سنڌ جي لاڙ خطي سان تعلق رکندڙ ناليواري سياستدانن ۾ شمار ٿيندڙ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌري جو تعلق بدين تعلقي سان هو. ڪنهن زماني ۾ بدين حيدرآباد ضلعي جو آخري تعلقو ليکيو ويندو هو. سياست ۾ پراڻا سياستدان پير عاليشاهه جيلاني، مير غلام علي خان ٽالپر آف ٽنڊو محمد خان جو لاڙ تي وڏو اثر رُسوخ هو. جنهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ انهن ٻنهي شخصتين جو سياست ۾ وڏو ڌاڪو هو، جنهن کان پو جڏهن ايوب خان جي حڪومت مارشل لا لڳائي ته هن پاڻ لوڪل باڊيز جو نظام آڻي پهرين اليڪشن جيڪا سال 1962ع ۾ ٿي، اُن وقت گهڻا زميندار، وڏيرا جاگيردار، سڀ جا سڀ ايوب خان جي پاسي هئا. ايوب خان جي مقابلي ۾ محترمه فاطمه جناح صدارتي اليڪشن وڙهي ۽ تڏهن اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان ۾ وڏي ڌانڌلي ڪرائي ايوب خان پاڻ کي چونڊرائي، هن ملڪ جو صدر به ٿيو ۽ فيلڊ مارشل به رهيو جنهن ڪري ذات وڏيرا ۽ سياستدان ايوب خان سان هئا.
نيٺ 1967ع کان ايوب خان جي خلاف مخالفت ٿي ۽ هن ملڪ ۾ ون يونٽ مڙهي ڇڏيو. سنڌ جي وسيلن تي ڦرلٽ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ هوڏانهن ايوب خان محترمه فاطمه جناح جي حوالي سان ڪيترن ئي سياستدانن انهي صورتحال کي ڏسندي ايوب خان خلاف عوام اندر مخالفت جو سلسلو شروع ڪيو، جنهن ۾ محترمه فاطمه جناح جا ساٿي جن فاطمه جناح ساٿ ڏنو، انهن ۾ الحاج مير علي احمد ٽالپر، مير رسول بخش ٽالپر، فاضل راهو، مير الهه بچايو ٽالپر، نبي بخش خان ڀرڳڙي، ڪامريڊ نظير حسين حيدري، مولانا حاجي احمد ملاح، مير علي بخش ٽالپر ۽ ٻيا ڪيترائي ٿر جا وڏيرا جنهن ۾ پير ملوڪ شاهه جيلاني وغيره شامل هئا.
جڏهن پرڏيهي وزير طور ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان جي پاليسين کي ڏسي هن اختلاف رکندي پنهنجي عهدي تان استعيفى ڏئي مخالف بڻيو ته پهرين هن محترمه فاطمه جناح جي ساٿين سان رابطو ڪيو، جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان ۽ هن پيپلز پارٽي جو پهريون بنياد حيدرآباد جي بنگلي رکيو ۽ بدين مان نبي بخش ڀرڳڙي، ڪامريڊ نظير حسين حيدري ۽ سندس هم خيال دوست پير ملوڪ شاهه جيلاني ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. آخر ايوب خان خلاف تحريڪ هلي ۽ وڏي مخالفت سبب ايوب خان کي استعيفى ڏيڻي پئي ۽ ايوب خان جا ساٿي وڏيرا وغيره جاگيردار سڀئي پيپلز پارٽي ۾ اچڻ ۾ لڳا. اهڙي ريت سڄي لاڙ خطي ۾ بدين وڏو مرڪز رهيو ۽ ايوب خان عام چونڊن کان اڳ حڪومت يحيٰ خان جي حوالي ڪئي. جنهن کان پو نوجوان ماڻهن ۾ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جيڪو ايل ايم سي ۾ پڙهڻ کان پو هائوس جاب ڪري رهيو هو، اليڪشن ٿيڻ کان اڳ ۾ بدين جي بنگلي تي اچي رئيس نبي بخش ڀرڳڙي سان ملاقات ڪئي ۽ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو هڪ نوجوان ٻيو ته انهي سڄي علائقي يعني لاڙ جي مانڌر واري علائقي مان پهريون ڊاڪٽر ٿي آيو ۽ ان وقت موجوده ارباب رسول بخش منڌرو جيڪو اڳ ۾ ڀرڳڙي صاحب سان لاڳاپيل هو ۽ انهي پهرين ملاقات ۾ شامل ڪونه هو. جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي بدين جي دوري وارو پروگرام ٺاهيو پئي ويو ته فقط ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو ۽ رسول بخش منڌرو شامل هئا. جنهن ۾ سيراڻي شهر ۾ پڻ ذوالفقار علي ڀٽي جو دورو رکيل هو، جتان کان ان وقت ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو هڪ سياسي ورڪر ۽ نوجوان قيادت طور اڀريو. جڏهن ڀٽي جو سيراڻي ۾ جلسو ٿيو ته آجيان واري تقرير ڊاڪٽر سڪندر علي منڌري ڪئي. جنهن کي تمام سٺي تقرير ۽ سپاس نامون پيش ڪرڻ تي ذوالفقار علي ڀٽي داد ڏنو ۽ ڀرڳڙي صاحب کي چيو ته اسان کي پارٽي ۾ هن قسم جا نوجوان کپن.
ان وقت اڃان 1970ع واري اليڪشن واري ورڪ ۾ پهريون سڄي ضلعي ۾ شهر ۽ ڳوٺ جو آخري اليڪشن ورڪ هو. ان وقت به پير عاليشاهه وارا پ پ مخالف ۽ ڪائونسل مسلم ليگ ۾ هئا ۽ انهي مانڌر واري علائقي پير عاليشاهه جو وڏو اثر ۽ پيري مريدي هئڻ ڪري گهڻي منڌرو برادري پير عاليشاهه سان هئي. پوءِ اهڙو پ پ جو سيلاب هو جنهن ۾ پ پ مخالف سڀ لُڙهي ويا. ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو 1970ع کان وٺي پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل هو ۽ جڏهن رئيس نبي بخش ايم پي اي ٿيو ته ان وقت به تعلقي جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سڪندر علي منڌري کي ڪيو.
ان وقت پيپلز پارٽي جي ڪاميابي کان پوءِ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جنرل سيڪريٽري طور رهيو، جيڪو سڀني کي، خاص طور سمورن ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻ وارو انسان هو. هن هائوس جاب کان پوءِ بدين جي شهري آبادي واري جامع مسجد مارڪيٽ ۾ خوبصورت اسپتال ٺهرائي. جيڪا منڌرا اسپتال طور هر غريب ماڻهو سان ۽ مريض سان پنهنجائپ وارو رويو رکيو اچي، جنهن ڪري تمام پري پري کان ماڻهو علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا رهيا. جڏهن ته 1973ع کان پوءِ پارٽي جي تنظيم سازي تحت سڄي سنڌ ۾ پارٽي ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وئي.
ممتاز علي خان ڀٽي ۽ غلام مصطفى جتوئي ۾ اختلاف ٿيڻ سبب اهو سلسلو ناسور بڻجي وڌندو ويو. جنهن تي ڪنٽرول نه ٿيو. 1975ع ۾ بدين ضلعو ٿيو. جنهن بعد تنظيم سازي ۾ ضلعي اندر افراتفري ٿيڻ سبب پارٽي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو. اهڙي ريت سپاف ۾ به ڌڙا بندي ٿي وئي. جنهن ڪري وڏو نقصان ٿيو ۽ 1977ع ۾ به گهڻا سبب اهي هئا. جنهن ڪري پارٽي کي تمام گهڻو نقصان ٿيو ۽ 1977 ۾ اليڪشن ڌانڌلي جو سبب ڄاڻائي ضياءُ الحق مارشل لا لڳائي، پ پ خلاف دشمني رکي ۽ 11 سال حڪمراني ڪيائين. ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو انهي مارشل لا واري دور ۾ عتاب ۾ پڻ رهيو. کيس جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي، پر پيپلز پارٽي مان هٿ نه ڪڍيو، مٿس تشدد سميت سندس خلاف هر قسم جو عتاب ۽ مشڪلاتون آيون. هن ايم آر ڊي تحريڪ دوران بينظير ڀٽو سان ساٿ نڀايو. جڏهن ته سينيئر سياستدان ممتاز علي ڀٽو محاذ فرنٽ قائم ڪيو ۽ غلام مصطفى جتوئي پنهنجي نيشنل پيپلز پارٽي ٺاهي. پر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو شهيد جي نياڻي بينظير ڀٽو جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ انهي ڏکئي دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو جا ذاتي ڪم ڪار ۽ خانداني مسئلا به هن سنڀالي طور ڪم ڪيا.
سچ پچ ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو انهي ڪري به 6 ڀيرا ايم پي اي ٿيو ۽ سينيٽر ٿيو، جو هو پنهنجي پارٽي سان سچو رهيو ۽ هو پارٽي ۾ اورچ شخصيت جو مالڪ هو ۽ الائي ڪيترائي ماڻهو کيس روبرو چاچا چئي ويندا هئا. ان کان سوا هو هڪ صبر واري وڏي برداشت وارو مخلص انسان هو. باقي انسان ۾ ڪيتريون ٻيون به ڪوتاهيون ٿي سگهن ٿيون. جيڪي انسان جي ذاتي زندگي جو حصو هونديون آهن. پر هو پارٽي جو سچو ساٿي هو ۽ شهيد ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو آخري دم تائين ساٿ ڏنو. سندس پارٽي سان سچائي ۽ عوامي خدمت جي ڪري ماڻهو کيس ضرور ياد رکندا. سنڌ هڪ کري ۽ سچي سياسي اڳواڻ کان محروم ٿي وئي آهي. جنهن پنهنجي سڄي حياتي عوامي خدمت ڪندي گذاري ڇڏي.