ڪورونا جي وبا اچڻ کان پوءِ دنيا ۾ جيڪي بحران شروع ٿيا آهن، انهن مان به وڏا بحران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي اثرانداز ٿيا آهن، هڪ معاشي بحران ۽ ٻيو خوراڪ جو بحران آهي. پاڪستان هن وقت معاشي بحران مان گذري پيو، جتي خوراڪ جو بحران به ڪر کڻي رهيو آهي، امڪان اهي آهن ته ايندڙ وقت ۾ خوراڪ جو بحران وڌيڪ سخت ٿي ويندو، جنهن سان عام ماڻهو لاءِ کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ پيدا ٿي ويندي يا وري اهي ايتري مهانگي اگهه ۾ ملنديون جو انهن لاءِ اهي اسمن وٺڻ مسئلو ٿي ويندو. پر ملڪ ۾ موجود حڪومت ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. جتي هاڻوڪي حڪومت جا وزير عوام کي ماني گهٽائڻ ۽ چانهه ڇڏڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن. پر هن ملڪ جي آبادي ڪنهن به ريت ماني کائڻ نٿي ڇڏي سگهي. ان ڪري حڪومت جي اها ذميواري آهي ته اها ملڪ ۾ موجود خوراڪ ۽ معاشي بحران کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري.
تازو پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻ کان پوءِ کاڌي پيتي جي شين ۾ گهڻي واڌ ڏٺي وئي آهي. ڪنهن به ريزڪي دڪان تان ملندڙ کاڌي پيتي جي اسمن جا اگهه گهڻا وڌي ويا آهن. هڪ عام ماڻهو کنڊ، اٽو، پتي، چانور ۽ داليون روزمره جي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندو رهندو آهي. پر جيڪڏهن انهن جا اگهه به ڪنٽرول نه ڪيا ويندا ته ماڻهن لاءِ اهي اسم خريد ڪرڻ مسئلو ٿي ويندو. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته حڪومتون (وفاقي ۽ صوبائي) ان معاملي تي پاڻ ۾ ويچارين. حڪومت سستا اسم فراهم ڪرڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽور کوليا آهن، پر اهي اسٽور انگ ۾ بنهه گهٽ آهن ۽ ٻيو ته اهي ڪن محدود شهرن تائين آهن، جنهن جي ڪري هر شهريءَ جي انهن تائين رسائي ممڪن ڪانهي. تنهنڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سنڌ جي شهرن ۽ ٽائون ۾ ڪي اهڙا آئوٽ ليٽس کولڻ گهرجن، جتان عوام کي اٽو، کنڊ، پتي ۽ چانور سستي اگهه تي ملي سگهن. حڪومت انهن اسمن جا اگهه پاڻ طئي ڪري ۽ مقرر ڪيل اگهن کان مٿي ڪنهن به ريت عوام کي اهي شيون نه ڏنيون وڃي، ڪنهن به شهريءَ لاءِ اها پابندي نه هجي ته اهو ڪنهن مقرر مقدار ۾ ڪو اسم خريد ڪري، پر ان کي جيتري ضرورت هجي ان کي اهو اسم ان مقدار ۾ فراهم ڪيو وڃي. ان کان سواءِ انهن سمورن آئوٽ ليٽس تي خوراڪ جو مقدار ايترو هجڻ گهرجي جو اهو ڪنهن به ريت ختم نه ٿئي، ان ۾ ذخيره اندوزيءَ جي گنجائش نه هجي.
عالمي سطح تي وڌندڙ تيل جي قيمتن سبب پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون وڌايون وڃن ٿيون ۽ اهي پاڪستان جي ڪنٽرول ۾ ڪونه آهن پر گهٽ ۾ گهٽ حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ڪي معاملا ته آهن، جن کي اها پنهنجي وس ۾ ڪري عوام لاءِ ڪي آسانيون پيدا ڪري سگهي ٿي. مثال طور اٽو ۽ چانور مناسب اگهه کان وڌيڪ مهانگا نه ٿيڻ گهرجن. اٽو هن وقت 90 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ جي هر حصي ۾ ڪڻڪ اپائي وڃي ٿي، چانورن جو اگهه ۾ بنهه گهڻو وڌي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ چانور به وڏي مقدار ۾ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون آهن، جيڪي ملڪ ۾ اپايون وڃن ٿيون پر انهن جا اگهه ايترا رکيا ويا آهن، ڄڻ حڪومت اهي شيون ٻاهران گهرائيندي هجي. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته کاڌي پيتي جي شين جي مد ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اهي ڪوششُون عملي طور به نظر اچڻ گهرجن.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪن ڏينهن عوام لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ ان ڪري ڏکيو ٿيندو پيو وڃي جو کاڌي پيتي جي اسمن جي اگهن تي ڪو ڪنٽرول ڪونهي. جڏهن انهن تي ڪو ڪنٽرول ڪونهي ته واپاري پنهنجي مرضيءَ جا اگهه لڳائي اهي شيون وڪرو ڪن ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ عوام کي ٻيڻا پيسا ڀرڻا پون ٿا. جنهن ڪري عوام جي کيسي تي مالي بار وڌندو ويندو آهي. حڪومت جڏهن يورپ ۽ آمريڪا جا مثال ڌئي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي ته اتان جي ماڻهن کي ملندڙ اجورو هتان جي ماڻهن کي ملندڙ اجوري کان بنهه گهڻو آهي، جنهن سان اهي سکي ستابي زندگي گذاري سگهن ٿا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خوراڪ جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت اڳيان اچي عوام لاءِ سهولتون پيدا ڪرڻ ۾ دير نه ڪري، ڇاڪاڻ ته عوام هاڻوڪي مهانگائيءَ ۾ ڪنهن به ريت پنهنجو پيٽ نٿو پالي سگهي.