ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول اگهن ۾ واڌ کان پوءِ پيدا ٿيل بحران

Editorial

پاڪستان ۾ آيل مهانگائيءَ جي طوفان نه رڳو عوام لاءِ مصيبتون وڌائي ڇڏيون آهن پر ان سان زندگيءَ جو هر شعبو متاثر ٿي رهيو آهي. اپوزيشن ۾ رهندڙ مسلم ليگ نواز کي عوام جي ايتري ڳڻتي هوندي هئي جو جڏهن عمران خان جي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪندي هئي ته احتجاج ڪرڻ لاءِ نڪري ايندي هئي ۽ عوام جي درد ۾ حڪومت خلاف آواز اٿارڻ لڳندي هئي پر جڏهن کان نئين حڪومت آئي آهي ته ان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ايتري واڌ ڪئي آهي، جنهن تاريخ جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ٻه ڏينهن ڳ پيٽرول جي اگهه ۾ 24 روپيا ۽ ڊيزل جي اگهه 59 روپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسماعيل مفتاح پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ واري خبر عوام کي ائين ٻڌائيندو آهي ڄڻ هو ڪا خوشخبري ٻڌائيندو هجي پر حڪومت جي منهن تي ڪابه پشيماني ڪانه هوندي آهي. جڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌن ٿيون ته کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي ۽ عام استعمال جي سڀني اسمن جا اگهه پاڻمرادو وڌي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ عوام لاءِ ماني کائڻ توڙي جسم ڍڪڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. حڪومت کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته ان رفتار سان جيڪڏهن پيٽرول جون قيمتون وڌنديون رهيون ته ان سان عوام جي معاشي حالت ڪيتري خراب ٿي ويندي. سماجي ڍانچو ڪهڙي ريت متاثر ٿيندو، زراعت ۽ صنعت جا شعبا ڪهڙي ريت متاثر ٿي تباهي ڪناري پهچي ويندا. اڳيان هلي خوراڪ جي کوٽ جو بحران به ڪر کڻي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڊيزل وڌڻ سان آبادگار ۽ زميندار پنهنجون زمينون به پوکي ڪونه سگهندا، ڇاڪاڻ ته ايتري وڏي لاڳت سان زمين پوکڻ هنن جي وس ۾ ڪونه رهندو.

خبر موجب غربت ۽ مهانگائي جي سورن جي ستايل عوام مٿان حڪومت هڪ ٻيو بم ڪرائي ڇڏيو، حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو اعلان ڪندي پيٽرول 24 رپيا 3 پيسا ۽ ڊيزل 59 رپيا 16 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. رات دير سان ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پيٽرول جو اگهه 24 رپيا 3 پيسا وڌائي 233 رپيا 89 پيسا، ڊيزل جو اگهه 59 رپيا 16 پئسا وڌائي 263 رپيا 31 پئسا ۽ گاسليٽ جو اگهه 29 رپيا 49 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پهرين ۽ 15 تاريخ تي پيٽرول جي قيمتن ۾ تبديلي ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته فيبروري ۾ عمران خان جي حڪومت جو خيال هو ته سندس حڪومت جا آخري ڏينهن شروع ٿي ويا آهن، هنن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي، ٽيڪس ۽ پيٽروليم ليويز کي به ختم ڪيو ويو پر ان ۾ نقصان ٿيو. جنهن کي پرائيس ڊفرنشنل ڪليم سڏيو ويندو آهي. هن چيو ته هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جو اگهه 85 ڊالر يا 90 ڊالر هو، پوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتون آهستي آهستي وڌيون، اڄ 15 جون تي عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جو اگهه 120 ڊالر آهي. هن چيو ته لڳي ٿو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي پر ان جي باوجود پيٽرول جي اگهه ۾ 24 رپيا 3 پئسا نقصان ٿيو آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 59 رپيا 16 پيسا نقصان ٿيو آهي، گاسليٽ جي قيمت ۾ 29 رپيا 49 پئسا نقصان ٿيو، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 29 رپيا 16 پئسا نقصان ٿي رهيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مئي ۾ پيٽروليم شين تي سبسڊي جي مد ۾ 120 ارب رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته سول حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 40 ارب رپيا آهي.
عوام تي لاڳيتو مهانگائيءَ جو بار وجهندڙ حڪومت کي ايترو اندازو هجڻ گهرجي ته ايندڙ وقت ۾ ملڪ لاءِ مسئلا گهڻا وڌي سگهن ٿا. پيٽرول جا اگهه ته حڪومت مقرر ڪري ٿي پر ان سان گڏ جڏهن کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آهن، انهن جي حوالي سان ڪو چيڪ ائنڊ بيلنس نه هوندو آهي، واپاري پنهنجي مرضيءَ جا اگهه مقرر ڪري گراهڪن کي پيا وڪرو ڪندا آهن. تنهنڪري گهٽ ۾ گهٽ انهن اسمن جي اگهن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن صورتحال مان ته ائين ٿو لڳي ته حڪومت عوام کي بک مارڻ جو پورو پورو بندوبست ڪري ورتو آهي ۽ اها نٿي چاهي ته عوام کي ڪو رليف ملي سگهي. امڪان اهي پيا ڏيکاريا وڃن ته ايندڙ وقت ۾ اڃا به تيل جون قيمتون وڌي وينديون.
اسين سمجهون ٿا ته عوام لاءِ جيئڻ جا رستا سوڙها ٿي رهيا آهن. پيٽرول اگهن ۾ واڌ کان پوءِ هڪٻئي پويان جيڪي بحران ايندا، ان سان ملڪي حالتون پڻ خراب ٿي وينديون، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسئلن جو حل ڳوليو وڃي. ملڪي معيشت جي بحاليءَ جو بار رڳو عوام جو تيل ڪڍي نه ڪڍيو وڃي، بلڪه حڪومتي نمائندا اها به جاچ ڪن ته ڪهڙي ريت اجايا خرچ گهٽائي ملڪي معيشت کي پيرن کي بيهاري سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button