ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بلدياتي چونڊون ۽ سنڌ جو عوام

EDitorial-Article-Rashid Leghari

سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن جو چهچٽو جاري آهي. اهو بلدياتي اليڪشن عوام ۽ ماڻهن جي زندگي بدلائي سگهندو به يا نه، هن وقت ڏنل بجيٽ ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ مهانگائي جي وقت ۾ اليڪشن ڪرايون پيون وڃن. فارمن جي تاريخ گذرڻ کانپو اميدوارن جي اسڪروٽني جو عمل جاري آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ 4 هزار کان وڌيڪ اميدوارن فارم جمع ڪرايا آهن. جن کي نشان الاٽ ڪيا ويندا. حيدرآباد ۾ اميدوارن جا نالا نه ڏيڻ ۽ کين شامل نه ڪرڻ تي پ پ ۾ اختلاف به سامهون آيو آهي. جنهن جو دنگل 24 جولا تي مچڻو آهي. پ پ ضلعي حيدرآباد ۾ ٽڪيٽن واري معاملي تي پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وچ ۾ اختلاف پڻ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. پ پ سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لا آزاد اميدوارن جي حيثيت سان به فارم جمح ڪرائي ڇڏيا آهن. ھن ڀيري حيدرآباد ضلعي ۾ ڪيترن ئي يونين ڪائونسلن ۽ وارڊن تي پ پ جي اميدوارن جو پنھنجي ئي پارٽي سان لاڳاپيل اميدوارن سان مقابلن جا امڪان وڌڻ لڳا آهن. پ پ جو سينيٽر مولابخش چانڊيو پنھنجي پٽ عمير چانڊيو جي چيئرمين واري سيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. پ پ حيدرآباد ضلعي جا عھديدار پنھنجن اميدوارن کي سيٽ وٺي ڏيڻ ۾ بيوس بڻيل آهن. قاسم آباد جي ٽائون ۽ يونين ڪائونسلن ۾ پ پ اڳواڻ صوبائي وزير ڄام خان شورو جا اميدوار ٽڪيٽن وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. پ پ عورت ونگ جي سينئر اڳواڻ نورالنسا ابڙو جي پٽ اسد ابڙو کي ٽڪيٽ نه ملي سگھي آهي. پ پ ضلعي حيدرآباد جي ٽڪيٽن واري مسئلي کي حل ڪرائڻ لا پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کھڙو پ پ اڳواڻ ضيا لنجار حيدرآباد ۾ رضوي ھائوس تي گڏجاڻي پڻ ڪئي. جنهن ۾ صدر نثار کھڙو پ پ اڳواڻ ضيا لنجار، پ پ ضلعي حيدرآباد جي صدر صغير قريشي پ پ اڳواڻ ڄام خان شورو گڏجاڻي ڪئي. جنهن ۾ علي محمد سھتو، ايم پي اي عبدالجبار خان ڊاڪٽر عرفان گل مگسي ۽ زاھد ڀرڳڙي به شرڪت ڪئي. بلدياتي چونڊن ۾ سيٽن جي معاملي تي ناراض پ پ اڳواڻ سينٽر مولابخش چانڊيو کي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو فون تي رابطو ڪري کيس پرچائي ورتو، پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جي پٽ عمير چانڊيو کي چيئرمين جي عھدي تي سيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏھن ته برڪت ٻٻر به سيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پ پ اندر ان تي هڪ بحث جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي. حيدرآباد سان گڏ نوابشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ اهي اختلاف ڏسڻ لا مليا آهن، قومي عوامي تحريڪ پڻ اليڪشن ۾ سرگرم بڻيل آهي. اياز لطيف پيلجو چيو آهي ته ڌانڌلي ڪرائڻ لا اسان جي اميدوارن جا فارم رد ڪيا پيا وڃن، جيڪي بحال ڪيا وڃن. هن الزام ۾ هنيو ته آر او جانبدار ٿي ڪم ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن کي ان عمل کان روڪيو وڃي. اهڙي ريت آزاد اميدوار به سامهون اچي رهيا آهن. ڀلي اليڪشن جو سلسلو هلندو رهي پر حيدرآباد جو عوام به هن وقت مهانگائي بيروزگاري ۽ هڪ اذيت واري زندگي ڀوڳي رهيو آهي. جنهن کي ختم ڪرڻ لا ڪير به اڳيان نه آيو آهي. روڊن ۽ رستن تي ڀلي گاڏيون ڊوڙبنديون هجن پر غربت به هنن روڊن تي دربدر ٿيندي نظر اچي ٿي. ان کي به ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ترقياتي ڪم به ڪجهه هنڌن تائين محدود ٿيل آهن.
حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ يوسيز ۾ تبديلون ڪرڻ، اميدوارن کي نشان الاٽ نه ڪرڻ ۽ پولنگ تبديل ڪرڻ خلاف ها ڪورٽ ۾ پٽيشنز داخل ٿيل آهن، سنڌ ها ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ شنوائي پڻ ڪندي رهي آهي. ٻڌڻي لا تاريخ رکي ڇڏي آهي. سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ ماتلي، شهدادپور، نوشهروفيروز، کپرو، سانگهڙ سان واسطو رکندڙ مختلف اميدوارن طرفان ضلعي ڪائونسل، يونين ڪميٽيز ۾ يوسيز جي نالا تبديل ڪرڻ، هڪ يونين ڪائونسل ۽ ڪميٽيز کي ڌار ڪرڻ، نشان الاٽ نه ڪرڻ، بجلي جا بل نه پيارڻ باوجود نامزدگي فارم وصول ڪرڻ، لسٽن مان اميدوارن جا نالا گم ڪرڻ خلاف وڪيل ماما هاشم لغاري، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، عشرت لوهار، حميدالله ڏاهري ۽ ٻِين معرفت ڌار ڌار پٽيشن داخل ڪيون هيون. جنهن جي شنوائي ڪالهه سنڌ ها ڪورٽ ۾ جسٽس محمد ڪريم آغا ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم ڪئي، جسٽس نوشهروفيروز جي داخل پٽيشن تي ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها پٽيشن سکر بينچ منتقل ڪئي وڃي. وڪيل نعمان سهتو چيو ته نوشهروفيروز جو اليڪشن ڪمشنر نوابشاهه ۾ ويهي ٿو. ان ڪري اها هتي ٻڌي وڃي. ساڳئي وقت وڪيل پڻ يونين ڪائونسل ۾ تبديلين ۽ لسٽن مان نالا خارج ڪرڻ خلاف پڻ دليل ڏنا، جنهن بعد عدالت اڄ 15 جون صبح 11 بجي تائين سمورين پٽيشن جي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته سانگهڙ جي حمزو درس پولنگ جي تبديلي خلاف داخل پٽيشن تي شنوائي ڪندي تاريخ رکي وئي آهي. ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ اعتراض واريون 40 کان وڌيڪ پٽيشنون داخل آهن. سنڌ ۾ بلدياتي اليڪشن کان اميدوارن هڪٻئي تي الزام پڻ هڻي رهيا آهن. جيڪو سلسلو اخبارن ۽ سوشل سائيٽس تي رپورٽ ٿيندو رهي ٿو. عوام عام چونڊن کانپو بلدياتي چونڊن ۾ به ترقياتي اسڪيمن جي اميد رکي ٿو. ان لا عوام کي سدائين لا مايوس ڪيو ويو آهي. هن ڀيري هڪ ڀيانڪ حالتن ۾ اليڪشن عوام جي مطالبن کي مضبوط ڪنديون. عوام جا مسئلا ننڍي سطح تي حل نه ٿيا ته پو چونڊيل نمائندن کان عوام سخت پڇاڻو به ڪري سگهي ٿو. پڇاڻي سان گڏ پنهنجي ڏنل ووٽ جو حساب به چڪائي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button