ڏاهپ ۽ دانش جي ڪابه سرحد، وطن ۽ سرزمين ناهي هوندي، اُها هڪ ئي وقت سمورن انسانن جي ترقيءَ ۽ ڀلائي لاءِ اطلاقي (Applied) صورت ۾ پئي رهي آهي ۽ سموري دنيا جي ماڻهن اُن منجهان لاڀ به پئي ورتو آهي، ته ان منجهان ڪيئي فڪري ڏاهپ سان ٽُٻٽار پيالا پُر ڪري، پنهنجي ذهنن کي علم ۽ دانش جي روشنيءَ سان پئي منور ڪيو آهي.
قديم دور ۾ جيڪي به علم، ڏاهپ ۽ عقل جون تحريڪون پئي هليون (هتي تحريڪن مان مراد آهي اُهي فڪري ۽ فلسفياڻه بحثَ مباحثا جيڪي يونان جي سرزمين کان شروع ٿي پوري دنيا تائين پکڙجي ويا هئا). اُنهن جي نتيجي ۾ ئي دنيا اڄ هِن جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي واري حيران ڪندڙ دور ۾ اچي پُڳي آهي.
اِهو اُنهيءَ ڏاهپ ۽ دانش جو ئي ڪمال هو، جو دنيا جا نهايت پٺتي سماجَ ۽ علائقا اُنهن عظيم ترقيءَ جي بلندين تي وڃي پُهتا، جن جو اُنهن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو.
اڄ جيڪا به دنيا جي ۽ خاص ڪري يورپ جي ترقيءَ ۽ مهانتا آهي، اُن جو Credit يوناني فلسفي جي اڀار، Renaissance (نئين جاڳرتا) کي آهي. نئين جاڳرتا اُها علمي تحريڪ آهي، جنهن هزارين سالن جي مذهبي تسلط کي چيلينج ڪيو ۽ انسان دنيا جي هر طاقت کان اهم آهي، جو نعرو هنيو.
نه ته هِن کان اڳ وارو زمانو جنهن کي تاريخ جي عالمن “وچين دور” جو نالو ڏنو آهي، ان زماني ۾ علم، عقل ۽ ڏاهپ تي بندشون هيون. فلسفي ۽ سائنسي علمن کي ڪفر قرار ڏئي اُنهن تي فتوائون لڳايون وينديون هيون.
عقل مذهب جو دشمن ليکيو ٿي ويو. اُنهن ماڻهن وٽ فقط مذهبي علم ئي سڀ ڪجهه هو.
پر Renaissance جي اچڻ کان پوءِ يورپ جي ڪليسا جا انسان ۽ عقل دشمن دڳَ بند ڪيا ۽ مذهب کي انسان لاءِ پيدا ڪيل سمجهيو ويو ۽ پراڻي ڪليسا جي خيال کي رد ڪيو ويو ته “انسان مذهب لاءِ خلقيو ويو آهي.”
هِن تحريڪ جو مقصد ئي اهو هو ته نون فلسفياڻن سوالن ۽ سائنسي کوجنائن کي زنده ڪرڻ. انساني سماج کي فن، ادب، ثقافت، سائنسي، فلسفي ۽ انسان دوستي کي افضل ۽ بنياد بنائي، نئين انساني زندگي ۽ سماج جي اڏاوت ڪجي.
مارٽن لوٿر طرفان بائيبل جو جرمن ٻوليءَ ۾ ڪيل ترجمو، جيڪو ان کان اڳ فقط لاطيني ٻوليءَ ۾ لکيل هو، جنهن جي تلاوت ڪرڻ جو حق به فقط پادرين کي هو. جنهن جي ڪري عام ماڻهوءَ جي انجيل شريف تائين رسائي ناممڪن هئي. جنهن جي ڪري پادري ماڻهن کي جنت جون سندون پيا وڪڻندا هئا. مارٽن لوٿر اچي اُنهن جنت جي ٽڪيٽن جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته خدا کان معافي وٺڻ لاءِ ڪنهن پادري جي ضرورت ناهي، انسان کي سِڌو خدا سان سندس درٻار ۾ رجوع ڪرڻ کپي. مارٽن کي عيسائيت ۾ پروٽيسٽنٽ Protestant فرقي جو باني مڃيو وڃي ٿو ۽ ھُن جي دور کي سُڌارن جو دور Age of Reformation چئجي ٿو.
جيڪڏهن ٿورو سوچجي ته اُن وقت اُهي ڏاهپ ۽ عقل جون تحريڪون نه هلن ها ته ڇا اُن دور جا رجعت پسند پادري ۽ ٻيا مذهبي پيشوا توڙي حڪمرانَ يورپ سميت دنيا جي ٻين سماجن کي هِن جديد سائنسي دور تائين پُڄڻ ڏين ها؟
هڪڙي ڳالھه ذهن ۾ رکڻ کپي ته ڪوبه مذهبي فڪر ۽ نظريو گهڻي عرصي تائين مجموعي سماج جي ترقي، روشن خيالي ۽ سُڌاري جو حامل نٿو رهي سگهي، ھُو فقط اُن وقت تائين تبديلي پسند ۽ انقلابي هوندو آهي، جستائين پنهنجا عقيدا ۽ خيالَ سماج ۾ مضبوطيءَ سان کوڙي سگهي. تنهنڪري پنهنجون سموريون پَڳون ۽ ڀروسا عقلي، علمي ۽ سائنسي ڏاهپ بدران ڪنهن مذهبي عقيدي تي رکي ڇڏڻ سماجي ترقي ۽ واڌاري جي اڳيان بند ٻڌڻ به آهي تہ وري اُن جي نفي (Negation) پڻ!
هِن جديد دور ۾ به پُٺ تي پيل سماجَ اُهي ئي نظر ايندا، جيڪي سائنس، فلسفي، علم توڙي دانش کان ڪٽيل ۽ قديم اعتقادي روايتن سان ڳنڍيل هوندا.
جيڪي سماجَ پُراڻ پسند هوندا آهن ۽ جديد فڪرن ۽ سائنسي ترقي کان خوف کائيندڙ ۽ اُن کي ڪفر قرار ڏئي پنهنجي سماج ۾ اُن جي رستا روڪ ڪري، سائنس جي سماجي ڪارج ۽ اهميت کان انڪاري هوندا آهن، اُهي پنهنجي جوهر (Essence) ۾ هڪڙا تنگ نظر، رجعت پسند، ڪُند ذهن، علم توڙي عقل دشمن ۽ زندگيءَ جي اصل حُسن ۽ خوبصورتي توڙي هر قسم جي خوشحاليءَ کان محروم ئي رهجي ويندا آهن.
بدقسمتيءَ سان اسان جو سنڌي سماج پڻ گهڻي ڀاڱي اُنهن روايتي، عقل ۽ سائنس دشمن لاڙن سان جُڙيل پئي رهيو آهي ۽ اُهو ئي سبب آهي جو اسان جي سماج جي سياسي، سماجي ۽ سائنسي ڏاهن، مفڪرن ۽ اديبن اُنهن انساني سماج دشمن روايتن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ، هر وقت پنهنجي حصي جو ڪم ۽ فڪري پورهيو پئي ڪيو آهي ۽ اهڙن بي مثال سماجي ۽ سائنسي ذهن رکندڙ ۾ هڪڙو هو سائين ظفر سنڌي.
ظفر سنڌي جو جنم 15 مئي 1969ع ۾ موري لڳ ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ٿيو ۽ ھُن جو پيدائشي نالو گل حسن هو. ھن جي وفات 8 ڊسمبر 2021ع تي ٿي. هُو پنهنجي شخصيت ۾ هڪڙو نج پج ڏاهو، روشن خيال، سيڪيولر، سائنسي فڪر سميت سائين جي ايم سيد جو نظرياتي پوئلڳ هو.
ھُن پنهنجي علمي قابليت سان سنڌي سماج ۾ سائنسي، نفسياتي، سياسي ۽ فلاسافيڪل فڪرن جي آبياري ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي شاندار ڪتابن جا ترجما ڪيا. جن ۾ ڪورا ميسن جو ڪتاب “سقراط” آئزڪ اسموف جو “جديد سائنس حال ۽ مستقبل” جواهر لال نهرو جو “يادگار شخصيتون” توراڪينه قاضيءَ جو “سگمنڊ فرائيڊ” ۽ ڊاڪٽر سريو پرشاد گپتا جو “سائنس ۽ سماج” شامل آهن ۽ جڏهن ته هڪ ڪتاب سندس ڪهاڻين جو “ڀونءِ مان نڪتل ماڻهو” پڻ ڇپيل آهي.
مون سندس ترجمو ڪيل ٽي ڪتابَ “سگمنڊ فرائيڊ”، “جديد سائنس” ۽ “سائنس ۽ سماج” مون ڪجھه وقت اڳ ئي پڙهيا هئا. توڙي جو منهنجي ساڻس ڪابه روبرو ملاقات ۽ ٻئي قسم جو رابطو ۽ تعلق ناهي رهيو، تنهنڪري ھُن جي شخصيت جي سڀني پاسن تي ڪا راءِ قائم ڪرڻ درست نه ٿيندو، پر ھُن جي ترجمو ڪيل ڪتابن جي بنياد تي، سندس موضوعاتي دلچسپي ۽ چونڊ بابت رايو رکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته جيڪو به انسان جنهن به فڪر ۽ نظريي سان دلچسپي رکي ٿو ۽ اُن کي پنهنجي خيالن ۽ آدرشن ۾ جاءِ ڏي ٿو ۽ اُنهن مطابق پنهنجي زندگي ۽ سماج کي ڏسي ٿو، ته اُن جو اظهار ھُو پنهنجي ڪچهرين سميت ڪيل علمي ڪم (تخليق ۽ ترجمي) ۾ ڀرپور نموني ڪري ٿو.
اهڙي ريت ظفر سنڌي به پنهنجي سنڌ کي روايتي اعتقادن ۽ سائنس دشمن خيالن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجي پَتيءَ جو حصو ڳنڍيو. ھُن سنڌ کي هڪڙي آزاد وطن جي حيثيت ۾ ڏسڻ لاءِ فلسفي، سائنس، نفسيات ۽ ٻين سماج سڌارڪ فڪرن سان جُڙڻ لاءِ، هڪڙي آدرشي انسان جيئن ڪردار ادا ڪيو.
ھُن جا ترجمو ڪيل فڪر انگيز ڪتابَ اُن ڳالهه جو ثبوت آهن ته ھُن پنهنجي سماج کي اعتقادي ۽ ٻين مدي خارج خيالن جي زنجير ۾ جڪڙيل ڏسڻ نٿي چاهيو.
ھُن جي خوابن جي سنڌ هڪڙي آزاد وطن جي حيثيت ۾، فلسفي ۽ سائنسي فڪرن سان سرشار سنڌ آهي، جيڪا هر جبر، ذهني ۽ جسماني غلامي توڙي ٻين دقيانوس روايتن ۽ رسمن کان پاڪ سنڌ آهي ۽ مون کي اُميد آهي ته سنڌ جو نوجوان نسل فلسفي، سائنس ۽ ٻين جديد ترقي پسند آدرشن سان سلهاڙجي، سندس خوابن واري سنڌ جي اڏاوت ڪندو.