ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شھيد راڻي ۽ سندس جدوجهد

Editorial-Article-Amanat Jalbani

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 15 سالن جو عرصو گذري رھيو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بينظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي. ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو، شهيد، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ کيس گهر ۾ “پِنڪي” سڏيندا هئا، پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو.
بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي ان سان ٿيو جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقلي جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿئي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بنائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئين مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تازي رت جي اندر نظر اچي ٿو.
بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ تعليم سڀني لاءِ جو نعرو کڻي ايندڙ ۽ خصوصي طور تي نياڻين هي اعليٰ تعليم لا هر وقت فڪرمند رهندڙ هن همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد هئي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل هو. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.
سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا
اهي ٻئي پور، مون نماڻي نصيب ٿيا
محترمه ڀٽو صاحبه جو اهو ڪمال آهي ته پاڪستان جي سماج ۾ جتي عورتن کي ٻي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو ۽ هڪ ٽولو پنهنجي خواهشن لاءِ ائين به چئي ٿو ته عورت کي حڪمراني جو حق ڪونهي. اهڙي مرد جي سماج ۾ جتي عورت ڪنهن مرد سان هٿ به ملائي نه سگهي. اڪيلو سياسي ملاقات نه ڪري سگهي. گڏجي شڪار نه ڪري سگهي ۽ ڪنهن سان حد کان وڌيڪ مسڪرائي ڳالهائي نه سگهي. فوٽو به نه ڪڍائي سگهي، اهڙي مضبوط مرد جي سماجي معاشري ۾ محترمه ننڍي عمر جي عورت هوندي انهن سياست جي چاچن ۽ مامن کي شڪست ڏني مخالف بئنچن تي يا پنهنجي قيادت ۾ هلائي جن جي زندگي سياست ۾ گذري هجي اها سندس همت ۽ ڏاهپ آهي. سندس ٻه دفعا وزيراعظم ٿيڻ وڏي اهميت رکي ٿو.
مخالف پارٽين پاران ساڻس عدم تعاون ۽ روزانو تحريڪون، لانگ مارچ، ڪڏهن ٽرين مارچ، هڙتالون، شهر بند، مظاهرا هجن ته پوءِ ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿيندي، سياسي انارڪي ٿيندي، پرڏيهه ۾ ملڪ جو نالو بدنام ٿيندو، جمهوريت کي استحڪام نه ملندو ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿينديون، اهو ئي ٿيو جو ملڪ ۾ مخالفن جي ضدي روين، پرڏيهي مالياتي ادارن جي سخت شرطن ۽ پيپلز پارٽي ۾ ناخوش دوستن جي ڪري محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت کي هڪ دفعو وري 5 نومبر 1996ع تي رات جو ختم ڪيو ويو. محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگهه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007 وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لا جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. گُل ته 27 ڊسمبر تي وکرجي ويو هو. ڳاڙهيون پتيون وکري ويون. سڄو چمن اجڙي ويو هو. سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو زنده آهي. اها آزاد آهي. خوشبو کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.

تم کر دو قتل ميري سانسون کو، دفنادو ميري آوازون کو
ميري لفظ هلا کر رکهه دين گي ايوانون ڪي ديوارون کو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button