ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايران، اسرائيل ۽ دمشق ايئرپورٽ

Editorial-Article- Mumtaz Mangi

هڪ چيني ڏاهي جي چوڻي آهي “انساني تاريخ ۾ صرف دور رهيا آهن. هڪ جنگ جو دور ۽ ٻيو جنگ جي تياريءَ جو دور”

آمريڪا جي قومي ابي جارج واشنگٽن جو قول آهي “امن جو دور، جنگ جي تياريءَ لاءِ بهترين وقت آهي”

روس جي عظيم اديب ليو ٽالسٽائي لکيو آهي “جنگ بي انصافي آهي. جنگ بدصورت آهي. جنگ بيحد بري آهي”

اياز چيو هو “جيسين مائر ڄڻينديون. جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون”

“امن ۽ جنگ” هڪ ناول جو نالو به آهي. “امن ۽ جنگ” اسان جو ماضي به آهي. “امن ۽ جنگ” اسان جو حال به آهي.

اسان کي معلوم ناهي ته ڇا اسان جو مستقبل جنگ کان محفوظ هوندو يا اسان جو آئيندو هڪ اهڙي مهاڀاري جنگ جو منتظر آهي، جنهن کان پوءِ ڪجهه به نه رهندو.

جنگ جي باري ۾ نه صرف گهڻو لکي سگهجي ٿو پر جنگ جي باري ۾ گهڻن حوالن ۽ گهڻن حسابن سان به ليکو ڪري سگهجي ٿو.

جيڪڏهن انساني تاريخ جو مختلف دورن جي حساب سان مطالعو ڪيو وڃي ته اسان کي اهو به معلوم ٿيندو ته انساني اتهاس مختلف موسمن جو مجموعو رهيو آهي. انساني تاريخ ۾ هڪ موسم اهڙي به هئي، جڏهن پنڊتن، پادرين، پروهتن ۽ مذهبي پيشوائن انسانن جو ساهه مٺ ۾ سوگهو ڪري ڇڏيو هو. انساني تاريخ ۾ هڪ دور بغاوت جو آيو. انساني تاريخ ۾ هڪ دور سجاڳيءَ جو آيو. انساني تاريخ ۾ هڪ دور فڪر ۽ پوءِ ذڪر جي آزاديءَ جو آيو. هڪ دور تاريڪيءَ جو به هو. هڪ دور سائنس جي روشنيءَ جو هو. هڪ دور معصوم ملڪن تي قبضن ۽ قومن کي غلام بڻائڻ جو هو. هڪ دور مزاحمت جو هو. قومي آزادين جو هو. هڪ دور جاگرافيءَ تبديلين جو هو. هڪ دور انقلابن جو هو. هڪ دور گرم جنگ جو هو. هڪ دور سرد جنگ جو هو. هڪ دور سياسي سازشن جو هو. هڪ دور تباهيءَ، برباديءَ ۽ ماضيءَ تي ماتم ڪرڻ جو به آهي. اهو دور هن مهل به هلي رهيو آهي. جڏهن ته ان هلندڙ دور تي اڳوڻن دورن جا اثر به ٿيندا رهن ٿا.

تاريخ جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته هن مهل اسان کي هڪ وقفي بعد وري جنگ جي طرف ٿيندڙ پيش قدمي نظر ايندي. انسانن جي لاءِ هڪ هيروشيما ۽ هڪ ناگاساڪي ڪافي ناهي. انسانن لاءِ هڪ افغانستان ۽ هڪ عراق گهٽ آهي. انسانن کي وڌ گهرجي. انسانن کي جنگ جي وسامي ويل باهه کي ٻيهر ٻارڻ ۽ انهن هنڌن تي آگ لڳائڻ جو به شوق رهي ٿو، جتي اڳ ۾ ڪڏهن جنگ نه لڳي آهي.

ڇا شام جي گاديءَ واري شهر دمشق جي ايئرپورٽ تي تازو اسرائيلي حملو شام ۾ وسامي ويل جنگي شعلن کي ٻيهر ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ناهي؟ هن وقت جڏهن روس ۽ نيٽو جي وچ ۾ يوڪرين جي پراڪسي جنگ جاري آهي، تڏهن ان جي نبيري تي فوڪس ڪرڻ بدران جهڙي طرح مختلف ملڪن ۾ جنگ جا نوان محاذ قائم ٿي رهيا آهن، اهو سب ڪجهه اسان کي جنگ جي موسم جي آمد جو اطلاع ڏئي رهيو آهي.

چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ لداخ واري معاملي تي ڇڪتاڻ وارو اشو نئون ناهي پر ان ۾ جيڪا نئين پيش رفت ٿي رهي آهي، اها قابل غور آهي. ڇو ته ان معاملي تي ڪافي عرصو ماٺ رهڻ کان پوءِ آمريڪا وري مداخلت جو جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش رهيو آهي. آمريڪا هڪ طرف چين سان پنهنجي پراڻي ڇيڙڇاڙ ۾ اضافو آڻي رهيو آهي ۽ ٻي طرف هو لداخ جي معاملي تي ڀارت جي حق ۾ ۽ چين جي مخالفت ۾ بيان جاري ٿو ڪري، جنهن سان چين جو سک ڦٽي ويو آهي. چين آمريڪا کي نه صرف لداخ واري معاملي کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي آهي پر هن هانگ ڪانگ جي اشو تي آمريڪا کي سڌو سنئون چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته هانگ ڪانگ ۾ مداخلت جو مطلب سڌي سنئين جنگ هوندو. جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ چين جي طاقت جي تقاضا جو فطري مطلب اهو به آهي ته چين ۽ آمريڪا ۾ جنگ ڪڏهن به نه ٿي. جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي نيٽو ساٿين سميت به روس جو مقابلو ڪري نه ٿو سگهي ته پوءِ هو چين سان جنگ ڪيئن ڪندو؟ چين نه صرف معاشي پر تمام وڏي جنگي طاقت به آهي. ڇا آمريڪا کي معلوم ناهي ته چين وٽ هر اهو هٿيار يا ان هٿيار جو ٽوڙ موجود آهي، جنهن تي دنيا جو اڪيلو سپر پاور ناز ڪري ٿو. چين جي فوجي جاسوسي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. چين منڍ کان وٺي هڪ ڳجهو ملڪ رهندو آيو آهي. هو جيڪڏهن خلا ۾ پنهنجي طاقت جو جهنڊو جهولائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يا هو چين جي پٽن ۽ تمام بلند ساون پهاڙن ۾ اچرج جهڙيون شيشي جون پليون جوڙي ٿو ۽ هڪ دنيا کي پنهنجو معاشي مارڪيٽ بڻائڻ جي هر ڏينهن نئين جستجو ڪري ٿو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ڪو چين جنگي حوالي سان ڪجهه به نه ٿو ڪري.

چين جنگ جي سلسلي ۾ اڄ به پنهنجي ماسٽر “سن زو” جو قابل فخر شاگرد آهي. اهو سن زو جنهن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب “Art of War” يعني “جنگ جو فن” ۾ لکيو آهي ته جڏهن دشمن تيار هجي تڏهن ٽڙي پکڙي وڃو ۽ دشمن کي سدائين سرپرائز ڏيو. آمريڪا سان مقابلو ڪرڻ جي مستقل تيارين ۾ مصروف چين ڪڏهن به سک سان نه ويٺو آهي. چين جي نظر نه صرف آمريڪا پر آمريڪا جي انهن اتحادين تي به آهي، جيڪي هن جي ڀرپاسي ۾ رهن ٿا. جن ۾ ڀارت جو ذڪر سڀ کان اڳ ۾ اچي ٿو. ڀارت جا هڪ ئي وقت روس سان واپاري ۽ ڪجهه جنگي تعلقات به آهن ۽ ساڳي طرح سان هو آمريڪا کي به انگيج Engage رکندو پيو اچي. آمريڪا سان ڀارت جا جيڪي بچاءَ جا گڏيل منصوبا آهن، اهي بچاءَ جا گهٽ ۽ چين مٿان بڇ جا منصوبا وڌيڪ آهن. تازو ڀارت آمريڪا سان جيڪو سامونڊي ٺاهه ڪيو هو، اهو به ته چين جي لاءِ ڪنهن به طرح سان قابل برادشت نه هو. پر چين وقت جي نزاڪت ڏسي چپ رهيو. هونءَ به چين کي چپ رهڻ ۾ ڪا تڪليف نه ايندي آهي. چين آرام سان خاموشيءَ کي انجواءِ ڪري سگهندو آهي.

چين جي نظر پوري دنيا جي مٿان آهي. ڇو ته چين هاڻي آفريڪا تائين پنهنجي مارڪيٽ کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. ان سلسلي ۾ هن کي پنهنجي تحفظ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه داٻو به گهرجي. ان داٻي جي تقاضا اها آهي ته چين پنهنجن ترقياتي منصوبن مٿان دهشتگرد حملن جي امڪانن کي به روڪڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي. چيني ماڻهن جي مٿان پاڪستان ۾ جيڪي حملا ٿيا آهن، چين کي معلوم آهي ته اهي ڪنهن ڪيا آهن ۽ ڪنهن ڪرايا آهن؟ ان سبب چين جو پاڪستان ۾ جيڪو ڪم ڪار متاثر ٿيو آهي، چين هاڻي ان جي ڪسر به ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان چين ڪا نئين رٿابندي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ان جو مطلب اهو به ناهي ته ڪو چين جو هلندڙ ڦڏن ۽ فسادن تي ڪو موقف ناهي. چين جيڪڏهن يوڪرين جي معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ويٺو آهي ۽ تمام گهڻو پڇڻ تي اهو چئي رهيو آهي ته “يوڪرين روس جو داخلي معاملو آهي” تڏهن آمريڪا جي اندر ۾ تمام گهڻي غصي جون گهنٽيون وڄن ٿيون. ڇا آمريڪا کي معلوم ناهي ته چين روس سان ٻٽ آهي. آمريڪا وٽ هر ڏينهن ان معاملي جا نوان اطلاع آهن ته چين روس کي ڪهڙي طرح سگهه ۽ سهارو ڏئي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ چين تمام گهڻو پراعتماد آهي. هن جو موقف آهي ته پنهنجن مفادن جو تحفظ ڪرڻ هر ملڪ جو حق آهي.

پاڪستان جي مٿان ڪافي وقت کان وٺي اها تنقيد ٿيندي رهي آهي ته پاڪستان ٻين ملڪن سان لاڳاپن جي سلسلي ۾ تنها ٿي رهيو آهي. پاڪستان کي ان معاملي تي به مهڻا ملندا رهيا آهن ته هاڻي چين سان به هن جا تعلقات ساڳيا آهن. چين ۽ پاڪستان جي رشتن ۾ هاڻي اها شدت نه آهي، جيڪا اڳ ۾ هئي. جڏهن ته ملڪن جي لاڳاپن جي تاريخ اسان کي اهو به سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ملڪن جا رشتا به انساني رشتن وانگر لاهين ۽ چاڙهين مان لگهندا رهن ٿا. اها ڳالهه بلڪل واضح ۽ چٽي هئي ته ڪجهه وقت اڳ تائين چين جي ماڻهن مٿان پاڪستان ۾ جيڪي دهشتگرد حملا ٿي رهيا هئا، انهن تي چين کي تمام گهڻي چڙ هئي پر هن ڀيري پاڪستان جي فوجي قيادت جهڙي ريت چين جي فوجي قيادت سان پورا چار ڏينهن جيڪي ڳالهين جا دور هلايا آهن، انهن ڳالهين کان پوءِ جهڙي ريت چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دهشتگرديءَ جي خلاف جيڪي گڏيل تعاون وارا معاهدا ٿيا آهن، انهن ۾ صرف علائقائي نه عالمي معاملن لاءِ به علامتي پيغام آهي.

چين کي معلوم آهي ته دنيا جا ملڪ وري عالمي شطرنج تي پنهنجا پيادا نه پر هن ڀيري وڏا مهرا سوري پوري رهيا آهن. ان جو هڪ مطلب اهو به ٿيو ته چين کي “جنگ جي موسم” اچڻ جو اطلاع آهي. جهڙي طرح ماڻهو سرديءَ جي موسم ايندي گرم ڪپڙا ڪڍندا آهن ۽ گرم شيون هٿ ڪرڻ جي پلاننگ ڪندا آهن. ساڳي طرح سان ملڪ به “امن جي سردي” کان پوءِ ايندڙ “جنگ جي گرمي” جي تياري مختلف ملاقاتن ۽ مختلف سامانن جي خريداريءَ جي سلسلي ۾ پنهنجي سرگرمي ڏيکاريندا آهن ته جيئن عالمي سطح تي اهو پيغام سڀني ڏي وڃي ته هو به نئين موسم جي آمد جي سلسلي ۾ بيخبر ناهن. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ته دهشتگرديءَ خلاف گڏيل تعاون جا ڪيترائي ٺاهه ٿيل آهن. جڏهن ته هن ڀيري ايشيا جي ٻن اهم ۽ پاڙيسري ملڪن جي فوجي قيادت جي پاڻ ۾ ڊگهي ملاقات ٿي آهي ته ان ۾ ڇا ڇا زير بحث نه آيو هوندو؟

هن مهل اسرائيل جهڙي ريت عرب ملڪن سان پنهنجا سفارتي تعلقات قائم ڪندي به فلسطينن جي مٿان ظلم جي بازار گرم ڪري ويٺو آهي، ان جا نه رڳو وچ اوڀر پر هن خطي تي به اثر پوندا. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اسرائيل ايران جي مٿان الزام هڻي دمشق تي حملو ڇو ڪري ها؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button