ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غربت جي خاتمي جون دعوائون

Editorial-Article-Asar Imam

پري کان ويهي ڏسڻ يا وري سرمائيدارن جي مڪمل ڪنٽرول ۾ هلندڙ ميڊيا جي ذريعي معلومات وٺي ان تي يقين ڪندڙن لاءِ ته آمريڪا هڪڙو آئيڊيل ملڪ ۽ معاشرو آهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. آمريڪا اندر اڻ برابري سڀ کان وڌيڪ آهي. عوام تي ظالماڻي حد تائين سخت ٽيڪس مڙهيل آهي. ايتري جو اسان سوچي به نه ٿا سگهون. ان کان علاوه بينڪارن ۽ وڏن ڪاروباري سرمائيڪارن کي عوام جي پيسن منجهان سبسڊي به ايتري بلند شرح تي ڏني وڃي ٿي جو اسان جي ترقي پذير ملڪن ۾ ته ان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. آمريڪي ميڊيا جيئن ته سرمائيدارن جي ڪنٽرول ۾ آهي ان ڪري اها ٻڌائي ٿي ته سرمائيدار 67 کان 72 سيڪڙي تائين ٽيڪس ادا ڪن ٿا يعني ڪل گڏ ٿيل ٽيڪس جو 67 کان 72 سيڪڙو تائين سرمائيدارن کان ورتل هوندو آهي جڏهن ته آزاد ذريعا ۽ ادارا پنهنجي سروي ۾ ٻڌائن ٿا ته انهن سرمائيدارن جي حصيداري 14 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندي آهي. ان جي ابتڙ سندن فيڪٽرين ۽ ڪاروباري ادارن ۾ ذهني ۽ جسماني پورهيو ڪندڙ مزدورن پاران جمع ٿيندڙ ٽيڪس 25 کان 30 سيڪڙو تائين هوندي آهي. آمريڪا جي انٽرنل روينيو سروس چواڻي امير ماڻهو هر سال 458 ارب ڊالرن جي ٽيڪس چوري ڪندا آهن. اهڙيءَ ريت آمريڪا جون سڀ کان وڏيون ڪارپوريشنون ملڪ کان ٻاهر لڳ ڀڳ اڍائي کرب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن جتي کين يا ته ٽيڪس بلڪل نه ٿي ڀرڻي پوي يا وري ان جو تناسب نالي ماتر آهي. اتي اچي اهو ثابت ٿئي ٿو ته پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪريو واري اخلاقي درس ۽ تبليغ کان وڌيڪ سگهه ان مالي فائدي ۾ آهي جيڪو ٽيڪس ڇُوٽ ڏيندڙ ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان سلهاڙيل آهي. بلوم برگ جي دعوى آهي ته ڪورونا بحران واري زماني ۾ آمريڪي سرمائيدارن 14 کرب ڊالرن کان وڌيڪ ڪمايو. اسان وٽ به عام تصور اهو آهي ته امير ماڻهو وڌيڪ ٽيڪس ڀريندا آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. امير ماڻهو ان وقت ئي ٽيڪس ڀري سگهن ٿا جڏهن حڪومت غريبن جي هجي. اميرن جي حڪومت ۾ اميرن کي ٽيڪس ڇالاءِ ڀرڻي پوندي. ان جي ابتڙ انهن کي ٽيڪس ۾ رعايت، بجلي، گيس وغيره جي قيمتن ۾ رعايت هوندي آهي. هتي ٽيڪس ڀرڻ وارو سڀ کان وڏو حصو ملازم پيشه ماڻهو آهن جيڪي حڪومت وٽ هٿيڪا آهن. حڪومت سندن پگهارن منجهان سندن مرضي معلوم ڪرڻ کان سواءِ ئي جيترو چاهي ڪٽوتي ڪري سگهي ٿي. مٿي بيان ڪيل اداري جي رپورٽ ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته 93 لک خاندانن جي بينڪن ۾ رکيل رقم يا سونا زيور نيلام ڪري لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ آمريڪي شهرين کي سندن ملڪيتن کان محروم ڪيو ويو. ان سموري ڪهاڻيءَ پٺيان ناجائز طريقي سان ڪٽوتيون ڪرڻ يا وري قرض جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائي ماڻهن کي پريشان ۽ پوءِ ڪنگال ڪرڻ شامل آهي. جهڙي نموني اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو آهي. جڏهن توهان قرض وٺندا آهيو تڏهن توهان کي خراب ۽ خطرناڪ شرط کولي نه ٻڌايا ويندا آهن. اهي هميشه سنهڙن اکرن ۾ لکيل هوندا آهن ته جيئن توهان قرض کڻڻ مهل پڙهي نه سگهو. هر قسم جي ناجائزيءَ کان پوءِ به ان مختصر عبارت ۽ باريڪ ترين فانٽ ۾ لکيل هوندو آهي شرائط اور ضوابط لاگو هين. يعني قرض ڏيندڙ جي مرضي هوندي ته اهو جهڙا چاهي توهان تي شرط لاڳو ڪري سگهي ٿو. توهان جيئن ته قرض ورتو آهي ان ڪري توهان کي اهي شرط هر حال ۾ قبول ڪرڻا پوندا. آمريڪا ۾ ان سطح جا فراڊ ڪرڻ باوجود جي پي مورگن وغيره جي سطح جي وڏن سرمائيدارن بس ڪجهه معمولي رقم ڏنڊ طور ادا ڪئي باقي انهن منجهان جيل ۾ ڪوئي نه ويو. ان جي ابتڙ سندن ان فراڊ جي ڪري ڪروڙين آمريڪي شهري بي گهر ۽ ڪنگال بڻجي ويا. سرمائيدارن توڙي سندن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي ڏهاڙي آمدني انهن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي ڏهاڙي آمدنيءَ جي مقابلي ۾ هزار ڀيرا وڌيڪ آهي. والمارٽ جهڙو آمريڪي ادارو ساليانو 16 ارب ڊالرن تائين نفعو ڪمائي ٿو جڏهن ته اهو پنهنجي ملازمن کي هڪ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي مزدوري 10 کان 13 ڊالرن تائين ادا ڪري ٿو جيڪا تيسيتائين معمولي مزدوري آهي جيسيتائين توهان ان کي پاڪستاني ڪرنسيءَ ۾ تبديل ڪري نه ڏسو. والمارٽ کي آسرو هوندو آهي ته سندس ملازم ۽ پورهيت آمريڪي سيلانيءَ جي دسترخوان تان ماني کائيندا ۽ صحت ڪارڊ ذريعي علاج ڪرائيندا. يعني اهي ويچارا به هڪڙي طرح بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پلجندا رهندا آهن. جڳ مشهور ڪاروباري ڪمپني ايمزون جي سالياني نفعي جي شرح 80 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي پر ان جي ملازمن کي به هڪڙي ڪلاڪ جا 12.5 ڊالر ئي ملندا آهن. اهڙي مزدور جي ڏهاڙي پاڪستاني ڪرنسيءَ جي لحاظ کان ته ويهه ٻاويهه هزار روپيا ٿي وڃي ٿي پر آمريڪا ۾ سو ڊالر ڏهاڙي ڪمائڻ وارو پنهنجون ڪهڙيون ڪهڙيون ضرورتون پوريون ڪري سگهندو. ان معاشري ۾ اها تمام ٿوري رقم آهي.
آمريڪا هجي توڙي پاڪستان، اڻ برابري ٽيڪنالاجي يا تعليم جي ترقيءَ جي ڪري نه پر نفعي جي شرح جو بلند هجڻ ۽ اجرتن جو گھٽ هجڻ ڪري پيدا ٿي رهي آهي. آمريڪا ۾ سو ڊالر روزانو ڪمائڻ واري کي اوور ٽائيم به ڪرڻو پوي ٿو. اهو ٽيڪس جي صورت ۾ تعليم، صحت ۽ سيڪيورٽي وغيره جي لاءِ قيمت ادا ڪري ٿو. حڪومت وري جيئن ته پورهيتن بجاءِ سرمائيدارن ۽ وڏن واپارين يا سندن نمائندن جي آهي ان ڪري اها عوام کان اوڳاڙيل رقم سبسڊي جي نالي ۾ سرمائيدارن جي حوالي ڪندي رهندي آهي. واپار ۾ نقصان کائيندڙ يا اهڙو ڍونگ ڪندڙ واپارين ۽ سرمائيدارن کي سهارو ڏيڻ لاءِ قرض ڏيڻ، قرض معاف ڪرڻ يا توانائيءَ توڙي ٽيڪس جي مد ۾ ڇُوٽ ڏيندي آهي.
2016 ۾ آڪسفيم جي پيش ڪيل رپورٽ موجب دنيا جي اڌ آباديءَ وٽ جيتري ملڪيت هئي ان جي برابر رڳو 62 امير ترين ماڻهن وٽ آهي جيڪي 2010 ۾ 388 فرد هئا. يعني امير ترين ماڻهن جو تعداد به گذرندڙ وقت سان گڏ گھٽ ٿيندو پيو وڃي جنهن منجهان اهو ثابت ٿئي پيو ته سرمائيداري شروع ۾ جنهن آزاد مقابلي ۽ آزاد منڊيءَ جي ڳالهه يا دعوى ڪندي آهي اها بعد ۾ هڪ هٽي قائم ڪرڻ واري رستي تي هلي پوندي آهي. امير ترين ماڻهو سوچڻ ۽ ان سوچ تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ته دنيا ۾ ان سان ڪلهو هڻڻ وارو ٻيو ڪوئي نه هجي. ساڻس مقابلو ڪرڻ وارو ڪوئي نه هجي. ونڊي ورهائي کائڻ ته پري رهيو پر هُو اهو به برداشت نه ڪندو آهي ته جهڙي نموني هُو پاڻ آسودو آهي، ڪو ٻيو به آسودو هجي.
سامراجي سرمائيدار ادارن ۽ شخصيتن وٽ غربت جو حل وڌيڪ بيروزگاريءَ ۾ آهي. قومي ادارن کي نجي ملڪيت طور وڪڻڻ ۾ آهي. ڊائون سائيزنگ ۾، سبسڊي ختم ڪرڻ ۾، ويلفيئر فنڊن کي گھٽائڻ ۾ سڀ ڪنهن جي ڀلائي سمايل آهي. حقيقت اها آهي ته اهڙين اٽڪلن سان غريبن جو خاتمو ٿي رهيو آهي غربت جو نه. حالانڪه انساني سماج حيواني سماج کان مختلف ئي ان سڃاڻپ سان آهي ته حيواني سماج ۾ جيڪو هيڻو هوندو آهي سو بچي نه سگهندو آهي. ڪنهن نه ڪنهن جو کاڄ بڻجي ويندو آهي. پر انساني سماج ان جي ابتڙ هيڻن جي همراهيءَ جو نالو آهي. انساني سماج ۾ جيڪڏهن ڪير گپ ۾ ترڪي ڪري پوي ته ان کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري کائي نه ڇڏبو آهي پر سندس سهارو بڻجي کيس مٿي اٿاربو آهي. جيڪڏهن سندس ٽنگ يا ٻانهن ڀڄي پئي آهي ته ان جو علاج ۽ ٽهل ٽڪور ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن انساني سماج ۾ ائين نه ٿي رهيو هجي ته سمجهبو اهو انساني نه پر حيواني سماج آهي. تهذيبي طور تي ايتري ترقي ڪرڻ ۽ خوشحاليءَ جون اعلى منزلون ماڻڻ کان پوءِ، جديد ترين علم ۽ ٽيڪنالاجي هٿ ڪرڻ کان پوءِ به انسان انسانيت حاصل نه ڪري سگهيو آهي.
غربت ۽ بدحالي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي مجبور ڪري رهي آهي ته اهي شهرن جو رخ ڪن. جتي روزي روٽي ڪمائڻ جا مختلف وسيلا ۽ ذريعا موجود آهن پر شهرن ۾ اچي اهي ڳوٺاڻي صاف سٿري آب هوا وڃائي ماحولياتي گدلاڻ سان ڀريل ماحول ۾ اهڙي زندگي جيئندا آهن جيڪا حيوانن لاءِ به مناسب نه هوندي آهي. ٻهراڙين کان شهرن ۾ ڪمائڻ لاءِ آيل ماڻهو بجلي، پاڻي، گيس، هوا، اُس وغيره تي ڪوئي حق نه رکندا آهن. جيڪو ٿورڙو ڪمائيندا آهن ان کان گھڻو نقصان پرائيندا آهن.
آخري ڳالهه اها ته موجوده سرمائيداراڻو سماجي معاشي سرشتو رڳو پنهنجو پاڻ کي تاتڻ پالڻ، پنهنجو پيٽ ڀرڻ سِکيو آهي. ان جي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته بس اهو دائم قائم رهي. سموري دنيا جو عوام پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي به ان جي حفاظت ڪري اهو ئي سبب آهي جو اسان جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندڙ ناڻي جي وزير محترم جي واتان اها ڳالهه نڪري وئي هئي ته سرڪاري ملازمن جي قوتِ خريد وڌائڻ لاءِ حڪومت سندن پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪري رهي آهي. يعني پاڻ مالڪ به قبولين ٿا ته پگهارون ان لاءِ نه ٿا وڌايون ته جيئن ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن يا پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن، پگهارون ان لاءِ ٿا وڌايون ته جيئن اسان جي ڪارخانن جو تيار ڪيل مال خريد ڪرڻ وارا گراهڪ پيدا ٿي سگهن جيڪو مال ٻِي صورت ۾ منڊيءَ اندر پئي پئي خراب ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button