پاڪستان ۾ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو ڏهاڪن کان هلندڙ آهي، ان دوران جيڪي به حڪومتون آيون آهن، انهن جي وعدن جو سلسلو به جاري آهي. هر ايندڙ حڪومت بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي آهي پر هن وقت تائين اهو مسئلو جيئن جو تيئن موجود آهي. ان ڪري عوام کي مهانگي بجلي ٻارڻي پئي پوي. بجليءَ جي اگهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي، ان ڪري عوام رڳو بجليءَ جا بل ادا ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. پر ڇا هاڻوڪي حڪومت واقعي به بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي. جهڙي ريت لوشيڊنگ جو مسئلو حل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون يا وري اپاءُ ٻڌايا وڃن ٿا، ان سان اهو مسئلو ڪڏهن به حل نه ٿي سگهندو، ان لاءِ هڪ ته متبادل توانائيءَ جا ذريعا استعمال ڪرڻا پوندا ۽ ٻيو مقامي سطح تي بجليءَ جي پيداوار کي هٿي ڏيڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪمپنيون عوام کي بجلي فراهم ڪري رهيون آهن، اُهي مهانگن اگهن تي بجلي فراهم ڪن ٿيون، ان جو هڪ سبب واپڊا آهي، واپڊا هڪ اهڙو ادارو آهي، جنهن جي هوندي ڪڏهن به بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل نٿو ٿي سگهي. هڪ غيرضروري ادارو قومي خزاني تي بار بڻيل آهي، جنهن وٽ بجلي ۽ پاڻيءَ جي منصوبن جا اختيار آهن، پر هيستائين واپڊا ڪابه اهڙي رٿا ڪانه ڏئي سگهيو آهي، جنهن سان بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل مسئلا حل ٿي سگهن. تنهنڪري ضروري آهي ته ان اداري کي ختم ڪري مقامي سطح تي بجلي تيار ڪئي وڃي.
جڏهن سي پيڪ واريون رٿائون شروع ٿيون هيون ته ان ۾ توانائيءَ سان لاڳاپيل ڪيتريون رٿائون شامل هيون. جن ۾ پن بجلي گهر، ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جون رٿائون، چولستان ۾ شمسي توانائيءَ جون رٿائون ۽ هوا سان بجلي پيدا ڪرڻ جون رٿائون سڄي ملڪ ۾ شروع ڪرڻ شامل هيون. پر نه ته نواز شريف جي دور ۾ انهن رٿائن تي ڪم شروع ٿيو ۽ نه ئي وري عمران خان جي حڪومت ڪا چرپر نظر آئي، جنهن جي نتيجي ۾ بجلي ۽ توانائيءَ سان لاڳاپيل مسئلا جيئن جو تيئن موجود رهيا. سنڌ توڙي ملڪ جي هر صوبي ۾ هوا، پاڻي ۽ ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. ان کانسواءِ سولر انرجي وسيلي ته سڄي ملڪ کي روشن ڪري سگهجي ٿو پر هر حڪومت جو ڌيان رڳو ان پاسي آهي ته بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو بجلي پيدا ڪرڻ ڪمپنين وسيلي حل ڪيو ويندو. جڏهن ته اهو ممڪن نظر نٿو اچي. جيڪڏهن ڄامشوري ۾ بجلي پيدا ٿئي ٿي ته ان کي لاهور يا ڪن ٻين شهرن ۾ موڪليو ٿو وڃي، ايترو پري تائين بجلي پهچائڻ ۾ لائين لاسز به ٿئي ٿو ۽ ان کانسواءِ ملڪ ۾ جيڪي به گرڊ اسٽيشن موجود آهن، انهن جي مينٽيننس جو مسئلو آهي، ان ڪري انهن ۾ ايتري گنجائش ئي ڪانهي ته اهي گهڻي بجليءَ جو واهپو ڪري سگهن. پر بجلي مهانگي ڪرڻ ان جو حل ڪونهي. واپڊا کان وٺي نيپرا تائين غير ضروري ادارا عوام جي پئسي تي پلجي رهيا آهن ۽ انهن جي ملازمن کي به مراعتون مليل آهن، جن جو پئسو به عوام جي کيسي مان ٿو وڃي. اهڙي ريت هيءَ سلسلو وڏي وقت کان هلي رهيو آهي. ان ڪري عوام وڌ کان وڌ ڀوڳي رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا جهڙي ريت دنيا توانائيءَ جا متبادل ذريعا استعمال ڪري رهي آهي ۽ اها پنهنجن ملڪن جي عوام کي ضرورتن جو خيال رکندي، سستي بجلي فراهم ڪري رهي آهي، بلڪل اهڙي ريت هتان جي عوام کي به سستي بجلي استعمال ڪرڻ جو حق آهي، جنهن سان عوام جي معاشي حالت به بهتر ٿي سگهي ٿي ۽ اهي اهو پئسو جيڪو بلن جي مد ۾ ادا ڪري رهيا آهن، ان کي پنهنجي زندگيءَ جي ٻين ضرورتن لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، تنهنڪري واپڊا جهڙا غيرضروري ادارا ختم ڪري بجليءَ جو کاتو صوبائي حڪومتن حوالي ڪيو وڃي.