ڪجهه عرصي کان نواز ليگ جي حڪومت ملڪي معاملا هلائي رهي آهي. عمران خان نيازي جهڙي ريت ملڪ ۾ سياسي بحران پيدا ڪري پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ سڀڪجهه داءُ تي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان مان ته ملڪ نڪري ويو پر گذريل حڪومت معيشت جي جيڪا تباهي ڪئي، ان جا آفٽر شاڪس اڃا به محسوس ڪري سگهجن ٿا. پي ٽي آءِ پنهنجي نا اهل حڪومت جي اقتدار نيڪاليءَ لاءِ پهرين آمريڪي سازش واري ڳالهه ڪئي، ان کان پوءِ جڏهن اهو سلسلو گهڻي وقت تائين نه هلي سگهيو ته عمران خان نيازي چوڻ شروع ڪيو ته نيوٽرلز کي هن وقت نيوٽرل رهڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي. پر هو سدائين اهو وساري ويهندو آهي ته ملڪي تباهيءَ ۾ هن جو حصو پتي آهي. سندس دور ۾ ڪئين تباهيون ٿيون ۽ هڪ آمر وانگر هو پنهنجو پاڻ کي اڇي ڪاري جو مالڪ سمجهڻ لڳو. هو جيڪا سازش سٽي رهيو هو، ان ۾ جڏهن کيس ناڪامي ٿي ته هو اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، جيڪو هڪ عقل رکندڙ ماڻهو ڪونه ڪندو آهي. سندس بيانن سان ملڪي سلامتيءَ کي به خطرا ٿيڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته سياستدان ڪي راز ڪڏهن به پنهنجي واتان بيان ڪونه ڪندا آهن. پر عمران خان نيازي سڀ ليڪا لتاڙي ويو.
سياست جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي وڏو رانديگر سمجهندڙ عمران خان کان اهو وسري ويو ته ڪرڪيٽ ۾ به هو هڪ اوريج رانديگر هو. سندس زماني ۾ هن کان وڏا رانديگر موجود هئا. پر جيئن ته سياست ۾ ڪجهه به ممڪن آهي، تنهنڪري ڏهن سالن تائين پنهنجو پاڻ کي اقتدار ۾ جيئرو رکندڙ عمران خان نيازيءَ جا هاڻ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن تائين واپسيءَ جا امڪان ڪونه آهن، تيساتين دنيا جو نقشو گهڻو ئي تبديل ٿي ويندو. جيڪڏهن ملڪ ۾ سياسي تجربن جو جائزو وٺجي ته سڀ کان خراب ترين تجربو عمران خان نيازي وارو رهيو. جنهن هن جي شخصيت، سندس نرگسيت ۽ ضد کي بنهه وائکو ڪري ڇڏيو. جنهن جي ڪري هن کي اپوزيشن پارٽيون ته شڪست نه ڏئي سگهيون پر پنهنجي هٺ ۽ ضد جي ڪري پنهنجو پاڻ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
هاڻوڪي حڪومت کان پوءِ به عوام جي حالت بهتر ناهي ٿي، ان کي سسٽو اٽو ڪونه ٿو ملي. بيروزگاري ساڳي آهي، معاشي صورتحال کي ڪو چاڙهو ڪونهي. سياسي اڪيلائيءَ ۾ ڪا اڳڀرائي ڪانه ٿي آهي ۽ نه ئي وري ڪي اهڙا معاشي پيڪيج مليا آهن، جن وسيلي صورتحال بهتر ٿي سگهي. هي حڪومت اڃا به مهانگائي وڌائڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته عمران خان نيازي معاشي بارودي سرنگون وڇائي ويو هو، جنهن جي ڪري اهي فيصلا اڻٽر آهن. جيڪو ملڪ آءِ ايم ايف جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦُاٿل هجي ۽ پنهنجي دفاع لاءِ اربين کربين روپيا رکندو هجي، ان کان سواءِ ان جي معاشي صلاحيت اها هجي جو ڪڻڪ اپائيندڙ ملڪ هوندي به اهو ٻاهران ڪڻڪ گهرائي ته ان جو مطلب اهو آهي، ان جي معاشي صورتحال بهتر ٿيڻ ممڪن ناهي.
هاڻوڪي حڪومت اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اها ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو رليف ڪانه ڏيندي، تنهنڪري عوام لاءِ ساڳي ماني ساڳ سان ئي رهندي. مهانگائي وڌائي ڪيتري وقت تائين ملڪ کي هلائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ قرض تي ڀاڙيندڙ ملڪن جو حال سريلنڪا جهڙو ٿيندو آهي. سريلنڪا جي هاڻوڪي معاشي حالت کان اڳ ۾ ان پاڪستان کان قرض کڻڻ جو فيصلو ڪيو هو. قرض تي هلندڙ ملڪ کان قرض گهرندڙ ملڪ جو نيٺ ڏيوالو نڪري ويو. تنهنڪري جيڪي برايون اسان کي سياست يا جمهوري نظام جون ٻڌايون وڃن ٿيون، اهي ان نظام جون نه آهن پر اهي ان نظام جون آهن، جيڪو ملڪي معيشت جي تباهي جو ڪارڻ آهي.
اڄ ڏينهن تائين ڪهڙي سياستدان کي اها اجازت آهي جو هو پرڏيهي پاليسي بابت آزاديءَ سان ڪي فيصلا ڪري سگهندو هجي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن پاڙيسري ملڪ سان واپار ڪرڻ جي ڪنهن سياسي حڪومت کي اجازت ڪانهي، جنهن جي ڪري نه ملڪي واپار ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي نه ئي پاڙيسري ملڪن سان ڪي واپاري لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. ملڪ ۾ هن وقت ٻين وڏون وڏن بحرانن مان هڪ وڏو بحران توانائيءَ جو بحران آهي، جنهن لاءِ ڪابه حڪومت آمريڪا جي موڪل کان سواءِ ڪنهن ٻئي ملڪ کان گئس يا پيٽرول خريد نٿي ڪري سگهي. ايران کان گئس پائيپ لائين واري رٿا اڄ به رولڙي جو شڪار لڳي پئي آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ گئس جي کپت وڌي پئي ۽ گئس ڏينهون ڏينهن اگهن ۾ وڌي رهيو آهي. بجلي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون هاڻي عوام جي پهچ کان پري ٿينديون پيون وڃن.
ملڪ ۾ ڪرپشن جو راڳ آلاپيو ٿيو وڃي، هر حڪومت ڪرپشن جي ڪري گهر ڀيڙي ٿيندي رهي آهي، پر ڪرپشن دنيا جي هر سماج ۽ هر ملڪ ۾ موجود هوندي آهي، ان کي رڳو ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ اهڙا مڪينزم جوڙيا ويندا آهن ته جيئن ان کي گهٽائي سگهجي. ڀارت دنيا جي وڏي جمهوريت چورائيندڙ ملڪ آهي، اتي به ڪرپشن جا وڏا وڏا اسڪينڊل سامهون ايندا آهن. پر تنهن هوندي به هيڏي وڏي آبادي واري ملڪ کي لهر نڪو لوڏو. اهو هٿيار خريد ڪري ٿو. روس سان ياري اٿس ته آمريڪا سان به دوستي نڀائيندو اچي، پنهنجي پراڻي دشمن چين سان به واپار ڪندو پيو اچي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترائي سرحدي تڪرار به هلندڙ آهن. تنهنڪري ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڪنهن هڪ تڪرار تي ختم نه ٿي ويندا، پر انهن تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ جتي جتي به ڪا گنجائش نڪرندي آهي، ان سلسلي کي اڳيان وڌايو ويندو آهي.
هاڻ ته عرب ملڪ اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهن، اسرائيل سان واپار ڪرڻ کان وٺي ٻيا ڪيترائي معاهدا ڪيا وڃن ته جيئن دنيا ۾ تڪرار کان بچي سگهجي. پر پاڪستان ۾ جيڪي تڪرار ڏهاڪن کان هلي رهيا آهن، اهي اڃا تائين ساڳي نوعيت جا آهن، انهن ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آئي آهي. هن ملڪ ۾ دولت جي ورڇ رڳو هڪ خاص طبقي تائين محدود آهي، ان ڪري نه ملڪ مان غربت جو خاتمو ٿي پيو سگهي ۽ نه ئي ڪي صنعتي زون تيار ٿي رهيا آهن. ان کان سواءِ جمهوري ادارن کي ڪيترو آزاد ڇڏيو ويو آهي. اهي پنهنجي اختيار ۾ رهندي به بي اختيار آهن. جڏهن انهن ادارن کي آزاديءَ سان فيصلو ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ته ان جو مطلب اهو آهي طاقت جو محور ڪو ٻيو آهي ۽ اسين سڀ ڄاڻو ٿا ته طاقت جو محور ڪمپني بهادر آهي.
ملڪ کي درپيش خطرن جو تعلق رڳو دفاع سان ناهي، بلڪه انهن تضادن سان به آهي، جيڪي هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيا آهن. اهي تضاد ملڪ ۾ آباد انهن قومن سان واڳيل آهن، جيڪي هن ملڪ جون خالق آهن. تنهنڪري انهن جي آواز کي ٻڌڻ جي ضرورت آهي. انهن کي زخم ڏيڻ بدران انهن جي ڦٽن تي پها رکڻ جي ضرورت آهي. پر هيستائين اسان کي اهو ئي نظر اچي رهيو آهي ته عوام جڏهن ڪو پنهنجن حقن جي ڳالهه ڪري ٿو ته انهيءَ کي ڏنڊي جي زور تي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، نتيجي ۾ جيڪي مسئلا اڄ کان ڪئين ڏهاڪا اڳ حل ٿيڻ گهرجن ها، اهي جيئن جو تيئن موجود آهن. ملڪ طاقت جي زور تي مسئلن مان نه نڪري سگهندا آهن پر اهي عوامي راءِ جو احترام ڪندي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ سان پار پوندا آهن.