ٿر جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ فطري سونھن کان ڪو بھ انڪار نٿو ڪري، فطرت سان پيار ڪندڙ انسان هڪ ڀيرو ٿر ڏسي ٿو تھ ان جو روح ٿر سان سلھاڙجي وڃي ٿو. ٿر جو 85 سيڪڙو حصو ڀارت واري پاسي آھي ۽ پاڪستان ۾ فقط 15 سيڪڙو حصو اچي ٿو. ٿرپارڪر ضلعي ۾ ايندڙ صحرا ناري ۽ چولستان واري ٿر کان مختلف آھي، ھتان جي علائقي کي نيم صحرا چئي سگهجي ٿو. ٿرپارڪر واري صحرا ۾ ڀٽون وڏيون آھن ۽ وڻ ٽڻ ھجڻ ڪري خوبصورت لڳي ٿو. برسات وسڻ سان وسڪاري جي مند ۾ جڏھن ڀٽون سائي چادر اوڍنديون آھن تھ ڪشمير جو ڏيک ڏينديون آھن.
ٿر ۾ رھندڙ ماڻھن کي ماروئڙا، سانگيئڙا، جهانگيئڙا ۽ ڏوٿيئڙا جھڙن لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. انھن لقبن جي معنيٰ کي گھرائيءَ سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي تھ ھر لقب جي پويان درد سمايل آھي. سندن زندگي ڪٺن رھي آھي، سدائين ڏک ۽ ڏولائا پلئي پيا آھن. حڪمرانن پاران 20هين صدي تائين ھي خطو نظرانداز رھيو. ڀٽن ۾ رھندڙ ماڻھو بي يار و مددگار رھيا، جانور پالي، پورھيو ڪري، ڏٿ تي گذران ڪندا رھيا. صدين جي سفر مان گذرندي نيٺ ڀٽن واري ڀونءَ حڪومت پاڪستان کي ڪارو سون آڇي ڌيان ڇڪايو تھ ھي خطو بھ توھان جي نقشي ۾ شامل آھي ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي.
عام زندگيءَ ۾ اھو مشھور آھي تھ خوبصورت ۽ سون سان سينگاريل مرد يا عورت پنھنجي لاءِ خطرو پيدا ڪري ڇڏيندا آھن، ھر بشني جي ناپاڪ نظر پوندي آھي ۽ عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويندا آھن. ٿر جي مجموعي صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿيڻ جي ڪري جيڪي سياسي، سماجي ۽ معاشي ڀونچال آيا آھن، هن مضمون ۾ انھن جو تفصيل سان ذڪر ڪبو ۽ انھن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ڪجھه تجويزون عرض رکبيون.
سياسي ڀونچال:
ڪنھن بھ علائقي جي ترقي مقامي ۽ سياسي قيادت جي سوچ ۽ ذاتي دلچسپيءَ تي ھوندي آھي. ھڪ سرمائيدار جي سوچ جيڪڏهن پنھنجي علائقي جي بھتري لاءِمثبت ھوندي تھ ھو پنھنجي علائقي ۾ روڊ رستا، صنعتون ۽ ٻيا روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ ھڪ جاگيردار جي پنھنجي علائقي کي ترقي وٺرائڻ جي نيت ھوندي تھ ھو زراعت ۽ پاڻيءَ جي فراھمي کي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪندو، پليون ٺھرائيندو ۽ واٽر ڪورس وغيره پڪا ڪرائيندو. سرمائيدار توڙي جاگيردار پنھنجي دور حڪومت ۾ پنھجي ڪاروبار کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو ۽ غريب عوام جي ترقي سندن ايجنڊا تي نھ ھوندي.
ٿر جي سياسي تاريخ جو مطالعو ڪجي ۽ پوئين ھڪ صدي دوران طاقت ۾ رھندڙ خاندانن جي باري ۾ معلومات وٺڻ سان خبر پوندي تھ انھن لاءِ ھي خطو ھڪ رياست وانگر رھيو آھي. انگريز سامراج کين تحفي ۾ ڏئي خانصاحب جي لقب سان نوازيو ھو. اڇي ڪاري جا ڌڻي ھئا ۽ انھن جي بادشاھي جي بقا بھ انھي ڳالھه ۾ ھئي تھ ھتان جا ماڻھو تعليم کان محروم رھن، روڊ رستا نھ ھجن، ترقياتي ڪم نھ ٿين ۽ سموري ڇوڙي ٻڌي سندن ھٿن ۾ ھجي.
ٿر ۾ ارباب خاندان جو اثر رسوخ انگريزن جي دور کان رھيو آھي، انھيءَ خاندان جي سياسي طاقت قبيلائي، نسلي ۽ گروھي بنيادن تي رھي آھي. ٺاڪر راجپوتن سان رشتيداري ھجڻ ڪري سماجي برتريءَ جو احساس ويتر وڌي ويو. ساڍا چوڏھن ڪڙمن يعني ذاتين کي ملائي ارباب جو لقب ڏنو ويو ۽ اھڙي سماجي اتحاد جي ڪري سندن پلڙو سدائين ڀاري رھيو آھي.
ارباب خاندان جي سياسي حڪمت عملي ۾ اوطاقن تي لنگر، راڄوڻي فيصلا، ماڻھن جا انبوهه، ٿڪائي ٿڪائي فيصلي لاءِ راضي ڪرڻ يا داٻي دڙڪي سان مڃرائڻ، ھر ڳوٺ ۾ چڱي مڙس تي ھٿ ۽ متبادل کي بھ تيار رکڻ، پوليس ۽ ماستر کي پنھنجي سياست جو محور بنائڻ ۽ مختلف برادرين جي مسئلن جي باري ۾ باخبر رھڻ شامل آهي.
ٿر جي سياست جو رخ 1985ع ۾ تبديل ٿيو، جڏھن حاجي غلام محمد لاٽ مخالفت ۾ اچي سياست ڪئي. اھو دور ارباب خاندان جي سياست جي حوالي سان عروج تي ھو، ڳوٺ سطح تي مضبوط نيٽ ورڪ ھو ۽ چونڊ مھم ھلائڻ جي ضرورت نھ ھوندي ھئي فقط ھڪ چٺي ڳوٺ جي چڱي مڙس تائين پھچڻ ڪافي ھوندي ھئي.
جنرل ضياءُالحق جي دور جي پڄاڻيءَ کان پوءِ ٿر ۾ 1988ع جي چونڊن ۾ نوجوان طبقي پاران سياسي مخالفت جي شروعات ٿي جنھن جي رھنمائي ۽ اڳواڻي امر جگديش ڪمار ملاڻي پئي ڪئي. غلام محمد لاٽ ڀرپور طريقي سان چونڊ مھم ھلائي ۽ ٿر ۾ ووٽرن جو قدر ڪرايو. انھي تاريخي سياسي موڙ جي ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ٿر ۾ جڳھه ملي.
ٿر جي سياسي تاريخ جو ھڪ اھم موڙ ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت ھئي، پھريون ڀيرو ٿر جھڙي پوئتي پيل علائقي جي ماڻھو کي اھو مقام حاصل ٿيو. ارباب صاحب جيڪڏهن چاھي ھا تھ ٿر ۾ ڪجھه ادار قائم ڪري ھا ۽ صنعتي زون ٺاھي ڊگهي عرصي واريون رٿائون جوڙي ٿرين کي بک ۽ بيروزگار مان ڪڍي ھا پر ٿر مان شوڪت عزيز کي کٽرائڻ جي بدلي ۾ ۽ ٿر ۾ ڪوئلي جي کوٽائي ۾ سھوليت پيدا ڪرڻ لاءِ روڊ رستا ٺھرايا.
ٿر جي سياسي تاريخ ۾ 2013 ۽ 2018ع واريون عام چونڊون اھم رھيون آھن، جن ۾ پراڻي سياسي ڍانچي کي شڪست ملي آھي. روڊ رستن، موبائيل ٽيڪنالاجي ۽ سياسي شعور عام ماڻھو کي ھمت ڏياري آھي، پڙھي لکي طبقي سياسي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ارباب خاندان ۾ پڻ ڦوٽ پئجي چڪي آھي، خاندان جي پڙھي لکي طبقي اھو محسوس ڪيو آھي تھ ھاڻي سياست جي انداز کي تبديل ڪرڻو پوندو. خاندان جي تسلط ۽ ماڻھن کي گڏ کڻي ھلڻ لاءِ ضرور ھو تھ روايتي سياست کي ھڪڙي پاسي رکي ڪنھن مضبوط پارٽيءَ جو حصو ٿي، ماڻھن جي مالڪي ڪجي. اها سياسي چال کيڏڻ جو تصور تھ شاندار ھو پر عملي طور تي پنھنجي سياسي سوچ کي تبديل ڪرڻ لاءِ وقت گهربل آھي.
ملاڻي خاندان پنھنجي سياسي ساڃاهه ۽ مثبت رويي سان ٿر جي سياست ۾ نواڻ آندي آھي، امر جگديش ڪمار ملاڻيءَ کان ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي تائين خاندان جي سمورن اڳواڻن پنھنجي مشن کي جاري رکندي ٿر ۾ ھڪ مختلف سياسي ڪلچر متعارف ڪرايو آھي.
ھن سال مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ارباب خاندان جي اندر وڏو ڀونچال متل آھي، خاندان ٻن مختلف ٻيڙين ۾ سوار آھي ۽ عام ووٽر پريشان آھي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت جي باوجود ارباب خاندان جا چشم چراغ جيالا نھ ٿي سگهيا آھن ۽ نھ ئي ٿيڻ چاھين ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي پراڻن ڪارڪنن کي پاسيرو ڪري پنھنجن پراڻن ماڻھن تي مشتمل سياسي ٽيم ٺاھڻ لاءِ پارٽيءَ جا ٽڪيٽ جاري ڪرايا آھن. انھي حڪمت عملي ڏيپلي تعلقي ۾ سياسي ڀونچال آڻي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽيءَ جو تعلقي ڏيپلي جو صدر ناراض ٿي مخالف ڌر جي پينل سان اتحاد ڪري چونڊ پيو وڙھي ۽ تعلقي ڪلوئيءَ جو پ پ اڳواڻ محمد خان لنڊ بھ مخالف ڌر سان گڏجي چونڊ مھم ھلائي رھيو آھي. پارٽيءَ جو ضلعي صدر بيوس ۽ لاچار نظر پيو اچي، 1200 درخواستون جيڪي ضلعي صدر کي مليون ھيون، ان مان ڪنھن ھڪ کي بھ پارٽي ٽڪيٽ نھ ملي سگهيو، خاص طور تي ميگھواڙ برادريءَ کي تعلقي ڏيپلي جي چونڊ مھم کان پاسيرو ڪيو ويو آھي.
تعلقي ڏيپلي جا سمورا فيصلا پارٽيءَ جي عھديدارن جي مرضي خلاف ٿيا آھن ۽ ان عمل جو بنيادي سبب پارٽي پاران ارباب خاندان کي بدين ۾ خاص ڪم سونپڻ يعني ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ آھي. انھي ڳري ڪم جي قيمت تعلقي ڏيپلي جي پراڻن جيالن کي ضرور چڪائڻي پوندي. ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ انھيءَ سياسي نقصان کي چڱي ريت سمجهڻ جي باوجود چپ آھن، ڇاڪاڻ تھ اھو فيصلو مٿئين قيادت جو آھي. پارٽيءَ جي ڪارڪنن کي پاسيرو ڪرڻ جي ڪري پيپلز پارٽيءَ کي تعلقي ڏيپلي مان مڪاني ادارن جون چونڊون ھارائڻ جا امڪان آھن.
لڄپت سوراڻي ڀيل جنھن تازو پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪئي ھئي. انھيءَ ٿر جي سياست ۾ وڏي ھلچل پيدا ڪئي آھي، برادريءَ جي ووٽ جي طاقت جو ڀرپور مظاھرو ڪيو آھي. ھڪ ننڍڙِي ڪال ڏيڻ سان وڏي انگ ۾ ڀيل ڪميونٽيءَ جا ماڻھو گڏ ٿين ٿا ۽ ھر ڏکي موڙ تي سوراڻي جي مدد ڪن ٿا. ھنن چونڊن (ھلندڙ)