ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ميٽا ورس – II

Editorial-Article-Kareem Channa

ميٽاورس ۽ ڪم جو مستقبل:
جينءَ ميٽاورس نظريو بلاڪ چين ٽيڪنڪ وسيلي اهل بڻجي Web3 ٽيڪنڪ جي هيئت وٺڻ شروع ٿي رهيو آهي ان ريت اهو واضح آهي ته مستقبل وارو ميٽاورس اسان جي حقيقي دنيا سان ڪيترن ئي رخن وسيلي ساڳيو هوندو ۽ ايتريقدر جو ڪجھه حقيقي دنيا وارين سرگرمين جي جاءِ پڻ والاريندو.
ميٽاورس اڄ ۽ ايندڙ زمانن ۾:
جديد ٽيڪنڪ ۽ فني طريقن جي شوقينن لاءِ ميٽاورس هڪ نرواڻ پيش ڪندڙ آهي: هڪ اهڙي جاءِ جٿي اوهان پاڻ کي ڊجيٽل دنيا ۾ اڀاري سگهو ٿا، ۽ ڪنهن به وقت طبعي حقيقت physical reality ۾ شرڪت ڪري سگهو ٿا (۽ ڪنهن به شيءِ کي ڏسي ۽ محسوس پڻ ڪري سگهو ٿا، توڙي جو توهان ان حقيقي جڳھه کان هزارين ميل پري هجو).
گذريل سالن ۾ انٽرنيٽ گهڻي اوسر ڪئي آهي ۽ ان ارتقا جو نتيجو ميٽاورس metaverse آهي. اسان هڪ اهڙي دور ۾ رهون پيا جٿي انساني تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم تبديلي هلي رهي آهي، ۽ اسان جون حقيقي زندگيون ميٽاورس جي ردِ عمل سان سهيڙيل آهن.
هيءَ ورچوئل حقيقت (يا وري وڌايل حقيقت) واري ڪائنات آهي جيڪا انسان کي مجازي طور سماجي رابطا جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ميٽاورس جو اصطلاح نيل اسٽيفنسن Neal Stephenson کان 1992 ۾ هڪ سائنس فڪشن ناول Snow Crush ۾ استعمال ڪيو ويو هو. ان ناول ۾ هن زندگيءَ جهڙا اوتار تصور ۾ آندا جيڪي حقيقي ٿري ڊي (3D) عمارتن ۽ ٻين مجازي حقيقي ماحولن ۾ ملندا هئا. پر هن ورچوئل دنيا virtual world اصل سڃاڻپ تڏهن ماڻي جڏهن فيسبوڪ (جيڪو هاڻي ميٽا Meta طور سڃاتو وڃي ٿو) ان ورچوئل دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۽ کيڏڻ لاءِ پنهنجي ڏاهپ ڀري بصيرت بيان ڪرڻ لاءِ ان سائنس فڪشن واري اصطلاح ميٽاورس تان ورتل اها نئين عرفيت/نالو ماڻي.
عددي معيشت پڻ ميٽاورس ۾ وڌي رهي آهي. هاڻي هڪ اڪيلو فرد شيون تيار ڪري، خريدي ۽ وڪڻي سگهي ٿو. ميٽاورس جي وڌيڪ مثالي ڏاهپ واري بصيرت ۾ اها ڄاڻ تبديل ڪرڻ ۽ ڄاڻ مان فائدو وٺندڙ (interoperable) آهي، جيڪا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لاءِ مجازي شيون virtual things جهڙوڪ ڪپڙا وغيره خريدڻ جي اجازت ڏئي ٿي. ان ريت ڪو فرد ڪنهن مال mall تان هڪ قميص خريدي سگهي ٿو ۽ اها پهري سئنيما ۾ فلم ڏسڻ وڃي سگهي ٿو.
ميٽاورس فرد کي سندس شخصيت ۾ اختيار ڪيل ڪردار تخليق ڪرڻ جي به اجازت ڏئي سگهي ٿي، فرد اهو اختيار ڪيل ڪردار هر هنڌ ائين سولائيءَ سان کڻي وڃي سگهي ٿو جيئن هڪ جاءِ تان پروفائيل تصوير کڻي ٻي جاءِ تي رکبي آهي.
اهو به ذهن ۾ رکجي ته جڏهن دنيا اندر ڪووڊ وبا هاڃا ڪيا ۽ معيشتن کي ٺپي ڇڏيو ته اها انٽرنيٽ ۽ گهر ويٺي ڪم ڪرڻ Work from Home جهڙين حرفتن technics جي مدد ئي هئي جن ڪمپنين کي ٻڏڻ کان نه فقط بچايو پر تيزيءَ سان وڌڻ ۾ مدد به ڪئي. ڪووڊ وبا کانپوءِ تعليم سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تيزيءَ سان تبديليون آيون آهن ۽ اهي شعبا وڌيڪ فن ۽ ٽيڪنڪ سان وڌيڪ ڀرپور ٿيا آهن.
مستقبليت ۽ سائنس ۾ ميٽاورس هيڪلي، عالمي ۽ ڪامل ذهني مصروفيت واري ورچوئل دنيا واري انٽرنيٽ جو ورجاءُ آهي، جيڪا ورچوئل ريئلٽي VR، وڌايل حقيقت (AR) Augmented Reality، گڏيل حقيقت (MR) Mixed Reality، توسيعي حقيقت Extended Reality (XR)، گهڻ وجودي حقيقت Multisensory Reality ۽ مصنوعي حقيقت Simulated Reality جي استعمالن کان سهولت ڏنل آهي. ڳالهھ ٻولهھ جي استعمال ۾ ميٽاورس ٿري ڊي 3D ورچوئل دنيائن جو هڪ اهڙو ڄار آهي جيڪو سماجي رابطي تي ڌيان مرڪوز ڪري ٿو.
اڳواٽ ئي ڪجھه نان فنجيبل ٽوڪن Nonfungible Token (هڪ نان فنجيبل ٽوڪن (NFT) محفوظ معاشي ملڪيت آهي جيڪا بلاڪ چين ۾ جمع ٿيل ڊجيٽل ڊيٽا آهي. NFT جي ملڪيت بلاڪ چين ۾ محفوظ ڪيل هوندي آهي ۽ مالڪ کان منتقل ٿي سگهندي آهي. ان ريت NFT کي وڪري ٿيڻ ۽ واپار ڪرڻ جي اجازت پڻ ڏنل هوندي آهي.) جو ميٽاورس وڪرو ڪندڙن پنهنجي NFT کي ڪجهھ ميٽاورس راندين جهڙوڪ ڪپڙن ۽ جوتن ۾ استعمال لائق بڻائي وڌو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين ڪيترين شين کي ان دائري ۾ آڻڻ جي منصوبابندي ٿي رهي آهي.
ان ريت NFT جوشيلن جو هڪ وڌندڙ تعداد پڻ انهن ورچوئل دائرن ۾ اهڙين راندين کي وڪڻڻ ۽ مسواڙ تي ڏيڻ جا موقعا ڳولي رهيو آهي. مستقبل جو ميٽاورس ورچوئل معيشت virtual economy جي واڌ جو هڪ وڏو تعاون ڪندڙ جز بڻجي سگهي ٿو، جيڪو وڊيو گيمز ۽ مجازي دنيائن تي مشتمل آهي ۽ جٿي رخني پوڻ جو ذري گهٽ ڪو سوال ئي ناهي.
ان ريت صارف/استعمال ڪندڙ ۽ ٺاهيندڙ ٻئي گهڻو ڪجھه حاصل ڪن ٿا ۽ اهو پڻ وڌي سگهي ٿو جيڪڏهن NFT راندين وارين شين ۾ تشڪيل ڏنل آهن ته مجازي معيشت جي مقامي خودمختياري سچ بڻجي وڃي ٿي.
اڄ اسان کي اڳواٽ ئي ميٽاورس جو هڪ تازو پيدا ٿيندڙ نمونو پڻ سامهون آهي جيڪو ڪرپٽو ڪرنسي crypto currency جي سيڙپڪارن ۽ گراهڪن جهڙين عددي شين سان وجود رکي ٿو.
ميٽا Meta جهڙن مکيه کيڏاڙين players جو هن هنڌ داخل ٿيڻ ۽ اعتماد سان اشارو ڪرڻ هڪ نئون مستقبل ٿي سگهي ٿو. هي گراهڪن ۽ سيڙپڪارن اڳيان ساڳي ريت قدر جي ڪشادن موادن کي کولي ظاهر ڪندو.
ميٽاورس جو مستقبل به کليل نموني هلائڻ واري خيال تي مشتمل آهي، جيڪو لڳ ڀڳ ڪنهن به اڪيلي طبقي يا ڪمپنيءَ کان خلل وڌو وڃڻ کانسواءِ هلي ٿو. اهو به ذهن ۾ رکجي ته ميٽا Meta ۾ حصو وٺندڙ ۽ ٺاهيندڙ سموري دنيا منجهان هوندا ڇاڪاڻ ته وڌيڪ ڪمپنين جا دڪان هلندڙ دور جي انٽرنيٽ جيان ڪشادي ميٽاورس تي کلڻ لاءِ تيار آهن.
)پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button