ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ليننزم ۽ ادب-I

Editorial-Article-Yameen Jatoi

مارڪسزم-ليننزم انهن ماڻهن لاءِ بهترين رهنما اصول آهي جيڪي اسان جي دور جي پيچيده ادبي تخليقي عمل جو ان جي مختلف نوعيت جي نظرياتي ۽ جمالياتي لاڙن جي تضادن جو تجزيو ڪرڻ ۾ رڌل آهن جيڪي (لاڙا) تخليق هيٺ ادب جي خاصيت هوندا آهن. مارڪسزم-ليننزم ئي انهن نون لقائن جي تحقيق ڪرڻ لاءِ رهنما وارو ڪم ڏئي ٿو جيڪي اڄوڪي دنيا ۾ ٿيندڙ انقلابي تبديلين جي نتيجي ۾ فني زندگيءَ ۾ پيدا ٿي رهيا آهن. ليننزم جي ئي موقف سان ماڻهو فني خيالن جي هن جنگ جي ڳر کي سمجهي سگهي ٿو ۽ ان جي ڪٿ ڪري سگهي ٿو جيڪا هن وقت فن ۽ ادب ۾ ٿي رهي آهي.
بورجوا فيلسوف، سماجياتدان ۽ معاشياتدان سماجي ترقيءَ جي معروضي معيارن کي نظرانداز ڪري ان جي سماجي رخن کان انڪار ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا ۽ هلندڙ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي انقلاب تهذيب ۾ جيڪو اضافو ڪيو آهي انهيءَ کي پهرين اهميت ڏين ٿا. هو ان انقلاب کي هڪ اهڙي طاقت طور پيش ڪن ٿا جيڪا دنيا کي تبديل ڪري واقعي سوشلسٽ انقلاب آڻي رهي هجي. فن ۾ ڪجهه “جديديت پسند” رجحانن جي حامين سان گڏوگڏ اهي ماڻهو اهڙا ڪائناتي تصور جوڙي رهيا آهن جيڪي همعصر دور جي معنيٰ کي بگاڙي رهيا آهن. اهي ماڻهو پاڻ انسان جا ئي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏين ٿا ۽ ان جي نج انساني جوهر کي ان جي حياتي سرگرمين جي سماجي، عملي لقاءُ جي سامهون آڻي بيهارين ٿا. سندن خيال ۾ اهي ميدان يا ته هڪٻئي کان آزاد هوندا آهن، يا وري هڪ کي ٻئي تي حاوي هئڻ گهرجي. اهي ماڻهو انسان جي ان جي واڌ ويجهه ۽ لقائن کي ڪل جي حيثيت سان يا ته ڏسن ئي نٿا يا ڏسڻ ئي نٿا چاهين.
بورجوا شعور سماجي ترقيءَ جي ٻن هڪٻئي سان سلهاڙيل پاسن يعني سماجي ۽ ٽيڪنيڪي پاسن وچ ۾ هڪ ڏار پيدا ڪرڻ جو، ٽيڪنالوجيڪل، مادي ۽ صنعتي ترقيءَ کي ئي جامع قرار ڏيڻ جو، ۽ اهڙي واحد طاقت طور پيش ڪرڻ جو رجحان رکي ٿو جيڪا اڄ جي دنيا جي روح ۽ خصوصيت جو تعين ڪري ٿي. ذهن جي ان رويي جي پيشنظر، جنهن اهڙي نموني جي ٻين ڪائناتي تصورن کي جنم ڏنو آهي، انسان بس صنعتي، ٽيڪنالوجيڪل ۽ شهري ڪلچر جي پيداوار لڳي ٿو. بورجوا نظرئي سازن جو چوڻ آهي ته انسان جي شعور جي جديديت جو تعين ڪرڻ وارو معيار خيال ۽ روحاني عمل سان گڏ ان جي رشتن جي طاقت هوندي آهي جيڪا ٽيڪنالوجيڪل سماج جي صنعتي ترقيءَ جو گڻ هوندي آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته صنعتي ۽ سائنسي ترقيءَ جا مادي ۽ ٽيڪنالوجيڪل ڪارناما به همعصر انسان جي دائري ۾ اچن ٿا پر ليننزم اها تعليم ڏئي ٿو ته رڳو اهي ڪارناما ئي ناهن جيڪي بنيادي طور سماج جي قوتن کي ۽ انهن ۾ پيدا ٿيندڙ ٽڪرائن کي قيد کان آزاد ڪن ٿا. ترقيءَ جي ٽيڪنيڪي عنصرن جو اثر انسان تي اڻسڌو ٿئي ٿو ۽ شعور جي، سماجي نظرين ۽ روين جي تشڪيل ۾ سماجي عنصر جي حيثيت سان اهي ايترا اهم ناهن هوندا. ڳالهه هيءَ آهي ته موجوده صنعتي ۽ ٽيڪنالوجيڪل انقلاب سرمائيداريءَ کان سوشلزم ڏانهن سماجي عبور جي وڌيڪ سخت ۽ آفاقي عمل جو هڪ حصو آهي جنهن سان زندگيءَ جي سڀني دائرن ۾ زبردست تبديليون اچن ٿيون ۽ سرمائيداراڻي موقف ۾ ڪمزوري اچي وڃي ٿي.
1914 ۽ ۾ لينن هيگل جي لکڻي “منطق جي سائنس” جو خلاصو پيش ڪندي اها لکڻي نقل ڪئي جنهن ۾ هيگل انسان ۽ سماج جي رشتن سان بحث ڪيو هو. لينن پنهنجي تبصري ۾ ان خيال جي وضاحت ڪئي جنهن کي هيگل مفڪراڻي فلسفياڻي انداز ۾ پيش ڪيو، ان جي معروضي جوهر کي چٽو ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته “دنيا انسان کي مطمئن نٿي ڪري سگهي ۽ انسان پنهنجي سرگرميءَ سان ان کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو.” اهو تکو ۽ بامعنيٰ اصول زندگيءَ بابت ۽ انهن عملن ۽ لقائن بابت جيڪا هو ذهن ۽ شعور جي ميدان ۾ پيدا ڪري ٿي، لينن جي خيالن ۾ بنيادي اصول جي حيثيت رکي ٿو. لينني نظريو فعال آهي ۽ ان جو مقصد دنيا جي انقلابي نئين سر اڏاوت ڪرڻ آهي ان ڪري هو فن کي به ان نئين سر اڏاوت ۾ حصو وٺڻ جي سگهه رکندڙ قوت سمجهي ٿو. سڀ کان وڌيڪ ان اصول جو اطلاق اسان جي صديءَ جي انقلابي فن تي ٿئي ٿو جنهن قدر جوڳين تهذيبي روايتن کي پنهنجي پاڻ ۾ سموهي هڪ نئين جمالياتي نظام-يعني سوشلسٽ حقيقت نگاريءَ-جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي.
لينن جو مشهور مقالو “پارٽي تنظيم ۽ پارٽي ادب” ان حقيقت جو ثبوت آهي ته هو فن کي تمام وڏي اهميت ڏيندو هو ۽ ان کي ذهني زندگيءَ جو فعال عنصر سمجهندو هو. ان مضمون ۾ انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ادب کي وڏي واڪي ۽ مضبوطيءَ سان مزدور طبقي جي گڏيل مقصد جو هڪ حصو، ان واحد عظيم سماجي جمهوري مشين جو “پرزو” ٻڌايو ويو آهي جنهن کي “سڄي مزدور طبقي جو سياسي طور باشعور هراول دستو هلائي ٿو.”
پر سماجي زندگيءَ ۽ جدوجهد ۾ ادب جي مقام جو تعين ڪندي لينن جو مطلب هر قسم جي ادب مان نه هو بلڪ ان ادب مان هو جيڪو حقيقت نگاريءَ سان واڳيل هجي، حقيقت پسند ۽ بنيادن تي بيٺل هجي. لينن پنهنجي جمالياتي نظرئي ۾ تمام واضح نموني ۽ قطعي طور فن ۾ حقيقت نگاريءَ جو مبلغ هو.
ليننزم جا موجوده مخالف لينني خيالن جي زبردست قوت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ لينن کي هڪ اهڙي مفڪر طور پيش ڪرڻ چاهين ٿا جنهن کي رڳو 19هين صديءَ جي نظرياتي زندگيءَ جي ڳڻتي هئي جنهن رڳو انهن ئي مسئلن جو حل پيش ڪيو آهي جيڪي 19هين صدي سماجي فڪر لاءِ پيدا ڪيا هئا. ليننزم جي “مدي خارجيت” ۽ هم عصر تاريخي عمل مان پيدا ٿيندڙ ٽڪرائن کي حل ڪري سگهڻ کان قاصر هئڻ بابت اهڙي ڪوشش رڳو ليننزم جي فلسفياڻي ۽ سياسي پاسن بابت ئي نه پر ادب ۽ فن بابت سندس رويي بابت به ڪئي وڃي ٿي. اهڙي نموني لالوائي پنهنجي ڪتاب “لي سوشلزم دي لينن” (لينن جو سوشلزم) ۾، جيڪو تازو ئي ڇپيو آهي، اهو اعلان ڪيو ته لينن جي نظريي ۽ جماليات جو دائرو پوئين صديءَ جي ستين ڏهاڪي جي روسي انقلابي جمهوريت پسندن جي لکڻين تائين محدود هو ۽ اهو ته مبينا طور هو ان جي اثر مان ٻاهر نه نڪتو هو. اهو سچ آهي ته روسي انقلابي جمهوريت پسندن جي ورثي کي لينن تمام گهڻو اهم سمجهندو هو ۽ مثال طور، چرنيشيوسڪيءَ کي 19هين صديءَ جي آخري اڌ جي بورجوا مفڪرن ۽ فلسفين کان تمام گهڻو مٿانهون سمجهندو هو پوءِ به لينن سندس ورثي کي تنقيدي نظر سان پرکيو ۽ سندس بهترين حصي کي پنهنجايو. حقيقت نگاريءَ کي جيڪو هن پنهنجايو ته ان جو ڪارڻ اهو نه هو ته هو پنهنجي پيشروئن جي واٽ تي اکيون بندي ڪري هلي پيو، ان جو سبب سندن تخليقي طريقيڪار ۾ ۽ سوشلسٽ انقلاب جي منزل سان ان جي مڪمل مطابقت ۾ ڳولڻ گهرجي.
حقيقت نگاريءَ جو بنيادي اصول آهي وجود جي اهم پاسن جو ادراڪ، ۽ اهو ئي اصول ان جي جماليات کي اڳواٽ ئي طئي ڪري وٺندو آهي. ان لاءِ حقيقت نگاري لينن جي راءِ ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو، فعال ۽ ڦلدائڪ لاڙو آهي. ايئن ٿيڻ لازمي آهي ان لاءِ جو حقيقت نگاري زندگيءَ جي انتهائي بنيادي مثالي لقائن جي عڪاسي سچائيءَ سان ڪري اڻٽر طور ماڻهوءَ کي ان کي بدلڻ جي ضرورت بابت سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿي. لينن حقيقت کي انقلابي انداز ۾ بدلائڻ لاءِ حقيقت نگاريءَ کي اوزار سمجهندو هو. ٽالسٽاءِ تي سندس مضمون ان ڳالهه جو واضح مثال آهن ته لينن حقيقت نگاريءَ بابت ڪهڙي نموني سوچيندو هو.
سماجي تجزيو حقيقت نگاريءَ جو جوهر ۽ ان جي عام خصوصيت هوندو آهي. ٽالسٽاءِ جي لکڻين ۾ نه رڳو اهو ته زندگيءَ جي ادراڪ جو وسيلو موجود آهي بلڪ غيرمنصفاڻي سماجي نظام جي سخت تنقيد جو وسيلو به موجود آهي. لينن ٽالسٽاءِ جي سنجيده حقيقت نگاريءَ جي توانائيءَ جي وضاحت ڪندي اهو به ٻڌايو ته ٽالسٽاءِ جي عالمي نقطه نظر جي خاص صورت سان جيڪي ڪيترائي تعصب پيدا ٿين ٿا، انهن باوجود ان اديب پنهنجي دور جي انتهائي اهم پيچيده مسئلن کي قطعيت سان ۽ بي لوث ۽ کري نموني پيش ڪيو ۽ ان سماج جي تنقيد ڪري پيش ڪيو، جنهن جو بنياد استحصال تي هو. هن “جمهوريت ۽ سوشلزم” جي انهن ٺوس مسئلن سان بحث ڪيو جنهن کان بورجوا لبرل سماجي فڪر انتهائي بزدلاڻي طريقي سان ڪن لاٽار ڪندو رهندو هو. اها ڪن لاٽار ان بنياد تي هئي ته انهن سوالن کي جيڪڏهن ٺوس طريقي سان پيش ڪيو ويو ته ظاهر ٿي ويندو ته دنيا جهڙي آهي ان مان انسان مطمئن ناهي، اهو ظاهر ٿي ويندو ته انسان پنهنجي عمل سان دنيا کي بدلائڻ واري ضرورت کي اڻٽر طور محسوس ڪندو آهي. لينن اهو ثابت ڪيو ته ٽالسٽاءِ جنهن قسم جي عمل لاءِ آواز ڏيئي ٿو اهي، کيس جيڪو زندگيءَ جو گهرو علم هو ان زندگيءَ جي مشاهدي سان هن جيڪي نتيجا ڪڍيا اهي، غيرحقيقي هئا، ان جو سبب شروعاتي دور جي هاري جمهوريت جي نظرئي جي خصوصيت ۾ ڳولڻ گهرجي جنهن جي ٽالسٽاءِ ترجماني ڪئي آهي. پر ان سڀ ڪجهه باوجود وڏي حقيقت نگار فنڪار جي شعور جا تضاد داخلي نوعيت جا نه هئا. اهي تضاد معروضي سببن پيدا ڪيا هئا ۽ پاڻ معروضي هئا جن سان انهن ماڻهن جي اڪثريت ۾، جن تي هڪ غيرمنصفاڻو نظام ظلم ڪندو هو، احتجاج جي بيساختا جذبي جي ڪمزوري ظاهر ٿئي ٿي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button