اڄ محترمه بينظير ڀٽو جو 69 هون جنم ڏينهن آهي. هوءَ ڪيتري قدر رحمدل هئي ۽ ڪيتري قدر هن بهادريءَ سان ظلم، ستم، مصيبتن ۽ تڪليفن جو مقابلو ڪيو. اڄوڪو ڏينهن ان حقيقت جو ادراڪ ڪرڻ جو ڏينهن آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊسٽرڪٽ جيل روالپنڊيءَ ۾ موت جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ويهي پنهنجي ڌيءَ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خط لکيو هو، جيڪو “ميري سب سي پياري بيٽي” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. هڪ خط ۾ شهيد ڀٽي پنهنجي ڌيءَ کي مخطاب ٿيندي لکيو آهي ته “1957ع جي سياري ۾ جڏهن تون چئن سالن جي هئينءَ ته اسين المرتضيٰ جي بلند چبوتري تي ويٺا هئاسين. صبح جو وقت خوشگوار هو، منهنجي هٿ ۾ دونالي بندوق هئي، هڪ بيرل 22 ۽ ٻيو 480 جو هو. مون بنا سوچڻ سمجهڻ جي هڪ جهنگلي طوطي کي ماريو، جڏهن طوطو چبوتري جي ويجهو اچي ڪريو ته تو رڙ ڪئي. تو ان کي پنهنجي موجودگيءَ ۾ دفن ڪيو. تون برابر رڙيون ڪندي رهين، تو ماني کائڻ کان به انڪار ڪيو هو. هڪ مئل طوطي 1957ع جي سياري واري موسم ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ننڍي ڇوڪريءَ کي ڊيڄاري ڇڏيو هو. 21 سالن کان پوءِ اها ننڍي ڇوڪري هڪ نوجوان ڇوڪري بڻجي وئي. جنهن جا اعصاب فولادي آهن ۽ جيڪا ظلم جي ڊگهي ترين رات ۾ دهشتگرديءَ جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهي آهي.”
هڪ پکيءَ جي موت تي ماتم ڪندڙ انتهائي رحمدل ڇوڪري تاريخ ۾ بهادريءَ جا اهي مثال قائم ڪيا، جيڪي شايد ڪڏهن ڪو ڪري سگهي. ان ڇوڪري ٻن فوجي آمرن جو مقابلو ڪيو. ان ڇوڪري انهن دهشتگردن کي للڪاريو جن جي پٺڀرائي عالمي طاقتون ۽ پاڪستان ۾ ان جا ساٿاري ڪري رهيا هئا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن سياست جي شروعات ڪئي ته سڄي دنيا ۾ سياسي قوتن لاءِ تاريخ جي سڀ کان مشڪل وقت جي شروعات ٿي چڪي هئي. هي وقت ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست واري عهد کان به وڌيڪ مشڪل هو. 3 اپريل 1979ع تي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پنهنجي ماءُبيگم نصرت ڀٽو سان پنهنجي والد سان آخري ملاقات ڪري رهي هئي ته دنيا ۾ سرد جنگ جو زمانو پنهنجي خاتمي ڏانهن تيزيءَ سان روان دوان هو. سلاخن جي هڪ پاسي زمين تي ذوالفقار علي ڀٽو ويٺو هو، جنهن کي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ ڦاسي اچڻي هئي. ٻئي پاسي شهيد بي بي ۽ سندس ماءُ هئي، ٻنهي پاسي جيڪو ڏک ۽ درد جو احساس هو اهو صدين تائين به المياتي شاعري ۽ دردناڪ گيتن ۾ بيان ٿيندو رهندو.
شهيد ڀٽو پنهنجي گهرواري ۽ سڀني کان پياري ڌيءَ کي مخاطب ٿيندي چيو، “اوهان ٻنهي گهڻيون تڪليفون ڏٺيون آهن، اهي اڄ مون کي قتل ڪرڻ وارا آهن، آئون اوهان کي اوهان جي مرضيءَ تي ڇڏيان ٿو، جيڪڏهن چاهيو ته پاڪستان مان ايستائين ٻاهر هليا وڃو، جيستائين آئين معطل آهي ۽ مارشل لا لاڳو آهي، جيڪڏهن توهين ذهني سڪون چاهيو ٿا ۽ زندگي نئين سر گذارڻ چاهيو ٿا ته يورپ هليا وڃو، منهنجي پاران اجازت آهي.” بيگم نصرت ڀٽو چئي ٿي “نه نه اسين ڪو نه وينداسين، اسين ڪڏهن ڪونه وينداسين، جرنيلن کي ڪڏهن اهو تاثر ڪو نه ڏينداسين ته اهي کٽي ويا آهن.” شهيد ڀٽي وري پنهنجي ڌيءَ بينظير سان مخاطب ٿيندي چيو “۽ تون پنڪي” شهيد بي بي چوي ٿي، “آئون ڪڏهن نٿي وڃي سگهان.” انهيءَ لمحي سپرنٽنڊنٽ جيل چوي ٿو، وقت ختم ٿي ويو آهي. اتان کان تاريخ ۾ بهادريءَ جو هڪ ٻيو داستان لکجي ٿو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پنهنجي ماءُ سان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ته سرد جنگ جو زمانو ختم ٿي چڪو هو، دنيا ۾ يوني پولر نظام رائج ٿي ويو هو، ءِآمريڪا واحد سپر پور بڻجي ويو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ سوويت يونين وکري ويو هو، ٽين دنيا ۾ عوام دوست ترقي پسند ۽ اعتدال پسند سياسي قوتن لاءِ ڏکيو وقت شروع ٿي ويو، سڄي دنيا ۾ جمهوري تحريڪ ڪمزور ٿي ويون، نئين بيٺڪيت جي تسلسل خلاف آزاديءَ جون تحريڪون به ڪمزور ٿي ويون. سوشلسٽ انٽرنيشنل جو به اهو ڪردار نه رهيو. سڄي دنيا جي عوام دوست سياسي قوتن وچ ۾ رابطا به ڪمزور ٿي ويا ۽ اهي پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ نئين آيل آمريتن ۽ سامراجي قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڪيليون رهجي ويون هيون. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ جنرل ضياءُالحق جي آمراڻي حڪومت جي ظلم ۽ ستم جو ان ڪري به وڌيڪ مقابلو ڪرڻو پيو جو پاڪستان خطي ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي فرنٽ لائين اسٽيٽ بڻجي ويو هو. پاڪستان جي حڪمرانن افغانستان ۾ عالمي طاقتن جي جنگ ۾ پوري ملڪ کي ڦِٽو ڪري ڇڏيو هو. عوام دوست سياسي قوتن لاءِ جيتريون ڏکيون حالتون پاڪستان ۾ هيون، شايد ٽين دنيا ۾ ڪٿي به نه هجن. ان هوندي به شهيد محترمه بينظير ڀٽو حالتن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ايم آر ڊيءَ جي پليٽ فارم تان پاڪستان جي قوم کي منظم ڪيو. ان دوران ٽين دنيا جي سياست ۾ دهشتگرد عنصر شامل ٿيو ۽ دهشتگردن غير رياستي قوتن ۽ عوام دوست ترقي پسند سياسي قوتن خلاف ڪارروايون ڪيون ويون ۽ انهن کي نقصان پهچايو.
هي اهو زمانو هو، جڏهن شهيد محترمه بينظير ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پيو. قيد ۽ بند جي مصيبتن کي برداشت ڪرڻو پيو. ڪيترن ئي ڪارڪنن پنهنجي پٺيءَ تي ڦٽڪا کاڌا ۽ ڪجهه ڪارڪن ته ڦاهيءَ جي ڦندن تي جهولڻ لڳا. هي خوف ۽ دهشت جو دور هو. شهيد بي بي ان دور مان پاڪستان کي ڪڍڻ ۽ سخت جدوجهد کان پوءِ ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي پر هيءَ جمهوري وقفو گهڻي دير نه رهيو. ان ۾ به ٽن جمهوري حڪومتن کي هٽايو ويو ۽ چوٿين جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪيو.
پرويز مشرف جو دور عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي قوتن لاءِ جنرل ضياءُ جي دور کان وڌيڪ ڏکيو هو. پاڪستان کي هڪ ڀيرو وري افغانستان ۾ وڙهندڙ عالمي طاقتن جي جنگ جو ٻارڻ بڻايو ويو. هاڻي سياست کي غير رياستي قوتن يعني دهشتگردن ئي ڪنٽرول ڪيو پئي ۽ دنيا ۾ دهشتگرديءَ جي خلاف جنگ جي نالي تي هڪ نئون ضابطو لاڳو ڪيو ويو. جنهن ۾ دهشتگرد فيصلائتو ڪردار هئا. ٽين دنيا خاص طور پاڪستان ۾ عوامي سياست ڪرڻ رسڪ بڻجي وئي، پاڪستان جو حڪمران دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران عوام دوست ۽ ترقي پسند قوتن کي چيڀاٽڻ ۾ مصروف هو ۽ دهشتگرد ان ڪم ۾ هن جا سهڪاري هئا. انهن حالتن ۾ به شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان واپس ورڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عوام جمهوري حقن جي جدوجهد جي قيادت ڪئي، هن کي خبر هئي ته ملڪي ۽ عالمي طاقتون اهو سڀ برداشت نه ڪنديون ۽ دهشتگردن جي ڪُلهي تي بندوق رکي هن کي نشانو بڻائيندا.
هن 18 آڪٽوبر 2007ع تي وطن واپسي کان اڳ اهو چئي ڇڏيو هو ته منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي، هن اها به نشاندهي ڪئي هئي ته هن کي ڪهڙن ماڻهن مان خطرو آهي. تڏهن به هوءَ پاڪستان واپس آئي. هن تي هڪ حملو 18 آڪٽوبر تي ٿيو، ان جي باوجود به هن عوام سان پنهنجي رابطا مهم جاري رکي. 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ عظيم الشان جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو هو، “منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ عوام سان آهي” ۽ پوءِ بهادريءَ سان حالتن جو مقابلو ڪندي عوام جي وچ ۾ ئي پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي. هڪ پکيءَ جي موت تي روئيندڙ هڪ هٿين خالي ڇوڪري دهشتگردن ۽ سامراجي قوتن جو جيتري قدر مقابلو ڪيو، تاريخ کي سدائين هن تي فخر رهندو.