ماڻهوءَ جو ڌرتيءَ سان ناتو ائين آهي جيئن ٿڃ پياڪ ٻار جو امڙ سان هوندو آهي، جيڪو کانئس کاڄ وٺندو وڌندو ۽ ويجهندو آهي ۽ جڏهن اُهو مُڪمل پاڻمرادو کائڻ پيئڻ جي قابل ٿي ويندو آهي ته پوءِ امڙ جي اهنجن، ڏُکن ۽ پيڙائن کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ۽ اُن جو مُحافظ بنجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
ايڪويهين صدي ايتري جدت اختيار ڪري اهڙي دور ۾ داخل ٿي رهي آهي جنهن ۾ سنڌ کي ڇَڏي ٻين مُلڪن ۽ انهن ملڪن جي خطن جي ترقيءَ جو ڪاٿو لڳائڻ مُشڪل آهي. پَر سنڌ جي جهوليءَ ۾ اُها بدنصيبيءَ جي ورهاست آئي جنهن ۾ جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي آهي. نتيجي طور سِنڌ سورن ۾ چُور ٿي ايتري رُني آهي جو هاڻي رَت جا ڳوڙها ڪرڻ لڳا آهن. سنڌ جا وسيلا اُهي ئي ڳڙڪائي رهيا آهن، جيڪي سندس ئي هنج ۾ پليا ۽ وڏا ٿيا.
ڪُجهه ديس ڌڻين (غدارن) جي ديس سان وهيل ونگارن ۽ سامراجي قوتن، سرمائيداري ۽ صنعتڪاريءَ جي آڙ ۾ وڏيرن پيرن ۽ ميرن کي ڪجهه ٽَڪن عيوض خريد ڪري سنڌ جي معدني وسيلن جي ائين لُٽ مار ڪئي آهي، جيئن ڪنهن ڌَنار جو ڌَڻُ فصل جي ڀيل ڪري. سنڌ جا ماڻهو تنگي، مُفلسي ۽ غُربت ۾ وڪوڙيل آهن، جڏهن ته سامراجي ساٿاري پنهنجا گِره پيا سَڻڀا ڪن.
پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ، صحت جا وڌندڙ مسئلا ۽ اُنهن جا جوڳا اپاءُ نه هُئڻ، بيروزگاري خطرناڪ روپ ڌاري اجتماعي خودڪشيءَ جو رُخ اختيار ڪري ورتو آهي، تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم جو مسئلو، حقن تي ڌاڙا، ملٽي نيشنل پروجيڪٽن جي نالي تي زمينن تي قبضا، ميرٽ جو گَهر گهر مان جنازو ڪڍڻ ۽ مُنظم سازشن تحت ڌاري آباديءَ کي پوري پاڪستان توڙي ٻين مُلڪن مان سڏي سنڌ ۾ رهائش ڏيڻ، سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ معاشي قتل آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو نوجوان طبقو نفسياتي مونجهارن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، جن جو تعلق قُدرتي ناهي پَر ڌرتيءَ تي رهندڙ ڦورو ٽولن جي لُٽ مار جي سبب ڪري آهي.
سنڌ جو ماڻهو هن وقت پنهنجي ڌرتيءَ جي وسيلن کان اڻ واقف آهي يا ائين کڻي چئون هن رياست جي اعليٰ آفيسرن (پنجابين) هتان جي اقتداري پوڄارين کي خريد ڪيو جن سدائين ڌرتيءَ جي ڪُک ۾ خنجر جا وار ڪيا تن جي مدد سان عوام کي حقيقتن جي علم کان محروم رکيو ويو جنهن جي ازالي جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي.
ديال صحرائي جو ڪتاب پڙهندي محسوس ٿيو ته ليکڪ سنڌ جي اگهور ننڊ ۾ ستل عوام کي آواز ڏئي اُٿاري وسيلن جي وارثي لاءِ هڪ سگهاري جدوجهد شروع ڪرڻ جي تجويز ڏئي ٿو ۽ سنڌ ڌرتيءَ تان ملندڙ وسيلن جي تحفظ جو دڳ ڏسي ٿو ۽ اُهو پڻ محسوس ڪرائي ٿو ته پنهنجي ملڪيت جي پاڻ مالڪي ڪرڻ سان سنڌ ڌرتيءَ جو باشعور عوام هن ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ ۽ ترقي يافته مُلڪن جي ڀيٽ ۾ ڪهڙي جاءِ ۽ مقام حاصل ڪري سگهي ٿو.
هڪ قوم جي حيثيت سان سنڌ ۾ جياپي ۽ شاهوڪار سماج اڏڻ جا سمورا عنصر ۽ وسيلا موجود آهن، بس ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته شعوري طور ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي پيداوار جي وارثي ڪن ۽ اُنهن وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن ۾ ملوث هر اُن ماڻهوءَ سان عملي ۽ علمي سطح تي جنگ جوٽين جيڪي مقامي ماڻهن کي مرڻ ڪنڌيءَ تي پُهچائي پنهنجون چارئي آڱريون گيهه ۾ ٻوڙيو ويٺا آهن.
ڪتاب پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪهڙا ۽ ڪيتري انگ ۾ وسيلا آهن، جيئن سنڌ ۾ ڪوئلو، لوهه، لائيم اسٽون، جپسم، تيل، گئس، گرينائيٽ ۽ لوڻ جون کاڻيون موجود آهن. اُن کان سواءِ هتي سنڌو ندي، حب ندي، ملير ندي، گاج ندي ۽ پراڻ نديون شامل آهن. جيڪڏهن ڍنڍن جي ڄاڻ رکون ته اسان وٽ منڇر ڍنڍ، ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، هڊيري ڍنڍ، حمل ڍنڍ ۽ مکي ڍنڍ سان گڏ ٻيون ڍنڍون ۽ نئيون موجود آهن.
سنڌ جي پاڻيءَ تي ۽ سنڌو نديءَ سان جيڪا جُٺ ڪئي وئي آهي، نتيجا اڄ المنظر کان ويهي ڏسي سگهجن ٿا، ڇاڪاڻ ته پنجاب اڄ به سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ کان نٿو مڙي ۽ هتان جو پورهيت طبقو فاقاڪشيءَ جو شڪار ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.
دُنيا ۾ هن وقت حيرت انگيز تبديليون ٿي رهيون آهن، جنهن سان اُتان جو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي عام جنجهٽن کان آجو ٿي گهڻو اڳتي نڪري هن وقت اجتماعيت جي ڀلائيءَ تي ڪم پيو ڪري. اسين به پنهنجي ڌَرتيءَ کي اوندهه جي ڌٻڻ مان ڪڍي روشن خيال بنائي ۽ ڌارين جي بُري نظر کان بچائي اُهوئي تبديليءَ وارو گس وٺون جنهن ۾ پُراڻين دقيانوسي رسمن ۽ فرسوده مَڙهيل هٿ ٺوڪين عقيدن مان جان ڇڏائي سنڌ ڌرتيءَ جا وسيلا پنهنجي ئي ماتحت ڪجن. جيئن اُن ترقي واري ڊوڙ ۾ اسان به شامل ٿي پنهنجي سڃاڻپ ۽ حيثيت عالمي سطح تي نه فقط متعارف ڪرايون پر برقرار به رکي سگهون.
پاڪستان جي معيشت ۾ سنڌ جو وڏو ڪردار رهيو آهي، هن وقت ڪراچيءَ تي ڪانئرن جي ڪاڪان جا سبب اُهي ئي آهن ته اُتي ٻيٽ، پورٽ قاسم ۽ سڀ کان گهڻا ڪارخانا آهن، جيڪا ڳالهه وفاق جي دل ۾ چُڀندي رهي آهي. سنڌي عوام کي مُتحد ٿي هڪ طاقتور تنظيم سازي جوڙي وسيلن توڙي شهرن جي مالڪي ڪري پنهنجي قوم جي مُستقبل ۽ ڌَرتيءَ جي وجود کي بچائڻ گُهرجي.
پهرين آهي انسان هُئڻ پوءِ جيڪا اهم شيءِ آهي سا رهڻ جي جاءِ. يعني ڌرتي جنهن فرد، قبيلي ۽ قوم وٽ پنهنجي ڌرتي ناهي اُنهن جو ڪو مُستقبل ناهي ۽ آهستي آهستي اُهي ٻين قومن جيان تباهه ٿي ويندا. سنڌ وٽ پنهنجي ڌرتي هُئڻ باوجود هتان جا ماڻهو لاوارث ۽ ننڌڻڪا بڻيل آهن. سنڌ جي زمينن کي وڏن ميگا پروجيڪٽن جي آڙ ۾ وفاق، ريٽائرڊ فوجين ۽ رانديگرن کي ڏنيون ويون.
ڌَرتيءَ تي ارتقا جو جائزو وٺندي سائنسي کوجنائن مُطابق ڌَرتيءَ تي پاڻيءَ مان خُشڪيءَ واري حصي تي جاندار آيو، جيڪو مُختلف مرحلا طئي ڪندو ڀولڙو ۽ پوءِ مُختلف شڪليون مٽائي انسان بڻيو. شُروعات ۾ مُختلف خطرن جي ڪري اُهو ڪُٽنب ۾ رهندو هو ۽ شڪار ڪري گڏ استعمال ڪندو هو، پوءِ شڪار لاءِ هُن جايون مٽائڻ شروع ڪيون، آهستي آهستي اوزار به تبديل ٿيندا ويا ۽ جڳهه مٽائڻ سان هُو جٿن ۾ ورهائجڻ لڳو. وقت سان گڏ هو مُختلف شيون ٺاهڻ لڳو ۽ ائين جڏهن ٻيڙي ٺهي هُن مُختلف هنڌن تي وڃي رهڻ شروع ڪيو، ائين هُو ٽولن ۾ ورهائجي ويو، جيڪو جتي پُهتو هُو اتي زراعت جي شعور اچڻ سان اُن طرف وڌيا ته پهريون فرق طبقاتي نظام جي اُتان ٿي، جڏهن عورت گهر ۾ رهي ۽ مرد ٻاهر ۽ پوءِ طبقاتي نظام مُختلف روپ ڌاري ورتا ۽ ائين ڌرتيءَ جي گولي تي رهندڙ ماڻهن زمين جي به ورهاست طئي ڪئي ۽ اُتان کان هن هڪ ٻئي تي حملا ڪرڻ به شروع ڪيا ۽ اُن جو ڪارڻ پهرين صرف جياپو هُو پَر بعد ۾ طاقت آزامائي ڪري قبضاگيري شروع ڪري ڏني.
ديال صحرائيءَ جو ڪتاب “ڌَرتي پنهنجي ڌَن پرايو” هڪ اهڙي درد جي دانهن آهي، جنهن کي محسوس ڪندي جسم لرزيو وڃي ۽ دماغ مان ٺڪاءُ نڪريو وڃن. گهڻو تڻو اسان کي فقط اُهو معلوم آهي ته سنڌ ۾ وسيلا آهن پر هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو، سنڌ جي تباهيءَ جا ڪارڻ ڪهڙا رهيا آهن ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جو راز ڇا ۾ لڪيل آهي. الف کان ي تائين مطلب پائي پائيءَ جو حساب رکڻ جي اهليت تڏهن هوندي، جڏهن اسان کي انگ اکر معلوم هوندا. اهڙي قسم جا ڪتاب خاص ڪري هن وقت جنهن ۾ سياست ڪمزور ٿي رهي آهي، اُن صورتحال ۾ نوجوانن کي پنهنجي حقن جي مالڪي ڪري ۽ حُڪمرانن کان حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ هن قسم جي ڪتابن جي ضرورت آهي.
ڪتاب تي راجا الطاف جو لکيل مُهاڳ به اوتروئي سٺو آهي جيتري اسلوبيت ڪتاب جي مواد ۾ آهي. ادريس لغاري طرفان لکيل ٻه اکر به سٺي ترجماني ڪندڙ آهن.
ڪتاب جو کُٽل پاسو جيڪڏهن انگن اکرن وسيلي حال جي ڊيٽا ۽ اُن جا وڌيڪ تفصيل ڏنا وڃن ها ته هيءَ ڪتاب اڃا وڌيڪ سگهارو ٿي وڃي ها اُميد ايندڙ ڇاپي ۾ شيون تفصيل سان هونديون.