ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو احتجاج يا ڏڦيڙ؟

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

عمران خان اتحادي حڪومت جي خلاف تيل جي وڌندڙ اگھن ۽ مهانگائي تي سڀاڻي يعني آچر جي ڏينهن رات جو نائين وڳي پوري ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي اهو احتجاج جو سڏ انهيءَ اڳواڻ جي طرفان ڏنو ويو آهي جنهن جو پوڻا چار سالا دور مسلسل مهانگائي بيڊ گورننس ۽ سياسي مخالفن سان تعصبي رويي جو برو ۽ بدترين دور ليکيو ويو ۽ پارلياماني جمهوريت هن جي دور ۾ هڪ سواليه نشان بڻيل رهي ۽ ان ئي مائنڊ سيٽ جو جواب هن ان وقت ڏنو جڏهن بي اعتمادي جي تحريڪ گڏيل اپوزيشن پارليامينٽ جي اندر پيش ڪئي انهيءَ جي مخالفت ۾ تمام پنهنجي مخالف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي لاءِ جيڪا هن ٻولي لب و لهجو سياسي اخلاق ۽ ڪلچر جو مظاهرو ڪيو اهو ڪنهن کان به ڳجھو ناهي ايتري حد تائين جو سندس جا جواب ۽ رويو هڪ عام زندگي گذاريندڙ شهري جنهنجو اڻ سڌي طرح به سياست سان تعلق ناهي رهيو اهو به باآساني سان اهو ٻڌائي سگھي ٿو ته عمران خان ڇا چوندو هيو ۽ هن جي ڌمڪين ۾ ڪهڙا لفظ ۽ ڪهڙي اخلاقيات جو منظر نظر ايندو هو عمران خان جنهن انقلابي ۽ وڏي تبديلي جو نعرو ڏئي پنهنجي سياسي جلسن ۾ هڪ وڏي تحرڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن ۾ هن جو نظريو ۽ مقصد ٻن نقطن تي بيٺل هيو هڪ ڪرپشن ۽ ٻيو غير ملڪي مالياتي ادارن کان قرض وٺڻ جنهن ۾ خاص ڪري آئي ايم ايف کان قرض وٺڻ کي هو ذلتي عمل سمجھندي صاف ۽ چٽن لفظن ۾ چوندو هو ته “مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر آئي ايم ايف جي اڳيان قرض لاءِ جھول نه ڦهلائيندم….” هن جي خلاف مخالف ڌر هن تي ڪيترا به الزام لڳائي هن جي اهليت ۽ نااهليت تي ڪهڙا به سوال اڀاري انهن جي الزامن ۽ تنقيدن کان هٽي ڪري هن جي دور تي جڏهن قرض وٺڻ تي نگاهھ ڊوڙائجي ٿي ته لونءَ ڪانڊاريو وڃي جو 72 سالا تاريخ ۾ يعني عمران دورِ حڪومت کان پهريان ٽوٽل قرض 25 ارب ڊالر ٻڌايو ٿو وڃي.
پر هن خان صاحب جي دورِ حڪومت ۾ يعني پوڻن چئن سالن ۾ 20 ارب ڊار قرض ورتو ويو ۽ ان آئي ايم ايف جنهن کي هن بدترين استحصالي سامراجي ادارو سڏيو هو تنهن سان تاريخ جا بدترين معاهدو ڪيا جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ جي خود مختياري جي نالي تي اڻ سڌي طرح آئي ايم ايف جي ڪنٽرول مانٽرنگ ۾ ڏيڻ، پيٽرول آئل جي مد ۾ نه رڳو سبسڊي ختم ڪرڻ هو پر پنجاھه روپين کان وڌيڪ ليوي ٽيڪس به لڳائڻ هو جڏهن آئي ايم ايف کان قسطون جاري ٿيون ته ڪمال چالاڪين سان معاهدي کان ڦرندي هن سبسڊي ختم ڪرڻ جي بجاءِ لنگران ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن جي روين تي عالمي ادارن ۽ رياستي ادارن تمام ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو. بي اعتمادي جي رٿ کي جيڪا حمايت هن جي اتحادين ۽ پارٽي جي ايم اين ايز جي طرفان ملي ۽ جڏهن هن سمجھو ته هن جي حڪومت بچڻ جو هاڻي ڪو به امڪان ناهي تڏهن ٻه طرفي حڪمت عملي تيار ڪئي هڪ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڏھه روپين جي لاٿ آندي ۽ ٻيو پنهنجي حڪومت خلاف غير ملڪي سازش جو بيانيو جوڙيو معيشت جو ٻار به اهو سمجھي سگھي ٿو ته معاشي سڌارا ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان آڻي سگھن ٿا. عمران خان جيڪڏهن عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ٽيڪس نيٽورڪ ۾ دولتمند طبقي يعني اشرافيا کي آڻي ها ۽ انهن تي ايتري سختي ڪري ها جو عوام کي اهو عمل ٿيندي نظر اچي ها ته هن جي خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ سندس سياسي بيانيي ۾ هڪ انقلابي طاقت اچي وڃي ها مخالف ڌر جيڪا سياست جي چالن جي وڌيڪ ماهر آهي انهيءَ هن جي ان ڪمزور عملن جو پورو پورو سياسي فائدو کنيو انهن کي اها به خبر هئي ته ڪهڙا ڏکيا ۽ تلخ فيصلا ڪرڻا پوندا، انهن کان وڌيڪ هنن جي لاءِ مسئلو عمران خان جي دور حڪومت پوري ٿيڻ ۽ سندس مرضي منشا مطابق نگران سيٽ اپ جي ٺهڻ ۾ جنهن فاشيت جو خوف هنن کي ڏڪائي پيو تڏهن انهن اها تلخ ۽ ڏکي گوري کاڌي پر انهيءَ کان وڌيڪ پوري مخالف ڌر ۽ رياستي ادارن کي اهو هو ته هي حڪمراني جي دور ۾ جيڪڏهن سال سوا ٻيو به رهيو ته وڌيڪ ٻيڙو ٻوڙيندو ۽ ايترا کڻي هڪ عارضي ۽ ٽوڪن رليف ڏيڻ جي حڪمت عملي تيار ڪندو جنهن ۾ هي ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ نه پر پاتال ۾ هليو ويندو، جتان هن کي ڪڍڻ انتهائي مشڪل کان مشڪل هوندو ايترو مشڪل جو هاڻي هو جيڪي ڏکيا فيصلا ڪري رهيا آهن انهيءَ کان چئوڻ تي وڌيڪ کين سخت فيصلا ڪرڻا پون ها ۽ معاشي سڌارا هنن جي لاءِ ڪينسر جي مرض جي علاج جيان بڻجي وڃن ها، تنهن ڪري سڀني ڌرين عمران خان مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيو ۽ پوءِ انهن کي به نيوٽرل ٿيڻو پيو جن هن کي آڻڻ جي عظيم غلطي ڪئي هئي.
اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته ملڪي معيشت جو سڌارو صرف ٻن طريقن سان ٿيندو آهي هڪ وڏي پيماني تي ملڪ جي اندر معاشي اصلاح آڻيندي هڪ طرف صنعتي پيداوار ۾ واڌارو ۽ صنعتن ۾ ترقي انهيءَ سان گڏوگڏ زرعي اصلاحات جي اندر زرعي ملڪيتن جي حد ملڪيت جو تعين ڪرڻ زراعت جي اندر ايمرجنسي بنيادن تي انقلاب آڻڻ جي حڪمتِ عملي اختيار ڪرڻ جنهن ۾ ٻج، ڀاڻ، زرعي مشينري، فصلن جي انشورنس، مارڪيٽنگ جون حڪمتِ عمليون ۽ پاليسيون شامل هونديون آهن ۽ انهن سان گڏوگڏ رشوت تي ڪنٽرول، گڊ گورننس، امن امان يعني لا اينڊ آرڊر جي بهتري اهي سڀئي جزا ۽ عمل پاڻ ۾ مڪمل طور تي جڙيل هجڻ کان پوءِ ئي نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا، انهيءَ کان سواءِ ترقي جو ٻيو رستو سوشلزم سرمائيداري ۽ جاگيرداري جو خاتمو هجڻ سان آهي پر ان جي لاءِ به ضروري آهي هڪ مضبوط سياسي پارٽي جي هجڻ سان گڏوگڏ عوام ۾ وڏي پيماني تي سياسي جاڳرتا، حب الوطني جو جذبو. ڀرپور محنت کان سواءِ سوشلزم به ڪاميابين جي بجاءِ ناڪامين جي طرف وڌي ٿو وڃي. موجوده اتحادي حڪومت کي پاڻ ڪنهن به صورت ۾ عوام دوست ۽ انقلابي نٿا سمجھون ۽ نه ان مان ڪنهن وڏن انقلابي فيصلن جي اميد ٿا رکون هي سياسي اسٽيٽسڪو جي جيڪا جوڙجڪ ۽ ڪلچر آهي هي به انهي جو هڪ حصو آهن پر هنن ۾ ۽ عمران خان ۾ فرق هي آهي ته هي پنهنجي سياسي پاپولرٽي لاءِ معيشت کي داءُ تي لڳائڻ کان پهريان هڪ سو دفعا سوچيندا ۽ عمران خان جيڪو پنهنجي ذات جي دنيا ۾ ۽ اقتدار جي جنونيت ۾ ايترو مگن آهي جو هي سڀ ڪجھه داءُ تي لڳائڻ ۽ سڀ ساڙي رک ڪرڻ هن جي لاءِ ڪا به معنيٰ نٿو رکي. عمران خان جيڪو مهانگائي جا نوان ريڪارڊ ٺاهيندڙ سياستدان آهي اهو جڏهن مهانگائي جي خلاف احتجاج ٿو ڪري ته اسان کي هن جي احتجاج تي تڏهن وڌيڪ خوشي ٿيندي، جڏهن هو معيشت جو هڪ نظريو يعني نجات جو منشور کڻي اڳيان اچي ۽ صاف لفظن ۾ چئي ته هن کان ماضيءَ ۾ جيڪي به ڪم ٿيا اهي معاشي بربادي ۽ موجوده حالتن تائين پهچڻ جو نتيجو هئا پر هاڻي هن نجات جي منشور تي عمل ڪرڻ سان موجوده حڪومت عمل ڪري يا اقتدار کان قبضو هٽائيندي اليڪشن جو اعلان ڪري باقي جيڪڏهن ساڳئي ڌٻڻ تي بيهي مهانگائي خلاف احتجاج ڪرڻ جو مقصد بلڪل ائين ئي آهي جو هو وڌيڪ حالتن کي خراب ڪرڻ جي لاءِ اهڙا سياسي ڏڦيڙ پيدا ڪري جنهن ۾ هي ملڪ هڪ قدم اڳتي وڌڻ جي بجاءِ ٻه قدم پوئتي وڃي سياستدان جيڪڏهن پنهنجي عوام دوستي سان ڪميٽيڊ هوندو آهي ته اهو تاريخ مان سبق سکندي غلطيون سڌاريندي پنهنجي پوري سياست کي تبديل ڪندي اڳتي وڌندو آهي سياستدان جي پرک مخالفن جي مٿان تنقيد سان ناهي ٿيندي پر ان جي پرک هن جي سياسي پروگرامن معاشي منشورن سان گڏوگڏ تنظيمي جوڙجڪ سان ٿيندي آهي پر جيڪڏهن سڀ ڪجھه ساڳيو ته پوءِ اهي احتجاج جيڪي اقتداري ڌڪمڌي لاءِ ڪيا ويندا آهن يعني تون هٽ مان اچان ته انهن کي پاڻ سياسي احتجاج نٿا چئي سگھون پر هڪ سياسي ڏڦيڙ ئي چونداسين.
مهنگائي جي خلاف جيڪي احتجاج عوام ڪري ٿو يا عوام دوست سياسي جماعتون ڪن ٿيون، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڏڦيڙ جو نالو نٿو ڏئي سگھجي بلڪه انهن جو احتجاج ئي اهو دٻاءُ وڌائيندو ته عوام تي مهانگائي جو بار وڌائڻ جي بجاءِ دولتمند طبقي تي ٽيڪس جو نيٽورڪ وڌائجي يقينن عوامي احتجاج حڪمران سياست ۽ رياست جي ادارن کي اهڙي قدم کڻڻ تي مجبور ڪندا يا عوام پنهنجا سياسي فيصلا ٻيا ڪرڻ شروع ڪندو. پر عمران خان جو احتجاج مهانگائي خلاف اهوئي ٻڌائي پيو ته هو بهتري آڻڻ جي بجاءِ سياسي ڏڦيڙ کي بهتر پيو سمجھي ۽ ڏڦيڙي سياست هن جي نظريي ۽ مزاج جي ڪيمسٽري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button