ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياسي بحران: حل ڪهڙو آهي؟

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ٻه بحران گڏگڏ هلي رهيا آهن. هڪ سياسي بحران ۽ ٻيو معاشي بحران آهي. جتي سياسي استحڪام نه هوندو ۽ سياسي پارٽين کي آزاديءَ سان سياست ڪرڻ نه ڏني ويندي، اتي معاشي بحران پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي. پاڪستان ۾ هيءَ پهريون ڀيرو ڪونه ٿيو آهي جو سياسي بحران چوٽ چڙهي ويو آهي پر ان کان اڳ به بحران پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن جي خاتمي لاءِ سدائين سياستدان ئي استعمال ٿيندا رهيا آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا واقعي ملڪ ۾ جنهن کي اسين سياسي بحران چئون ٿا، اهو سچ پچ سياسي بحران آهي يا اهو “ڪمپني بهادر” جي ڪيل غلطين جو نتيجو آهي.
فوجي آمرن جهڙي ريت ملڪ مٿان آمريتون مڙهي، ملڪ جي سياسي ڪلچر ۽ جمهوري روايتن کي تباهه ڪيو، ان کان پوءِ سياستدانن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو هڪ رستو کلي پيو. يحيٰ خان جي زماني ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ اقتدار جي منتقلي پرامن نموني نه ٿي سگهي هئي، جنهن جي ڪري سياسي بحران ايترو ته وڌي ويو هو جو نيٺ اوڀر پاڪستان ملڪ کان ڌار ٿي بنگلاديش بڻجي ويو. جيڪڏهن ان زماني ۾ شيخ مجيب جي ڇهن نقطن کي مڃي وٺجي ها ته نه رڳو هاڻوڪي رهيل پاڪستان ۾ جمهوريت مضبوط هجي ها پر بنگلاديش به نه ٺهي ها. پر ان وقت پيدا ٿيل سڄي سياسي بحران مان ملڪ کي ڪڍندڙ ذوالفقار علي ڀٽو هو، هن کي اقتدار جي ضرورت هئي ۽ هن سمجهيو ته جهڙي ريت هن ان وقت جي فوجي قيادت لاءِ قربانيون ڏنيون هيون ته هن کي ڪو لهر نڪو لوڏو ايندو پر اهو سڀڪجهه وقت ثابت ٿيو. ڇاڪاڻ ته ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ کي به ملڪ ۾ ڪو اهڙو چونڊيل وزير اعظم قبول نه هو، جيڪو عوام ۾ مقبول ٿيندو رهي ۽ جمهوريت لاءِ رستا هموار ٿيندا رهن. هو ان سڄي عمل دوران استعمال ٿي ويو. جيئن ته ڪوبه آمر ڪنهن سياسي بحران جو حل پيش نٿو ڪري سگهي، تنهنڪري هر ڀيري سياسي پارٽين ۽ سياستدانن کي اڳيان ڪيو ويندو آهي.
تازو جڏهن عمران خان نيازيءَ کي عدم اعتماد جي تحريڪ وسيلي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته هن آخر تائين اها ئي ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ اهڙو سياسي بحران پيدا ڪيو وڃي، جنهن سان ملڪ کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي وڃي. وفاقي سطح تي ته ڪنهن حد تائين اهو سياسي بحران حل ٿي ويو آهي، پر پنجاب ۾ اڄ به بحران موجود آهي، ڇاڪاڻ ته اڳوڻي حڪومت جي اتحادي جماعت (ق) ليگ اڄ به پنجاب ۾ نئين چونڊيل صوبائي حڪومت کي قبولڻ لاءِ تيار ناهي. ملڪ ۾ حڪومت ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪو ڏکيو ڪم ڪونه رهيو آهي. عمران خان نيازي پنهنجي حڪومت وڃائڻ ۾ ٻاهرين سازش کي ڳولي رهيو آهي، پر جيئن ته هو پاڻ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان اقتدار ۾ آيو هو ۽ کيس سياست جو ايترو تجربو ناهي، تنهنڪري هو اڄ به نيوٽرل کي مهڻا ڏئي رهيو آهي ته انهن سندس مدد ڇو ڪانه ڪئي، نيوٽرلز کي عمران خان نيازيءَ مان جان ڇڏائڻي هئي، تنهنڪري اهي پاسيرا ٿي ويا. پر ان جو مطلب اهو بلڪل به نه هو ته اهي نيوٽرل ٿي ويا يا جيئن انهن چيو ته اهي غيرسياسي ٿي ويا آهن. ملڪي اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به ريت غيرجانبدار نه رهي آهي. اها رڳو پنهنجون پارٽيون تبديل ڪندي رهندي آهي.
نواز ليگ سان سندس ڳالهيون عمران خان حڪومت اچڻ کان ترت پوءِ شروع ٿي ويون هيون. پر جيئن ته نواز شريف اهو پئي چاهيو ته عمران خان نيازيءَ جي ڪري ملڪي سياست ۾ جيڪو گند ٿيو آهي، ان جو ملبو اسٽيبلشمينٽ تي ڪري پر شهباز شريف ان لاءِ تيار نه هو. پي ڊي ايم لاءِ اهو بهترين موقعو هو ته اها عمران خان نيازيءَ مان جان ڇڏائي، پاڻ کي نيب کان بچائڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويندي، ان کان سواءِ اها پنهنجي مرضيءَ جي قانون سازي به ڪري ويندي، جنهن ۾ نيب ۽ اي وي ايم مشين جا بل شامل هئا، جيڪي سولائي سان پي ڊي ايم جي حڪومت پاس ڪرائي ورتا. پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ملڪ ۾ سياسي بحران ختم ٿي ويو آهي ۽ معيشت جي جيڪا ڏتڙيل شڪل آهي سا بحال ٿي وئي آهي. هاڻوڪي حڪومت اچڻ کان پوءِ ملڪ ۾ مهانگائي عمران خان جي حڪومت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان وڌي آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌائڻ کان پوءِ صورتحال ويتر خراب ٿي وئي آهي. ڊالر کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ڪونه رهيو آهي. عام واهپي جي شين جا اگهه به چوٽ چڙهيل آهن، ان صورتحال مان اندازو ڪرڻ ڏکيو ڪونهي ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام موجود آهي.
جڏهن سياست جو شعبو سياسي پارٽين بدران اسٽيبلشمينٽ سنڀاليندي ۽ اها طئي ڪندي ته ملڪ کي ڪيڏانهن وٺي وڃڻو آهي، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪهڙي هوندي، ملڪ جا دوست ملڪ ڪهڙا هوندا ۽ دشمن کي ڪنهن کي ٺاهبو ته پوءِ سياسي ڀونچال پيدا ٿيڻ عام ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ جيڪي حل تجويز ڪندي رهي آهي ۽ جيڪي تجربا هيستائين ان ڪيا آهن، اهي ناڪام ويا آهن. ملڪ ۾ ڪرپشن جو هجڻ ڪو ايڏو مسئلو ناهي جيترو سياسي عدم استحڪام ۽ سياست جو آزاد نه هجڻ مسئلو آهي. هي بحران سياستدانن جو پيدا ڪيل ناهي پر اسٽيبلشمينٽ جو پيدا ڪيل آهي، جنهن ملڪ تي اهي ماڻهو مڙهيا جيڪي سياست جي شعبي لاءِ فٽ ئي ڪونه هئا. جنهن جو تازو مثال عمران خان نيازي آهي. هو ڪرڪيٽر جي حيثيت ۾ ملڪ جو هيرو هو پر سياست جو هيرو نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته سياسي معاملا الڳ هوندا آهن. هو پنهنجي اسپتال جي نالي تي دنيا مان چندو گڏ ڪري سگهي ٿو پر ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ هن کي ڪوبه ملڪ خيرات نٿو ڏئي سگهي ۽ ملڪ خيرات تي هلي به نٿا سگهن. ملڪ پنهنجي معيشت، پنهنجن پيداواري ذريعن ۽ ٻين ملڪن سان برابريءَ جي بنياد تي قائم ڪيل لاڳاپن تي هلندا آهن. پاڪستان جي معيشت کي قرض تي هلائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا ويا آهن، ان جي ڪري سڀ کان وڌيڪ عوام پوڳيو آهي، جنهن تي لاڳيتو مهانگائيءَ جو بار وڌو پيو وڃي.
پي ٽي آءِ هن بحران جو حل چونڊن ۾ ڏسي ٿي، پر چونڊون ته ملڪ ۾ ٿينديون رهيون، پرويز مشرف جي آمريت واري دور جي خاتمي کان پوءِ ملڪ ۾ ٽي چونڊون ٿي چڪيون آهن. ڇا ان سان ملڪ ۾ سياسي، انساني ۽ معاشي معاملا حل ٿي ويا آهن. ان بحران جو حل نيون چونڊون نه پر ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي نئين سر جوڙجڪ ۽ اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي تجربن کي بند ڪرڻ آهي. اهي ڪم جيڪي جمهوري ادارن ۽ سياستدانن کي ڪرڻا آهن، انهن کي ان لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي. احتساب جي نالي ۾ انتقام جو سلسلو بند ڪري، عملي طور اهو ثابت ڪيو وڃي ته واقعي به اسٽيبلشمينٽ غيرسياسي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button