صدر عارف علويءَ چونڊ ترميمي بل تي صحيح ڪرڻ کان هڪ ڀيرو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن اهو به چيو آهي ته مجلس شوريٰ يعني قومي اسيمبليءَ جي موڪليل بل تي صحيح نه ڪرڻ جو کيس افسوس آهي ۽ هن اهو به مڃيو آهي ته هن جي صحيح نه ڪرڻ باوجود به اهو بل ملڪي قانون جو حصو ٿي ويندو. پر هن پنهنجو موقف پيش ڪندي چيو آهي ته هو پاڻ هر هنڌ تي ان چونڊ سڌارن جو حصو رهيو آهي. هن جو خيال آهي ته سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي ۽ چونڊ سرشتو مشينن تي منتقل ٿيڻ کپي.
صدر عارف علوي هن مهل ڪهڙي ڪيفيت مان گذرندو هوندو؟ اهو سمجهڻ ايترو مشڪل ناهي. جڳ جهان کي معلوم آهي ته ڊاڪٽر عارف علوي عمران خان سان ڪيترو اٽيچڊ Attached رهيو آهي؟ جنهن ڏينهن عمران خان کي اقتدار مان آئوٽ ڪيو ويو، اهو ڏينهن عارف علويءَ لاءِ تمام گهڻو مشڪل هو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين عارف علويءَ جي ڪيفيت اهڙي آهي جو عمران خان جي هڪ اشاري تي هو استعفيٰ جا چار لفظ لکڻ ۾ دير نه ڪندو. پر عمران خان هن کي رياست جي اهم ترين عهدي تي ان ڪري به ويهاريو آهي جو عمران خان وفاق مان مڪمل آئوٽ ٿيڻ نه ٿو چاهي. وزارت اعظمي وڃائڻ کان پوءِ هو عارف علويءَ جي صورت ۾ پنهنجن مخالفن جي سيني تي مڱ ڏري رهيو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جو ان پوائنٽ تي اصولي اتفاق هو ته پرائيم منسٽر جي ڪرسيءَ تي شهباز شريف براجمان ٿيندو پر صدارت جي عهدي تي هو آصف زرداريءَ کي پهچائڻ لاءِ هر وسيلو استعمال ڪندو. شهباز شريف ته جيئن تيئن ڪري وزير اعظم بڻجي ويو پر آصف زرداري هن مهل تائين هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو صدر ٿيڻ واري حسرت جو داغ کڻي گهمي رهيو آهي.
ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ به ان حق ۾ نظر نه ٿي اچي ته ملڪ جو صدر آصف زرداري بڻجي. ان ڪري هن مهل تائين عارف علويءَ لاءِ ڪنهن به قسم جي پريشاني پيدا ڪرڻ نه ڏني وئي آهي. هو جنهن آرام سان ايوان صدر ۾ ويٺل آهي پر هن کي عمران خان کان سواءِ جيڪا اڪيلائي محسوس ٿي رهي آهي، اها جو احساس عمران خان کي به آهي. پر صدر عارف علوي اهو سوچي پاڻ کي مطمئن ڪري ويٺو آهي ته هو جتي موجود آهي، اتي پارٽي ۽ خاص طور تي پارٽيءَ جي سربراهه جي مفادن جو ڀرپور تحفظ ڪري رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن ٻيو ڀيرو به چونڊ سڌارن جو بل صحيح ڪرڻ کان سواءِ واپس موڪليو آهي. هن جي نظر ۾ اهو بل اصولي طور تي درست ناهي. ڇو ته هو جنهن مائينڊ سيٽ سان هن مهل تائين ڪم ڪندو رهيو آهي، ان مطابق هڪ ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي ۽ ٻيو ته ووٽنگ جو طريقو ماڊرن ٿيڻ گهرجي. هو اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي استعمال ڪرڻ جو تمام وڏو حامي آهي. جڏهن ته اهي ٻيئي طريقا تحريڪ انصاف جي مفاد وٽان به آهن.
تحريڪ انصاف کي نه رڳو پرڏيهي پاڪستانين کان فنڊ جي صورت ۾ نوٽ ملندا رهيا آهن پر سمنڊ پار پاڪستانين هر طرح سان عمران خان جي سپورٽ به ڪئي آهي. هن ڀيري جڏهن عمران خان کي اقتداري مدو پورو نه ڪرڻ ڏنو ويو ته سڀ کان وڌيڪ احتجاج سمنڊپار پاڪستانين ڪيا. لنڊن ۾ ميان نواز شريف عمران خان جي حامين سبب جنهن مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جو علم هر ڪنهن کي آهي. پر عمران خان جا حامي صرف انگلينڊ تائين محدود ناهن. هن جي لاءِ دنيا جي ان هر ملڪ ۾ احتجاج ٿيا، جتي پاڪستانين جو چڱو خاصو انگ رهي ٿو. انهن جي خيال ۾ عمران خان کي ملڪ جو وزير اعظم هجڻ گهرجي. ان کان سواءِ هو عمران خان کي تمام گهڻو فنڊ به ڏيندا رهيا آهن. جيڪي پرڏيهي پاڪستاني رانا ثناءُالله جي مخالفت ۾ وڏن انعامن جو اعلان ڪندا هجن، انهن جي لاءِ عمران خان جي لاءِ هزارين ڊالر موڪلڻ ڪهڙو مسئلو آهي؟ عمران خان پنهنجي ان سمنڊ پار سپورٽ کي قانوني حيثيت ڏيڻ چاهي ٿو. پر پاڪستان ۾ جڏهن هڪ ڪامورو يا حڪومت جو حصو بڻجندڙ فرد ٻٽي شهريت نه ٿو رکي سگهي ته اهو ووٽ جو حق ڪيئن ٿو وٺي سگهي؟ ان پوائنٽ کي مرڪزي نقطو قرار ڏئي موجوده حڪومت چونڊ سڌارن جي سلسلي ۾ اها قانوني اڳڀرائي ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ووٽ نه ٿا وجهي سگهن. هن حڪومت وارا ڀلي اهي دليل پيش ڪندا هجن ته جيڪو شخص ڪينيڊا يا سويڊن يا آمريڪا ۾ رهي ٿو، ان کي ڇا معلوم ته لاهور يا لاڙڪاڻي جا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ اهي ڪير بهتر نموني حل ڪري سگهي ٿو ته ان جو ووٽ ڏيڻ وارو عمل معنيٰ وڃائي ويهي ٿو. جڏهن ته ان جي ضد ۾ تحريڪ انصاف گهڻو ڪري اهو دليل پيش ڪندي رهي آهي ته جن پاڪستانين جي موڪليل پئسي سبب پاڪستان جي معاشيات تري تڳي رهي آهي، انهن پاڪستانين کي اوهان شهري حقن کان محروم ڪيئن ٿا ڪري سگهو. جڏهن ته ان دليل جي مخالفت ۾ به دليل پيش ڪري سگهجن ٿا. هونءَ به دنيا جي اڪثر معاملن جي حق ۽ مخالفت ۾ دليلن جي ڪا کوٽ نه هوندي آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته صرف دليلن جي حد تائين ڪنهن اهم مسئلي سان راند رهي وڃي.
پرڏيهي پاڪستاني ڀلي ٻي ملڪ جا شهري هجن پر انهن کي پنهنجي اصلوڪي ملڪ ۾ ڪجهه حق اهڙا آهن، جن کان انهن کي ڪنهن به طرح سان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. آخر انهن پاڪستانين جو هن ملڪ ۾ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ پنهنجي ماضيءَ جي حوالي سان تمام مضبوط پاڙون آهن ۽ انهن جي قومي حق کي ڪنهن به طرح سان نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ڇو ته هو قانوني طور تي برٽشر يا آمريڪي هجڻ جي باوجود به انهن ملڪن ۾ فرسٽ ڪلاس سٽيزن نه ٿا سمجهيا وڃن. انهن کي ڪنهن به هنڌ تي ڪو به گورو ”پاڪي“ ڪوٺي، انهن جي توهين ڪري سگهي ٿو. اهي انسان جيڪي ٻاهر مشينن وانگر ڪم ڪن ٿا، انهن کي جڏهن به پنهنجو ساهه ٻوساٽجندو محسوس ٿيندو آهي ته هو صرف ٽڪيٽ وٺي پاڪستان هليا ايندا آهن. انهن جي پاڪستان تي سدائين نظر رهي آهي. انهن ڪڏهن به پاڻ کي پاڪستان کان الڳ نه سمجهيو آهي. خاص طور تي ان پيڙهيءَ جن جو جنم پاڪستان ۾ ٿيو آهي. جڏهن ته انهن جو نئون نسل جنهن جي پيدائش پرڏيهه ۾ ٿي آهي، انهن جي ڪيفيت ۽ انهن جي احساسن جو جهان الڳ آهي. پر پوڙها پاڪستاني اڄ به پنهنجي ملڪ جي باري ۾ تمام گهڻو جذباتي آهن. انهن جي خواهش رهي آهي ته هو ڪنهن به طرح سان ملڪ جي اهم فيصلن ۾ شامل هجن. ڪنهن به ملڪ جي سياسي سفر ۾ چونڊ هڪ اهم مرحلو هوندي آهي. اها چونڊ جيڪا صرف هڪ پارٽيءَ يا ان پارٽيءَ جي قيادت کي اقتدار جي مسند تي نه پهچائيندي آهي پر ان سان ملڪ ۾ قانوني ۽ ڪلچرل تبديليون اينديون آهن ۽ انهن تبديلين جي عمل ۾ هر شهري ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو تمنائي هوندو آهي.
تحريڪ انصاف ۽ هن جي قيادت سان نه صرف اختلاف رکي سگهجن ٿا پر رکيا وڃڻ کپن. ڇو ته ان پارٽيءَ جهڙي ريت قول ۽ فعل جي تضاد سان سياست کي هڪ ڪوڙي راند ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان پارٽيءَ جهڙي ريت گانن بجانن سان ملڪ ۾ سياسي طور تي هڪ اهڙي ڪيفيت پيدا ڪئي آهي، جنهن ۾ سمجهه گهٽ ۽ ٽاڄو گهڻو آهي. سياست کي مداريءَ جو کيل بڻائڻ واري هن جماعت تي تمام گهڻي تنقيد ٿي سگهي ٿي ۽ ٿيندي به رهي آهي. پر پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽنگ جو حق ملڻ ۽ اليڪشن جي طريقي کي جديد ۽ ڪمپيٽرائيزڊ بڻائڻ وارن نقطن تي انهن جي مخالفت ڪرڻ وارو عمل ڪنهن به طرح سان ملڪ توڙي جمهوريت جي حق ۾ نه هوندو.
هن وقت پوري دنيا ۾ جدت اچي رهي آهي. اسان جي ملڪ ۾ ٻن ڏهاڪن کان اڳ ۾ اهو تصور به نه هو ته ماڻهو صرف هڪ ڪارڊ کڻي پوري ملڪ ۾ سفر ڪندا ۽ انهن کي ان ڪارڊ ذريعي ضرورت جي هر شيءَ ميسر ٿي ويندي. هن مهل جڏهن ڪو شخص آڌي رات جو اي ٽي ايم ذريعي پئسا ڪڍي ٿو، تڏهن محفوظ پئسن لاءِ بينڪ جو وجود بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو. جڏهن ته ان قسم جي معاملي ۾ ڪنهن ٺڳي ۽ فراڊ جو امڪان به گهٽ آهي. هاڻي جڏهن ماڻهو گهر ويٺي صرف پنهنجن موبائل جي ذريعي تمام گهڻي پئسي جي لين دين ڪري سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن هو موبائل جي ذريعي جيڪڏهن پنهنجا بل ڀري سگهن ٿا ۽ حڪومت کان ملندڙ امداد جو صرف اطلاع نه پر ان جي رقم به وصول ڪري سگهن ٿا ته هو جديد انداز سان ووٽ ڪاسٽ ڪري ڇو نه ٿا سگهن؟
هن مهل سموري دنيا مشينن جي حوالي سان جديد ۽ سهولت ڀري دور ۾ داخل ٿي رهي آهي ۽ هن مهل ڪميونيڪيشن سبب جاگرافيائي معاملا پنهنجي معنيٰ کي تبديل ڪري رهيا آهن، ان ماحول ۾ جيڪڏهن ڪوئي سياست ۽ سائنس جي ميلاپ جو مخالف هوندو ته هو ان سوچ سبب ڪهڙي دور جي نمائندگي ڪندو نظر ايندو. اهو وقت اوس اچڻو آهي. ان دور کي ڪوئي به روڪي نه ٿو سگهي. ڪوئي مخالفت ڪري سگهي ٿو. ڪوئي مزاحمت به ڪري سگهي ٿو. پر سائنس جي خلاف پراڻي سوچ ۽ عملن جو انداز هڪ اهڙي ويڙهه وڙهن ٿا، جن ۾ جيت جا امڪان نه هجڻ جي حد تائين آهن. سياست ۾ سائنس جا مخالف هڪ اهڙي هارائيندڙ جنگ وڙهي رهيا آهن، جهڙي ويڙهه تعليم جي خلاف سنڌ جي وڏيرن وڙهي هئي. ان ويڙهه ۾ پراڻ پسند قوتون ڪنهن به طرح سان فتح حاصل نه ٿيون ڪري سگهن. ان ڪري ملڪ جي ڀلائي ۽ بهتري ان ۾ آهي ته اهڙن نون تصورن کي عملي صورت ڏيڻ جي سلسلي ۾ سهڪار ڪيو وڃي. جڏهن انساني آبادي سائنس طرف تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ته پوءِ اهو ساڳيو حق سياست کي ڇو نه ملي؟