پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ جيڪي ڏاهپ جا ڏس پي ٽي آءِ جا وزير ڏيندا هئا، ان تي جڏهن عوامي ردعمل ايندو هو ته اهو سخت هوندو هو ۽ ان ردعمل ۾ نواز ليگ جي سياسي قيادت به شامل هوندي هئي، جڏهن پي ٽي آءِ جا اڳواڻ عوام کي ماني گهٽائڻ کان وٺي کنڊ گهٽ استعمال ڪرڻ جا مشورا ڏيندا هئا. پر هاڻ ملڪ ۾ نواز ليگ جي حڪومت آهي. پر جيڪا بيان بازي نواز ليگ جي اڳواڻن پاران ٿي رهي آهي، سا پي ٽي آءِ جون سڪون لاهي رهي آهي. عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران هاڻوڪي حڪومت عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جو ڪم ڪري رهي آهي. هن حڪومت کان مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. تنهنڪري اها عوام کي خرچ گهٽائڻ وٺي ضرورت جون شيون گهٽ استعمال ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهي آهي.
وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته جڏهن حڪومت ڇڏينداسين ته ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو هوندو، حڪومت جي سخت فيصلن جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان آيل حڪومت کي ڦاسائڻ لاءِ پيٽرول تي سبسڊي ڏني، جڏهن اسان 2018ع ۾ حڪومت ڇڏي هئي ته قرض 1500 ارب روپيا هو ۽ هاڻي قرضن جي ادائگي 4 هزار ارب روپيا آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان عوام دشمن معاهدو تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪيو، ان معاهدي تي حفيظ شيخ صحيح ڪئي، اسان کي پي ٽي آءِ ۽ قومي حڪومت جي خبر ناهي پر پاڪستان جي ناڻي واري وزير ان معاهدي تي صحيح ڪئي آهي ۽ هاڻي موجوده حڪومت کي اڳتي وڌڻو پوندو. جيڪڏهن اسان ان معاهدي تي عملدرآمد نه ڪريون ته ملڪ جي معيشت وڌيڪ خراب ٿيندي. اتحادي حڪومت جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ هو ۽ حڪومت جي سخت فيصلن جو مقصد ملڪي معيشت کي بچائڻ آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي عروج تي آهي، جنهن ڪري عوام کاڄرو تيل، چانهن سميت جيڪي شيون آمدني واپار ڪيون پيون وڃن، ان جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻين. هن چيو ته واپاري برادريءَ هر ڏُکيءَ صورتحال ۾ حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته عوام کي ضرورت جون شيون گهٽ استعمال جا مشورا ڏيڻ بدران وزير ۽ وفاقي ڪابينه پنهنجا خرچ گهٽائين ته ملڪي معيشت تي وڏو فرق پئجي سگهي ٿو.، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ان کانسواءِ مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جو لائحه عمل جوڙيو وڃي.
پوليو ڪيس
افغانستان کان پوءِ پاڪستان اهڙُو ملڪ آهي، جتي اڃا به پوليو جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم ڏهاڪن کان هلندڙ آهي. پر تنهن هوندي به هر سال پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. جڏهن به اهڙا ڪيس ظاهر ٿين ٿا ته ان مان ائين لڳندو آهي ته ملڪ جا ادارا ۽ حڪومت پوليو جي خاتمي ۾ سنجيده نه آهن، پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ دنيا ۾ ناڪاري تاثر وڃي ٿو. جڏهن ته سڄي دنيا هن وقت پوليو جهڙي خطرناڪ مرض مان پاڻ کي آجو ڪرائي چڪي آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا کي صحتمند ٻارن جي ضرورت آهي، جيڪي اڳيان هلي دنيا ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن. پر اسان وٽ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين ٻارن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ نٿا چاهيون. ٻه ڏينهن اڳ پوليو جا ٻه ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
اتر وزيرستان ۾ وڌيڪ ٻن پوليو ڪيسز جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي موجب هلندڙ سال پوليو جا سڀ ڪيس اتر وزيرستان مان سامهون آيا آهن. صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جو چوڻ آهي ته پوليو جي خاتمي بابت مهم جاري آهي، اتر وزيرستان ۾ پوليو پکڙجڻ کانپوءِ پوليو پروگرام جي هي ٽين مهم آهي، وائرس جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته والدين لاءِ لازمي آهي ته هو پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا ٻارن کي پيارين. پوليو جي ويڪسين جي حوالي سان ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ماڻهن وٽ ڪيترائي غلط تاثر موجود آهن، جنهن جي ڪري اهي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان پرهيز ڪندا آهن. ڪٿي نه ڪٿي ڪيس ظاهر ٿيڻ عام جام ٿي ويو آهي. پر هاڻ پوليو جا ڪيس اتر وزيرستان ۾ ظاهر ٿي رهيا آهن.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ ۾ موجود هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ضروري آهن. ان حوالي سان جيڪي به رنڊڪون آهن، انهن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي. ڇو ته جيستائين ملڪ کي پوليو فري نه ڪيو ويندو، تيستائين عالمي سطح تي پاڪستان لاءِ پريشانيون وڌنديون وينديون.