هڪ طرف موجوده حڪومت خلاف عمران خان جي پاليسي جي ناڪامي ۽ پارٽي جي رينڪ اينڊ فائل ۾ ناراضگي واضح طور تي سامهون اچي رهي آهي ته ٻئي پاسي ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي مشروط طور گري لسٽ مان ڪڍي وائيٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي اڪيلائپ کي ختم ڪرڻ جا امڪان پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان ملڪ جون مک سياسي ۽ غير سياسي قوتون هڪ ڀيرو ٻيهر اهو تاثر ڏين پيون ته ماضي جيان نه ئي سهي پر هو اهم معاملن تي هڪٻئي جو ساٿ ڏينديون. ڪجهه عرصو اڳ واضح طور تي نظر آيو پئي ته اسٽيبلشمنيٽ پريشاني وچان موجوده حڪمرانن کان پاسيري نظر آئي پئي. اها موجوده حڪمرانن سان عمران خان جيان گڏجي ڪم ڪرڻ کان لنوائي رهي هئي، پر ڏيهه ۽ پرڏيهه مان اهڙا اشارا ملڻ شروع ٿيا، جو اسٽيبلشمينٽ کي به چيچ ڪٽائي شهيدن جي لسٽ ۾ شامل ٿيڻ جو شوق جاڳيو. هينئر، جيئن ئي برلن مان هي خبر آئي ته پاڪستان کي مشروط طور گري لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي ته اهي جن جو گيٽ نمبر چار مان اچڻ وڃڻ جو تجربو آهي، انهن چوڻ شروع ڪيو ته هي ڪاميابي واڳ ڌڻين جي آهي، ڪن چيو ته عمران خان ئي سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا هئا، جڏهن ته اتحادي حڪومت چوڻ لڳي، هي انهن جي ٽيم جي ڪاميابي جو نتيجو آهي.حنا رباني کر، جيڪا عالمي ميڊيا جي نظر ۾ ڪنهن ڊارلنگ جيان مرڪز بڻي هئي،اهو هن جو ڀارت جو دورو ۽ اتان جي ميڊيا جو ڌيان هو، پر هاڻ هو اتحادي حڪومت جي نمائندي طور پاڻ مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي.
گري لسٽ مان نڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن، ائين به ناهي ته رڳو آمريڪي ان ڪري خوش آهن ته انهن کي اتحادي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿي رهي آهي. عمران خان ته اتحادي حڪومت کي امپورٽيڊ سڏي ٿو، پر هن جو اهو بيانيو به ميدان ۾ بيهي نه سگهيو آهي،ان ڪري هو اهڙو بيانو گهڙڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته جيئن هو سياسي ميدان ۾ پير کوڙي بيهي سگهي، جنهن جا امڪان به ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. عمران خان جي ناڪام لانگ مارچ جي کيس سياسي قيمت ادا ڪرڻي پئي، پر اڃان گهڻي سياسي قيمت ادا ڪندو. جنهن وقت هن جي چوڌاري پارٽي اڳواڻ آهستي آهستي کسڪي ويندا ته هو حيران ٿي ويندو. هينئر تائين پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي يقين آهي ته انهن جا هڪ ڏينهن وارا نيارا ٿيندا، جنهن جا امڪان رهندا آهن، پر جيڪا ڏاهپ ڀري ۽ زميني حقيقتن مطابق حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، عمران خان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو آهي. عمران خان کي جيڪڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ته اهي جيڪي هن سان گڏ پهرين، ٻين ۽ ٽين صف ۾ بيٺا هئا،انهن مان آڱرين تي ڳڻڻ جيترن کي ڇڏي باقي کيس ٻي قوت پاران عطا ڪيا ويا هئا. اهي ڍنڍ جا پکي هئا، جن جي اڏامڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي. جيئن ئي عام چونڊن لاءِ ميدان صاف ٿيڻ شروع ٿيندو، ان سان گڏ سياسي پارٽين خاص ڪري پي ٽي آءِ ۾ ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويندي. ڇاڪاڻ ته جيڪي اڳواڻ پي ٽي آءِ ۾ شامل آهن، انهن مان ٿورا هوندا، جيڪي عمران خان جي ذات يا پارٽي پروگرام سان اتفاق ڪندا هوندا، ڪيترائي بغض معاويه وارا به هوندا، ان ڪري عمران خان کي پنهنجا پير سنڀالي اڳتي وڌڻ گهرجي.
ملڪ کي اڪيلائپ مان ڪڍڻ لاءِ جتي چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن ۽ ڪنهن حد تائين آمريڪا ۽ برطانيا اهم ڪردار ادا ڪيو، اتي ملڪ اندر کنيل قدم به اهم آهن. اهي ويڙهاڪ تنظيمون جيڪي ڀارت جي خلاف هيون ۽ انهن مان ڪيتريون ئي والاريل ڪشمير ۾ ويڙهه ۾ حصو وٺي رهيون هيون، انهن کي پاسيرو ڪيو ويو. هي ڪم ڪافي عرصي کان جاري هو. ڀارت سميت دنيا جي مختلف ملڪن کي نيڪ خواهشن جو تاثر ڏيڻو هو، اهو به ڏنو ويو. ان حوالي سان سڀني ڏٺو ته پهرين ڪابل ۾ بندش وڌل تنظيم ٽي ٽي پي پاڪستان سان ٺاهه ته ڪيو پر اهو به ڪچو پڪو هو. پ پ جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو موقف اختيار ڪيو ته بندش وڌل ٽي ٽي پي جي سگهه ڪمزور هجڻ باوجود هو اڪيلي سر ڪو معاهدو نه ڪندا پر پارليامينٽ فيصلو ڪري. هي معاملو هينئر به اڌ ۾ پيو آهي. ان سان گڏ حافظ سعيد، جنهن جي پارٽي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، ان جي پنهنجي گروپ کي پاسيرو ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. حافظ سعيد کي 33 سال قيد جي سزا ڏني وئي ۽ ممبئي حملن ۾ ملوث هجڻ جي دعوا ڪندڙ ضيا الرحمان لکوي کي به گرفتار ڪيو ويو. حافظ سعيد جي جسماني حالت به اهڙي ناهي جو ڪنهن ويڙهه جي رٿابندي ڪري سگهي يا اهڙي ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهي. هن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ کانپوءِ ان جو علاج به ڪنهن ملٽري اسپتال ۾ ٿي رهيو هو. هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ به نئين حڪمت عملي جوڙي آهي، جنهن کي “geo-strategy” to “geo-economics” طرف شفٽ سڏيو ويو. ان پاليسي ۾ عمران خان فِٽ نٿي ٿيو، هن جو رويو پراڻو هو، جنهن ڪري ان تي طالبان خان جهڙا الزام لڳا هئا. ملڪ ۾ حڪومتي تبديلي جو هڪڙو سبب اهو به ٻڌايو ويو ۽ هي سڀ ڪجهه گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ ضروري هو.
هينئر جيڪي سمجهن ٿا ته پاڪستان جو گري لسٽ مان نڪرڻ يا نڪرڻ تي اتفاق جو سهرو واڳ ڌڻين جي سر تي آهي، اهي شايد واڳ ڌڻين جي ماضي کي وساري ڇڏين ٿا. هي ساڳيو آمريڪا آهي، جنهن جون پرو جهادي پاليسيون هيون ۽ ان جو هٿيار ڪو ٻيو نه پر اسٽيبلشمينٽ هئي. جيئن ئي حڪمت عملي تبديل ٿي ته ان سان گهڻيون شيون تبديل ڪرڻيون پيون. جيڪڏهن عمران خان آساني سان پاليسي شفٽ کي قبول ڪري ها ته کيس شايد مشڪل ڏينهن به ڏسڻا نه پون ها. پر هن جي سوچ هينئر به پراڻي آهي. پرڏيهي پاليسين تي عمل ڪرڻ لاءِ عمران خان وٽ تجربيڪار پرڏيهي وزير هو، پر ان جا هٿ به ٻڌل هئا. هن وٽ معيد يوسف کان وٺي ڪجهه ٻيا پرڏيهي نمونا هئا، جن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا هئا. انهن به پهريان هام هنئين هئي ته انهن جو واسطو آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس سان آهي ۽ انڪل سام کي رام ڪري وٺندا، پر ائين ٿيندي نظر نه آيو. ان جو نتيجو هي نڪتو ته ملڪ عالمي سطح تي اڪيلو ٿي ويو. ڀارت جي وزير اعظم عمران خان سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو ۽ آمريڪي صدر جي فون جو عمران خان آخري ڏينهن تائين انتظار ڪندو رهيو. عمران خان سمجهيو پئي ته هو عالمي سطح تي قداآور شخصيت آهي، ان ڪري سڀئي ان کي قبول ڪندا ۽ اکين تي ويهاريندا، پر سڀني ڏٺو ته ائين نه ٿيو. اهي جيڪي چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ کي خبر هئي ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪرڻ وارو آهي، ان ڪري انهن مجبوري وچان ان سياسي قيادت کي قبول ڪيو، جنهن خلاف عمران خان رات ڏينهن ڊگهي زبان استعمال ڪندو هو ۽ سمجهيو به اهو ئي ويو ته اها عمران خان جي پنهنجي نه پر واڳ ڌڻين جي زبان هئي. ان ڳالهه جو اعتراف آصف زرداري به ڪيو، هن پارٽي جي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالهه ڪئي ته مستقبل ۾ حڪومت هن جي پارٽي ٺاهيندي ۽ ان سان گڏ اهو قبول ڪيو ته واڳ ڌڻين کي هنن جڏهن به چيو آهي ته هنن سندن ڳالهه مڃي آهي ۽ هو به سمجهن ٿا ته اسان ئي انهن جي ڪم اچي سگهون ٿا. ان ڳالهه ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف کي پريشان ضرور ڪيو هوندو. هي ڪجهه ڏينهن کان چوندا رهيا ته مستقبل ۾ به موجوده اتحادي حڪومت رهندي ۽ عمران خان جي اقتدار ڏانهن واپسي جو ڪوبه گس ناهي. زرداري اصل ۾ عمران خان سان گڏ سياست ڪندڙ کي پيغام ڏنو پئي ته هو ان وٽ اچن، کين اڄ يا سڀاڻي هونئن اچڻو آهي. آصف زرداري جي انهن ڳالهين کي غير سنجيده نه وٺڻ گهرجي.
عالمي پليٽ فارم تي به پاڪستان لاءِ بهتر ماحول تيار ٿي ويو آهي، پر ملڪ اندر گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. حڪومتي ڌر موجوده صورتحال جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏئي ٿي. پر عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر يوٽرن وٺي، چئي رهيو آهي ته هن جي حڪومت کي هلڻ نه ڏنو ويو. جيڪڏهن کيس باقي ڏيڍ سال هلڻ ڏنو وڃي ها ته ملڪ ۾ کير ۽ ماکي جون نديون وهن ها. هينئر هو جيڪو ايڪڙ ٻيڪڙ احتجاج جا ٽريلر ڏيکاريندو، اهي هن جي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ بدران وڌيڪ ڪمزور ڪندا. ائين چئجي ته احتجاج هن خلاف بيڪ فائر هوندو. عمران خان کي جيڪڏهن سياسي ميدان ۾ رهڻو آهي ته پنهنجي حڪمت عملي تي به نظرثاني ڪري، واڳ ڌڻين جي آشيرواد کانسواءِ هو ڪنهن به صورت ۾ اقتدار ۾ اچي نه سگهڻ واري سوچ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ تمام وڏو حلقو آهي، جيڪو سمورين براين جو ذميوار واڳ ڌڻين کي سمجهي ٿو. هاڻ اهو نه پڇڻ گهرجي ته عمران خان جي سياسي ڪيمسٽري اينٽي اسٽيبلشمينٽ رهي آهي ته ان جو جواب به نهڪار ۾ آهي، پر سياسي خال موجود آهي.