اچن ٿيون ته سپريم ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڪندي؟ اهو ٿوري انتظار کانپوءِ مڪمل طور واضح ٿي ويندو. اها حقيقت آهي ته ڪنهن به عدالت جو فيصلو سامهون اچي وڃي ته ان تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي، پر اڳڪٿي ڪري نٿي سگهجي ته عدالت مستقبل ۾ ڪهڙو فيصلو ڪري سگهي. ها ڪجهه خدشا ظاهر ڪري سگهجن ٿا. هاڻ حقيقتون عدالت جي در تي پهچي ويون آهن، انهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪو فيصلو ٿي سگهي ٿو.
رٽائرڊ جنرل يا دفاع جي شعبي سان لاڳاپيل اڳوڻا سروسز مين به نيوٽرل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ملڪ جي اعليٰ اداري ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي رهندڙن ٽن اهم اڳوڻن عهديدارن سميت ڪيترن رٽائرڊ فوجين خلاف ايڪشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان جنرل علي قلي خان کان وٺي، پرويز مشرف دور جا ڪجهه جنرل به پاسيرا ٿي ويندا. انهن خلاف جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، انهن جي پينشن به ختم ڪئي وئي آهي. اهي ايڏا “انقلابي” به ناهن، جو مڙني مشڪلاتن جي باوجود عمران خان سان گڏ بيهن. هن فيصلي جا اثر انهن ايڪس سروسز مين تي وڌيڪ پوندا، جن جون همدرديون عمران خان سان هونديون. هن فيصلي کي ممڪن آهي ته ڪنهن عدالت ۾ چيلينج ڪري سگهجي، پر آرمي چيف کي اختيار آهي، جنهن کي هو جسٽيفاءِ ڪري سگهي،اهڙو قدم کڻي سگهي ٿو. جيڪڏهن سرونگ آرمي چيف جي خلاف “غداري” جا ٽرينڊ هلايا وڃن ۽ ڪيترائي رٽائرڊ ان مهم ۾ شامل هجن ته پوءِ انهن جي پينشن جي بحاليءَ جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا.
عمران خان جي پنهنجي پارٽي اندر ڏڦيڙ واضح طور نظر اچي رهيو آهي، سواءِ ڪجهه اڳواڻن جي سمورا گاهه پٺي سان لڳي ويا آهن. جيڪڏهن ويجهي مستقبل ۾ عام چونڊون ٿين ٿيون يا ننڍي چونڊ جو عمل شروع ٿئي ٿو ته اهي (ن) ليگ يا پ پ جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندا، جنهن پارٽيءَ جي حڪومت هجي، اها سڌي يا اڻ سڌي ريت چونڊ عمل تي ڪيتري اثرانداز ٿي سگهي ٿي. هي ڪا راڪيٽ سائنس ناهي. عوامي سطح تي صورتحال عمران خان جي حق ۾ ناهي. هو گهڻي قدر سپريم ڪورٽ مان اميد لڳائي ويٺو آهي ته اها هن جي مدد ڪندي، جنهن جا امڪان ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. چوڌري ڀائر جيڪي عمران خان جا وڏا حامي هئا، اهي به پاسيرا ٿي رهيا آهن، انهن جي رڌڻي ۾ به رولو آهي. آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي خاطرين کانپوءِ ۽ وڏي سرڪار جي اشاري تي چوڌري ڀائر اوڏانهن ئي ويندا، جيڏانهن کين چيو ويندو.
عمران خان جي حڪومت گهر ڀيڙي ڪرڻ جو هڪڙو سبب هي به هو ته مستقبل جي آرمي چيف جي مقرري اهڙي ڪنهن به آفيسر جي نه ڪجي، جيڪو سياسي طور تي اڳوڻي وزيراعظم جي حمايت يا مدد ڪري سگهي. باقي ڪيترا اشوز هئا، اهي اوپن سيڪريٽ آهن. هاڻ اتحادي حڪومت لاءِ سٺي يا خراب خبر به اچڻ واري آهي. عمران خان چئي ٿو ته ايندڙ مهيني ڏيڍ اندر موجوده حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي. هن جي ان اعلان تي ڪجهه ميڊيا ادارن طنز ڪندي چيو ته عمران خان، شيخ رشيد جي جتيءَ ۾ پير وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. شيخ رشيد لاءِ به اهي خبرون آهن ته اهو عمران خان کي هشيون ڏئي رفوچڪر ٿي ويو. حڪومتي صفن مان به اهي خبرون اچن پيون ته ممڪن آهي ته 26 آڪٽوبر تي موجوده سيٽ اپ ختم ٿي وڃي! جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته نئين آرمي چيف جي مقرري وارو اتحادي حڪومت جو خواب به اڌورو رهجي ويندو. اهو به ممڪن آهي ته نئين مقرري جو اعلان ڪري اسيمبليون ٽوڙيون وڃن. موجوده آرمي چيف جو مدو 29 نومبر تي ختم ٿي رهيو آهي. ان سان گڏ ڪجهه ٻيا جنرل به رٽائرڊ ٿي ويندا. ان دوران هڪ ٽوئسٽ اچڻو آهي ۽ اهڙيون خبرون اڳ به ٻڌڻ ۾ آيون ته سرچاءَ جو ماسٽر مائينڊ ۽ موجوده سيٽ اپ جي اهم کيڏاري آصف زرداري جي تجويز تي عمل ڪيو وڃي ٿو ته جنرل به رٽائرڊ ٿي ويندا ۽ جنرل باجوه به هڪ سال لاءِ ايڪسٽينشن حاصل ڪري وٺندو. اهڙي صورتحال ۾ به عمران خان لاءِ ڪوبه گس نه بچندو ته هو پيرين پنڌ يا هيلي ڪاپٽر ذريعي بني گالا يا پشاور کان وزير اعظم هائوس پهچي سگهي.
اهي خبرون عام آهن ته موجوده اتحادي سيٽ اپ اوستائين رهندو، جيستائين اسٽيبلشمينٽ جي اندر تبديليءَ جو عمل مڪمل ٿي نٿو وڃي. ان سان موجوده سياسي قيادت جو مستقبل نه ئي سهي پر اميدون جڙيل آهن ۽ نئين پلان تي به عمل ڪري سگهجي ٿو. موجوده حڪومت جنهن معاشي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، ان بابت چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن عوامي دٻاءُ وڌي ويو ته بجيٽ تي نظرثاني جو عمل شروع ٿيندو، ڪجهه عالمي ادارن ۽ ملڪن سان معاملا طئي ڪري عوام کي رعايتن ڏيڻ جو عارضي بندوبست ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن موجوده حڪمران ناڪام ٿين ٿا ۽ مهانگائيءَ جو طوفان جنهن جا وڌيڪ امڪان آهن ته پوءِ معاشي ايمرجنسيءَ جو آپشن به موجود آهي. هي قدم موجوده حڪمرانن خلاف ثابت ٿي سگهي ٿو. هي حڪمرانيءَ جو انداز ساڳيو بنگلاديشي ماڊل هوندو، جنهن تحت سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ نئون سيٽ اپ به گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين قائم ڪيو ويندو. هي قدم عوامي دٻاءُ اڳيان ڪيتري حد تائين بيهي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هتان جي عوام کي مارشل لائن سان وڙهڻ جو تجربو آهي، اهي جوڊيشل مارشل لا ڪيئن قبول ڪندو؟ اها به حقيقت آهي ته عدليه ۽ انتظاميه جو Domain به الڳ آهي.
مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي حوالي سان چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن معاملا پلان تحت طئي نه ٿيا ته سڀني کان وڌيڪ نقصان (ن) ليگ کي ٿيندو. آصف زرداري جوڙ توڙ جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪندو. جيڪڏهن پ پ قومي اسيمبليءَ جون 94 سيٽون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته مستقبل ۾ ان جي ئي حڪومت هوندي. واڳ ڌڻي، نواز شريف جي ڀيٽ ۾ آصف زرداريءَ کي وڌيڪ بهتر سمجهن ٿا. پر جيڪڏهن (ن) ليگ ۽ پ پ گڏيل طور تي مستقبل ۾ جدوجهد جاري رکي ته ٻئي پارٽيون ففٽي ففٽي حڪومت قائم ڪري سگهن ٿيون.
هينئر سڀ کان اهم مسئلو معيشت جو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي پرڏيهي وزير چين کان اڍائي ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم حاصل ڪيو. هي ڪم (ن) ليگ نه ڪري سگهي. (ن) ليگ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ وڌيڪ اثر رسوخ رکي ٿي، پر شهباز شريف اتان به خالي هٿئين واپس آيو. آمريڪي ڪنهن به امداد يا قرض ڏيڻ جهڙا نه رهيا آهن. پر هو گُڊ ول آڇي سگهن ٿا، جيڪا فقط آصف زرداريءَ جي هٿ وس آهي. موجوده بجيٽ ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ته نالي ماتر شيون آهن، پر مهانگائيءَ جو طوفان آهي. مفتاح اسماعيل، رڳو آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ لاءِ بجيٽ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تي اتحادي حڪومت ۾ تحفظات موجود آهن.
هاڻ هي سوال به پڇيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن معاشي بحران کي عمران خان کي منهن ڏيڻ ڏنو وڃي ها ته ان ۾ ڪهڙو حرج هو؟ جيڪڏهن (ن) ليگ ڊرائيونگ سيٽ سنڀالي آهي ته سمورين لڱاين ۽ چڱاين جو ٻوجهه به ان کي برداشت ڪرڻو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي حوالي سان ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن چوڻ شروع ڪيو آهي ته انهن جي چرپر مان لڳي ٿو ته ڄڻ اهي حڪومت جو حصو ئي ناهن، ها اهي پروٽوڪول ضرور وٺن ٿا. ان سان گڏ علي وزير سميت ڪجهه اهڙا ميمبر به آهن، جن جا پراڊڪشن آرڊر اسپيڪر کي جاري ڪرڻا آهن، پر (ن) ليگ طاقتور ڌرين جي دٻاءُ هيٺ آهي. (ن) ليگ جي صورتحال ايتري ڪمزور آهي جو دفاع جي وزير خواجا آصف کي چوڻو پيو ته پرويز مشرف ڏيهه وريو ته ان جو شاندار آڌرڀاءَ ڪيو ويندو، جيڪڏهن مري ويو ته ان کي پروٽوڪول سان دفن ڪيو ويندو، جيئن يحيٰ خان جي لاش کي پاڪستان جي جهنڊي ۾ ويڙهي دفن ڪيو ويو هو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيتري اسان وٽ اسٽيبلشمينٽ قدامت پسند آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نٿو ملي.