ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مھيني ڏيڍ ۾ سرڪار کان ڇوٽڪاري جي دعوى

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان نيازي گهڻو ڪري نيون نيون دعوائون ڪندو رھندو آھي. سندس تازي دعوى آھي ته مون طاقتور حلقن جا پير پڪڙڻ بدران عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آھي. صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ڳالھائيندي سندس دعوى آھي ته بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ ائين لڳي ٿو ته وفاقي سرڪار ھڪ ڏيڍ مھيني ۾ ختم ٿي ھلي ويندي. سندس اھا به دعوى آھي ته ھاڻوڪي سرڪار کي، آءِ ايم ايف ڪنھن به صورت ۾ ڪونه مڃيندو ۽ عالمي ادارن کي ھاڻوڪي سرڪار جي نااھليءَ تي پورو ڀروسو آھي.
عمران خان نيازيءَ کي اھا ڳالهھ مڃڻ گهرجي ته ماضيءَ ۾ ھن طاقتور حلقن جا پير پڪڙيا ھئا تڏھن ته”سليڪٽيڊ” بڻجي اقتدار ۾ آيو ھو. بھرحال، سندس دعوى ۾ ٽي مکيه ڳالھيون شامل آھن جن تي اڳتي ھلي گهرائيءَ سان ويچار ڪرڻو پوندو سي آھن: پھريون ته مھيني ڏيڍ ۾ وفاقي سرڪار ختم ٿي ويندي يا نه؟ ٻيو ته جيڪڏھن ختم ٿي به ويئي ته ڇا اھا ملڪ جي فائدي ۾ ھوندي به يا نه؟ ٽيون ته عمران خان ٻيھر اقتدار ۾ ايندو يا نه.
بھرحال، انھيءَ راءِ جو بي ريا بڻجي ۽ ملڪي حالتن جي فائدي کي ڏسي جائزو وٺڻو پوندو. ھونئن به ڏسجي ته مختلف سياسي اڳواڻن کي ھڪ ٻئي سان سياسي اختلاف ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل ھوندو آھي جنھن کان ڪنھن به صورت ۾ انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهجي، عمران خان جي دعوى آھي ته ھڪ ڏيڍ مھيني ۾ ھاڻوڪي سرڪار کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي ويندو. اھو ڏسڻو آھي ته ڇا عمران خان نيازي سچائيءَ تي ٻڌل دعوائون ڪندو رھيو آھي يا عوام کي سدائين ڏٽا ڏئي نوان نوان ناٽڪ رچائي پنھنجو گذرسفر ڪندو رھندو آھي. سندس انھيءَ دعوى جي بي ريا بڻجي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي ته ڇا عمران خان، ھڪ ڏيڍ مھيني اندر ھاڻوڪي سرڪار کان ڇوٽڪاري بابت سچ ڳالھايو آھي يا وري پاڻ کي عوام ۾ وڻائڻ لاءِ نوان نوان ناٽڪ رچايا آھن. اھو به ڏسڻو پوندو ته جيڪڏھن ھاڻي وفاقي سرڪار، عمران جي دعوى موجب مھيني ڏيڍ ۾ ختم ٿي وئي ته ڇا ائين ڪرڻ قانون موجب جائز ھوندو ۽ انھيءَ ۾ ملڪ جو به فائدو ھوندو يا نه.
عمران خان نيازيءَ جي انھيءَ دعوى ۾ ڪا خاص بردباري بنھه ڪانھي ته ھاڻوڪي وفاقي سرڪار مھيني ڏيڍ ۾ ختم ٿي ويندي. ظاھري طور انھيءَ جو جائز سبب موجود ڪونھي. مثال جيڪڏھن ھو مھانگائيءَ جو ناٽڪ رچائي ٿو ته کيس سڀ کان اڳ پنھنجي سياسي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته ھن پوڻن چئن ورھين جي دور ۾ وزيراعظم طور ڳاٽي ٽوڙ پر لاڳيتي مھانگائي ڇو آڻيندو رھيو ھو. ھونئن بہ اھا عجيب ڳالهھ آھي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا اھڙا سياستدان به موجود آھن، جيڪي پنھنجون غلطيون ڪونه مڃيندا آھن. اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته جيڪڏھن ڪي ننڍيون ننڍيون شڪايتون آھن ته انھن هي سھپ ڌاري سگهجي ٿي پر جيڪڏھن ڪي مکيه ۽ ڳاٽي ٽوڙ شڪايتون آھن ته انھن کي وساري نٿو سگهجي پر انھيءَ خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي آھي. جيڪڏھن وڏيون خاميون آھن ته انھن کي اھميت ڏئي اھي شڪايتون دور ڪرڻيون پونديون پر شرط اھو آھي ته اھي سڀ شيون وس اندر ھجن.
اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري ڪرڻيون پيون آھن جو عمران خان نيازي، اڳوڻي وزيراعظم طور، انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) سان سخت شرطن جهڙو ٺاهه ڪيو جيڪو اڃا به برقرار آھي ۽ سولائيءَ سان ڪونه ختم ٿي سگهندو. بھرحال، انھيءَ ٺاهه جي نتيجي ۾ عمران خان نيازي رڳو پاڻ لاڳيتو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ڪندو رھيو پر ايندڙ حڪومت به مھانگائي ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آھي. عمران خان نيازيءَ کي رڳو ھڪ سوال جو جواب ڏيڻ گهرجي ته جيڪڏھن ھو ٻيھر وزيراعظم بڻيو ته ڇا اڳتي ھلي پنھنجي پراڻي عادت جي ابتڙ ڳاٽي توڙ مھانگي ڪونه آڻيندو ۽ جيڪڏھن آءِ ايم ايف سان ٺاهه ختم ڪندو ته ڇا پاڪستان وٽ ايڏي وڏي رقم موجود آھي جيڪا آءِ ايم ايف کي ترت موٽائي ڏيندو.
عمران خان نيازي وزيراعظم طور سکڻن بيانن جي بنياد تي سياست ڪندو رھيو ھو ۽ آھي ۽ ھاڻي به اھڙن بيانن تي سياست ڪندو رھي ٿو. اھا ڳالهھ سوچڻ جي آھي ته ھو ھاڻوڪي وفاقي سرڪار تي ڏينھن رات سخت تنقيد ڪندو رھي ٿو پر اھو ڪونه ٿو مڃي ته اھا ساري مصيبت، سندس آءِ ايم ايف سان ڪيل ٺاهه جو نتيجو آھي، جيڪا سندس سرڪار نه ھئڻ باوجود اڳتي ھلي به جاري رھندي پر سچ مڃڻ بدران ھو ڪوڙا بيان لاڳيتو ڏئي ماڻھن کي گمراهه ڪرڻ جي لاڳيتي ڪوشش ڪندو رھي ٿو جيڪا عمران خان نيازيءَ جي ظاھري طور مکيه بدنيتي آھي.
بھرحال، ھاڻي اصل موضوع ڏانهن اچون ٿا. سندس دعوى آھي ته وفاقي سرڪار مھيني ڏيڍ ۾ ختم ٿي ويندي. سوال آھي ته ڇو ۽ ڪيئن ختم ٿي ويندي؟ جيڪڏھن مھانگائيءَ جي ڪري ختم ٿيڻي آھي ته انھيءَ جي اصل ذميدار سندس سرڪار ھئي ۽ آھي. بھرحال، ظاھري طور ڪو قانوني طريقو وفاقي سرڪار جي ختم ڪرڻ جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي ڇاڪاڻ ته وٽس ايتري سپورٽ ئي ڪونھي جو حڪومت خلاف اسيمبليءَ ۾ ووٽ آڻي انھيءَ کي ختم ڪرائي سگهي پر فرض ڪجي ته جيڪڏھن حڪومت کڻي ختم به ٿي وڃي ته ڇا ايندڙ سرڪار جيڪا اقتدار ۾ ايندي سا ايڏي طاقتور ھوندي جو اھا مھانگائي ختم ڪري ڇڏيندي مطلب ته آءِ ايم سان مھانگائيءَ جو ٺاهه ختم ڪندي. اھم مسئلو پيسن جي ادائيگيءَ جو آھي ته ڇا نئين حڪومت وٽ ايڏا پيسا ھوندا جو آءِ ايم ايف کي ڏئي پنھنجي جند ڇڏائي سگھي. اھو عملي طرح ناممڪن آھي.
عمران خان نيازيءَ کي اھا نيڪ نيتيءَ سان صلاح ڏئي سگهجي ٿي ته ھو سکڻا ۽ لاڳيتا بيان جاري ڪري عوام کي گمراهه ڪرڻ جو ڌنڌو بند ڪري ڇاڪاڻ ته انھيءَ ۾ ملڪ جو فائدو ڪونھي ۽ نه ئي اھڙن ڪوڙن پر وڻندڙن بيانن سان کيس اڳتي ھلي فائدو پھچندو پر جيڪڏھن گنڀيرتا سان سوچجي ته سندس پارٽيءَ جي حامين ۾ جيڪا ٿوري گهڻي مقبوليت آھي سابه اڳتي ھلي لاڳيتن پر ڪوڙن بيانن ذريعي نيٺ ختم ٿي ويندي.
بھرحال، ڏيڍ مھيني ۾ ھاڻوڪي وفاقي سرڪار ختم ڪانه ٿيندي پر پوءِ به عمران خان نيازي پنھنجن بيانن کي زور وٺرائڻ لاءِ وري نئون نئون ناٽڪ رچائيندو رھندو. پر سوال اھو آھي ته عمران خان اقتدار ۾ ھجي ھا ته ڳاٽي ٽوڙ شرط اڳ وانگيان ضرور مڃي ھا ۽ پوءِ انھن کي جائز سڏائڻ جا ناٽڪ رچائيندو رھي ھا پر ھاڻوڪي وفاقي سرڪار شرطن ۾ ڪجھه رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ سوچيندي ۽ ڪوشش ڪندي ته انھيءَ ۾ ملڪ جو فائدو آھي پر عمران خان نيازيءَ کي ائين ڪرڻ ۾ وڏو صدمو رسندو.
عمران خان پوڻن چئن سالن دوران عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو خاص ڪارنامو ڪونه ڪيو پر فرض ڪجي ته جيڪڏھن وري به اقتدار ۾ آيو ته سو سيڪڙو خاطري آھي ته هو ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻيندو جيڪا هاڻوڪي مھانگائيءَ کان به وڌيڪ خطرناڪ ھوندي. بھرحال، عمران خان نيازي عوام جي فائدي ۾ اڳ وانگيان عوام جي ڀلائيءَ لاءِ خاص قدم ڪونه کڻندو پر وڌيڪ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻيندو رھندو، سو بھتر آھي ته سندس زوردار مخالفت، ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر جاري رکي وڃي جنھن ۾ اڳتي ھلي ملڪ جو گڏيل فائدو سمايل ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button