جڏهن به ڪا حڪومت پنهنجي عوام جي مٿان حملو ڪندي آهي، تڏهن اها پنهنجي ملڪ جي ماڻهن خلاف ٻه محاذ کوليندي آهي. هڪ قانوني ۽ ٻيو معاشي!! عوام مخالف حڪومت جو وڏو حملو اهو هوندو آهي ته اها ماڻهن کي مليل قانوني حق کسڻ لڳندي آهي ۽ انهن جي مٿان اهڙا قانون نافذ ڪندي آهي، جن سبب عوام جون آزاديون محدود ٿي وينديون آهن. ان قسم جا عمل گهڻو ڪري اهي حڪومتون ڪنديون آهن، جيڪي راتو رات بندوق جي زور تي اقتدار مٿان قبضو ڪنديون آهن. اهي حڪومتون عرف عام ۾ آمريتي حڪومتون سڏيون وينديون آهن. آمريت جو پهريون حملو آئين جي مٿان هوندو آهي. دراصل آمريتون آئين کي لتاڙي اينديون آهن. اهي عوام کي آئيني حقن کان محروم ڪري انهن جي مٿان پنهنجا اهي قانون مڙهينديون آهن، جن ۾ حق گهٽ ۽ فرض گهڻا هوندا آهن. جڏهن به ڪنهن قانون ۾ حقن ۽ فرضن جي وچ وارو توازن ٽٽي پوندو آهي، تڏهن اهو قانون ناقابل عمل رهندو آهي. پر جيڪڏهن ڏنڊي جي زور تي ان قانون جي مٿان زوريءَ زبردستيءَ عمل ڪرايو وڃي ته انساني حقن جو پائمال ٿيڻ فطري بڻجي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اسان کي دنيا توڙي پنهنجي ملڪ جي ماضيءَ ۾ آمريتي حڪومتن پاران عوام کي قانوني طور تي پيڙڻ ۽ پائمال ڪرڻ جا تمام گهڻا مثال ملن ٿا. آمر عوام جي مٿان جيڪي پنهنجن مفاد ۽ عوام جي مخالفت وارا قانون نافذ ڪندا آهن، انهن کي گهڻو ڪري ڪارا قانون ڪوٺيو ويندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيترا ڪارا قانون جڳ مشهور آمر جنرل ضياءَ متعارف ڪرايا، ايترا پرويز مشرف به نه ڪيا. آمر ضياءَ جي ڪارن قانون جا پاڇا اڄ به اسان جي ملڪي آئين جي مٿان پيل آهن. اڄ به اسان جو آئين ان آمريتي حملي جا زخم ڀري نه سگهيو آهي، جيڪي زخم جنرل ضياءَ هنيا هئا.
عوام جي مٿان عوام مخالف حڪومتون هڪ ته قانوني حملو ڪنديون آهن ۽ انهن جو ٻيو حملو معاشي هوندو آهي. معاشي طور تي عوام کي عذاب ڏيڻ لاءِ اهي ماڻهن مٿان ٽيڪس وڌائينديون آهن ۽ ٻيو استعمال جي ضروري شين جي اگهن ۾ اضافو ڪري ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف ڏينديون آهن. هن مهل پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي گڏيل گورنمينٽ عوام جي خلاف جيڪو معاشي محاذ کوليو آهي، ان تان عوام مٿان مسلسل حملا ٿي رهيا آهن. عوام جي مٿان هن حڪومت هڪ مهيني ۾ جيڪو پيٽرول بم ڪيرايو آهي، ان جو مثال ملڪ جي معاشي تاريخ ۾ تلاش ڪرڻ جي باوجود به نه ٿو ملي. ڇو ته مهانگائيءَ جي ايتري مصيبت ماڻهن مٿان آمريتي حڪومتن به نه آندي هئي، جيتري مصيبت جو سبب هي اچانڪ آيل حڪمران بڻيا آهن. انهن حڪمرانن جو مقصد صرف ۽ صرف اقتدار ۾ اچي پاڻ کي احتساب کان بچائڻ هو. انهن هاڻوڪن حڪمرانن ۽ اڳوڻن ملزمن کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته هو ڪنهن به وقت جيلن جي ياترا ڪري سگهن ٿا. انهن جي مٿان احتساب جو آخر وٽ اچڻو هو ۽ پوءِ انهن کي اتي هجڻو هو، جتي هڪ ملزم کي هجڻو هوندو آهي. ان وقت اچڻ کان اڳ ۾ انهن جوڙتوڙ ڪري عمران خان جي حڪومت کي ڪيرائي پنهنجي اقتدار جو جهنڊو جهولايو. انهن جي ان سلسلي ۾ ڪا به تياري نه هئي ته عوام کي ڪهڙي ريت معاشي رليف ڏنو ويندو. انهن کي ڪو پتو نه هو ته عوام کي معاشيات جي ڏکي موڙ تان ڪيئن گذاريو ويندو؟ انهن کي صرف ۽ صرف اهو معلوم هو ته پاڻ کي قانون کان ڪيئن بچايو ويندو. هن مهل انهن حڪمرانن جي پاڻ بچاءَ پاليسيءَ جو سمورو بل عوام مهانگائيءَ جي صورت ۾ ادا ڪري رهيو آهي. ڇو ته هڪ حڪومتي ڪارونهوار هلائڻ ۽ پنهنجا پروٽوڪول جاري رکڻ لاءِ انهن حڪمرانن کي ترن جو تيل ترن مان ئي ڪڍڻو آهي ۽ هو پنهنجي پروٽوڪول لاءِ عوام کي پيڙي رهيا آهن.
شهباز حڪومت جو ٻيو مسئلو آءِ ايم ايف جو فرمائشي ڪن ڀرڻو آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان کي جن شرطن تي پئسا ڏئي رهيا آهن، انهن جي تڪليف عوام جي حصي ۾ اچي ٿي. آءِ ايم ايف به وڏي استاد آهي. آءِ ايم ايف ڪڏهن به اهڙا شرط نه رکيا آهن، جن جي تڪليف عوام کي اچي. آءِ ايم ايف جا شرط سدائين ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جي مخالفت جو نمونو پيش ڪندا رهيا آهن. ڀلا آءِ ايم ايف گهڻن شرطن ۾ هڪ اهو شرط به شامل ڪري سگهي ٿي ته صدر، وزير اعظم، وزير اعلائن ۽ گورنرن جي سرڪاري گهرن جا خرچ گهٽايا وڃن. پر آءِ ايم ايف ان قسم جي ڪا ڪنڊيشن Condition حڪومت جي سامهون نه آندي آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف کي معلوم آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ مهانگائيءَ جا بنيادي طور تي ٻه سبب هوندا آهن. هڪ آمدني کان وڌيڪ خرچ ۽ ٻيو ڪرپشن. آءِ ايم ايف هن مهل تائين پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت کي اهو نه چيو آهي ته قرض جو شراب پيئڻ واري عياشي نه ڪيو ۽ ڪرپشن ڪرڻ بند ڪيو ته اوهان جي ملڪ جو ڪو بلو ٿئي. آءِ ايم ايف جيڪڏهن عوام دوست هجي ته ان قسم جون ڳالهيون به ڪري. آءِ ايم ايف کي عوام جو ڪهڙو احساس؟ جنهن عوام تي پنهنجي ملڪ جي حڪومت رحم نه ڪري، ان عوام تي آءِ ايم ايف جهڙو سامراجي ادارو ڪهڙوپ قياس ڪندو؟ ان ڪري آءِ ايم ايف اهڙي ڳالهه ڪندو ئي ناهي، جنهن سان معاملو هلڻ بدران بيهجي وڃي. آءِ ايم ايف قرضن وٺڻ لاءِ ايندڙ حڪمرانن کان عوام مخالف مطالبا ڪندو آهي.
آءِ ايم ايف پاران پيش ٿيل شرطن کي ٺڪرائي به سگهجي ٿو ۽ ان جي مقابلي ۾ پنهنجي ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ جون ٻيون پالسيون به عمل ۾ آڻي سگهجن ٿيون. پر ايترو خفو ڪوئي ڇو ڪري؟ جهڙو طرح رس نپوڙڻ لاءِ ڪرشنگ مشين ۾ ڪمند کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري وجهبو آهي، تهڙي طرح اسان جا حڪمران به پنهنجي ملڪ جي عوام سان اهو حشر ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته هڪ مهيني جي اندر پاڪستان پيٽروليم جي اگهه ايترا وڌايا آهن جو عوام حيران ۽ پريشان ٿي ويو آهي ته هو ايتري مهانگائيءَ کي منهن ڪيئن ڏيندو؟ پر حڪمرانن کي ڪهڙي پرواهه؟ انهن کي اقتدار مليو ئي انهن شرطن تي آهي ته ”پاڻ به کائو ۽ اسان کي به کارايو“ اهو ڪم هو احسن طريقي سان سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن حڪمرانن کي هٽائڻ جي باري ۾ ڪير غور ڪندو، جيڪي پنهنجن ماڻهن جا معاشي مخالف ٿي بيهن. جڏهن ته اهو راز هاڻي سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي ته معاشي مار اهڙي مار هوندي آهي، جيڪا عوام جو مڪمل وجود وڪوڙي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي به سخت سزا ڏيڻي هجي ته ان کي مهانگائيءَ جي مار ڏجي. ان جي لاءِ ضرورت جي هر شيءَ مشڪل بڻائجي ۽ ان انداز سان مشڪل بڻائجي جو اها شيءَ اکين جي آڏو هجي ۽ جڳمڳ پئي ڪري پر اها شيءَ هٿن ۾ نه هجي. ان انداز سان ته تڪيلف جو مقدار تمام گهڻو وڌي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جو قحط آهي. جيڪڏهن ڪا شيءَ اکين جي آڏو موجود ئي ڪونهي ته ان جو سور ايترو گهڻو نه هوندو آهي پر جيڪڏهن اها ضرورت جي شيءَ اکين جي آڏو به هجي ته پوءِ پيڙا پنهنجي چوٽ تي چڙهي ويندي آهي. مهانگائيءَ جو سادو ۽ نهايت آسان مطلب اهو هوندو آهي ته شيون مارڪيٽ ۾ موجود هجن پر عوام انهن کي اگهن جي ڪري حاصل نه ڪري سگهي.
حڪومت جو عوام جي مٿان ان کان وڌيڪ خطرناڪ حملو ٻيو ڪو نه ٿو ٿي سگهي، جنهن حملي ۾ عوام بنيادي ضرورتن کي پورو نه ڪري سگهي. جنهن حملي سبب عوام نه کائي سگهي نه پي سگهي. نه سفر ڪري سگهي ۽ نه گهر ۾ سڪون سان رهي سگهي. جنهن حملي ۾ عوام نه بک لاهي سگهي ۽ بيماريءَ جي صورت ۾ نه علاج ڪرائي سگهي. عوام کي اهڙي حال ۾ اڇلائڻ واري حڪومت ڪنهن به طرح سان پاڻ کي عوام دوست حڪومت سڏرائي نه ٿي سگهي. ڇو ته ان حڪومت جو عوام مٿان معاشي حملو عوام لاءِ زندگي مشڪل بڻائي ڇڏيندو آهي. هن حڪومت جي دور ۾ عوام سان اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. هن مهل پوري معاشري ۾ هڪ هيجان کان وڌيڪ هڪ دهشت ۽ خوف جي فضا ڇانيل آهي. ڪنهن کي پتو ناهي ته اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟
جياپو ته جبلت آهي. انسان ڏکي حال ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان زندگي گذارڻ جو ڪو نه ڪو حيلو بهانو تلاش ڪري وٺي ٿو. آخر دنيا ۾ صرف پاڪستان ئي ته ناهي. پاڪستان جي ڀرپاسي ۾ هڪ ملڪ افغانستان به آهي. اهو افغانستان جيڪو اڌ صديءَ کان گهرو ويڙهه جي سڀ کان اذيتناڪ ماحول ۾ زندگي گذاري رهيو آهي. هن مهل انهن جي مٿان طالبان حڪمران آهن. انهن جو مسئلو معاشي آهي. طالبان افغان عوام کي گهڻ طرفي محروميءَ ۾ رکي ويٺا آهن. افغانستان تي اڳ به طالبان هئا پر ويهه سالن جي وقفي دوران ملڪ جو انتظام آمريڪا حوالي هو. افغان عذاب جي رسيس پوري ٿي. هاڻي وري طالبان آهن. پر طالبان جي هجڻ سبب افغان عوام مڪمل طور تي مري ته نه ويو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بک آهي. بيماري آهي. روشني ناهي. تعليم تباهه آهي. ماڻهو غيريقيني ڪيفيت ۾ مبتلا آهن. انهن وٽ پائڻ لاءِ مناسب لباس ۽ کائڻ جي مناسب خوراڪ ناهي. پر اهي جهڙي تهڙي حال ۾ جيئن ٿا. ساڳي طرح سان آءِ ايم ايف جي شرطن سبب پيدا ٿيل مصنوعي مهانگائيءَ جي ڪري اسان جي ملڪ جا ماڻهو به مري نه ويندا پر انهن جو حال اهڙو ضرور ٿيندو جو انهن کي ڏسي ڏک کي به ڏک ٿيندو. ڇو ته اهي ماڻهو جن جي مقدر ۾ پاڪستان نالي هي ملڪ آيو آهي، انهن کي هن ملڪ جي صورت قدرت اهڙا وسيلا عطا ڪيا آهن جو انهن کي ڪائي حڪومت افعال سان استعمال ڪري ته هي موڳو ملڪ وري مسڪرائي سگهي ٿو. هي ملڪ نه رڳو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهي ٿو پر وک وڌائي خوشحاليءَ واري منزل به ماڻي سگهي ٿو.
پر افسوس………!!