مون کي ٻه ڀيرا فقير سائين جي درگاهه تي وڃڻ نصيب ٿيو آهي. پهريون ڀيرو آئون ۽ رشيد راڄڙ سکر ۾ هئڻ دوران ميلي ۾ ويا هئاسين. جتي ادبي ڪانفرنس، صوفياڻو راڳ ۽ ٻيا سرمستي وارا رنگ ڏٺا هئا. روهڙي شهر قدرتي طور پنهنجي محل وقوع جي لحاظ سان درياءَ جي ڪنڌيءَ وارو جابلو چوٽيءَ تي وسندڙ خوبصورت شهر آهي. جنهن شهر جي ريلوي اسٽيشن ملڪ جي وڏي جنڪشن اسٽيشنن مان هڪ هجي. انهيءَ اسٽيشن جي ويجهو فقير قادر بخش بيدل جي درگاهه تي هلندڙ صوفياڻي راڳ ۾ سرمستيءَ جو هجڻ فطري هوندو آهي. فقير قادر بخش پنهنجو تخلص بيدل رکيو. هن جڏهن ٻالڪپڻي واري عمر ۾ قلندر شهباز جي درگاهه تي عشق جي بي اختياريءَ ۾ ڪيترو ئي وقت وڃي مٽيون ڀريون ۽ جڏهن واپس موٽيو ته خيال آيس دل ته ڪٿي ڏئي ويٺو آهيان. پوءِ هن پاڻ کي بيدل سڏايو. ان کان سواءِ ٻيو ڀيرو آئون فقير سائين جي درگاهه جي رڪاڊنگ جي سلسلي ۾ ويو هئس. ان موقعي تي حسن درس ۽ حڪيم زنگيجو پڻ گڏ هئا. حڪيم زنگيجي جو روحل فقير جي درگاهه سان واسطو هئڻ سبب هو روهڙي جي مختلف درگاهن جي صوفياڻو پسمنظر پڻ ٻڌائيندو رهيو. آئون ڪئميرامين سان گڏ درگاهه جا مختلف فوٽيج وٺي رهيو هئس ته هڪ بزرگ پاڻ وٽ سڏي فقير جي درگاهه جو پسمنظر ٻڌائڻ لڳو.
درگاهه جي حوالي سان اهو وڏي اهميت وارو هئڻ ڪري اسان خاص طور تي مائيڪ ۽ لائيٽنگ وغيره لڳائي سندس رڪارڊنگ شروع ڪئي. ان دوران مون ڏٺو ته درگاهه جي اڳيان هڪ ٻيو بزرگ ڌمال، نوبت يا نغارو وڄائڻ لڳو. هو سرمستيءَ ۾ اڃان به وڌيڪ زور واري ڌن ۾ نغارو وڄائڻ لڳو. اسان جو ان نغاري وڄڻ ڏانهن ڌيان وڌڻ لڳو ته اها رڪارڊنگ به ڪريون. پر هلندڙ انٽرويو ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. مون کي حيرت ٿي ته انٽرويو ڏيندڙ بزرگ جيڪو پنهنجي سڀاءُ ۾ عالم لڳي رهيو هو ۽ پاڻ کي درگاهه جو سجاده نشين چوائي رهيو هو. تنهن ڳالهيون ايڏيون ته ڊگهيون ڪرڻ شروع ڪيون جو ڳالهه ختم ئي نه ڪري. پر مون کي نغارو وڄائڻ واري بزرگ جي رڪارڊنگ جو تجسس به هو. ان دوران نغارو وڄائيندڙ بزرگ وڌيڪ صبر نه ڪري سگهيو ۽ مون کي سڏ ڪري سخت ڪاوڙ ۾ چيائين هي رڪارڊ ڪر. اصل آئون آهيان. مون کي ان وقت اندازو ٿيو ته هتي ته وڏي جنگ هلندڙ آهي.
فقير قادر بخش بيدل ريشمي ڪپڙي جي اڻت وارو ڪوري هو. هو هڪ ٽنگ کان ڄائي ڄم کان معذور هو. (روايت آهي ته فقير قادر بخش بيدل جي والد کي پٽ ڄمڻ جي آگاهي دائي پير جان علي شاه رضويءَ جي درٻار ۾ اچي ڏني ۽ چيو ته ننڍڙو هڪڙي ٽنگ کان معذور ڄائو آهي. پير جان علي رضوي چيو ته منڊو روهڙيءَ تي چاڙهيندو جهنڊو). هن جا وڏا ملتان کان روهڙي تائين ريشمي ڪپڙي جو واپار ڪندڙ هئا. هن جي وڏن جو غوث بهاءُالدين ذڪريا جي ڪٽنب سان مائٽي وارو رستو هو. محقق روهڙيءَ کي تاريخي ماڳ اروڙ جو تسلسل سڏيندا رهيا آهن. درياءَ جو ايامن کان اروڙ ۽ روهڙي جي جبلن سان ٽڪراءُ واري جنگ هلندي رهي آهي. ان ڪري روهڙي ارضياتي، ماحولياتي ۽ تاريخي طور وڏي اهميت وارو هنڌ رهيو آهي. روهڙيءَ متعلق اها به روايت رهي آهي ته هتي سوا لک بزرگن ۽ سنتن جي رهڻ وارو هنڌ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو فقير قادر بخش بيدل جا وڏا پڻ صوفياڻي سٻنڌ ۾ ڳنڍجي جان علي شاه رضوي جي بعيت ۾ آيا ۽ فقير قادر بخش بيدل پڻ جان علي شاه رضوي ثاني جي بعيت ۾ آيا. جيڪو ميران پور جي شاه عنايت شهيد جو خليفو اول هو. ان ڪري فقير قادر بخش بيدل موروثي طور صوفياڻي اثر ۾ رهيو ۽ اهڙي ئي صوفياڻي ماحول ۾ سندن واڌ ويجهه ٿي. هو هڪ ئي وقت ملتان، جهوڪ شريف، ڀاڳ ناڙي بلوچستان ۽ سيوهڻ ۾ قلندري فڪر جي اثر ۾ رهيا. سندن والد صاحب جي وفات وقت سندن ڄمار 14 سال هئي. هو پنهنجي مرشد جان علي شاه رضويءَ جي گهڻي اثر ۾ رهڻ لڳو هو. روايت آهي ته لاڳيتو فقير قادر بخش بيدل کي خواب ۾ هڪ بزرگ کيس سڏيندو رهيو ته هو وٽس اچي. ٽن ڏينهن جي خواب کان پوءِ کيس سڌ پئي ته هن کي قلندر لال جي مزار تي سيوهڻ پهچڻ جو سڏ ٿيو آهي.
بيدل فقير جي ڪلام کي ان جي پهرين مرتب محقق گدومل هرجاڻي “ديوان بيدل” ۾ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. هڪ صوفياڻي شاعري، ٻي عاشقيه شاعري. جن ۾ هن صوفياڻي شاعريءَ جو اثر مولانا رومي ۽ عاشقيه شاعريءَ جو اثر حافظ شيرازيءَ کان ورتو. بيدل هڪ ننڍڙي مثنوي به لکي جنهن کي هن سمنڊ جي ڀيٽ ۾ “نهر” سڏيو ۽ حافظ شيرازي وانگر عاشقيه شاعريءَ سان ٽمٽار ڪلام “مصباح الطريقته” ۾ لکيو. بيدل جو ڪلام 1940ــ41ع ۾ گدو مل کٽڻ مل هرجاڻي پهريون ڀيرو ڇپايو. ٻيو نسخو عبدالحسين شاه موسوي ڇپايو (جنهن تي گدومل سندس مسودو چوري ڪرڻ جو الزام لڳايو) ٽيون “بيدل ڪا اردو ڪلام” جي نالي سان اختر درگاهي ڇپايو آهي. اختر درگاهيءَ بيدل جي سوانح عمري، تعليم تربيت، بيدل جي صحبتن ۽ ٻين شاعري ۽ نثر جي ڪتابن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
بيدل جو ڪلام مرتب ڪندڙ محقق گدومل هرجاڻي “ديوان بيدل” ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته “عاشقن ۽ صوفين جو پنهنجو راز ۽ انداز هوندو آهي. مون کي چيو ويو ته فقير جو ڪلام ڇپائڻ جي منع ٿيل آهي، تون فقير جو ڪلام مرتب نه ڪر. ان ڪري مون جڏهن ڪلام مرتب ڪيو ته مون کي انيڪ مشڪلاتون پيش آيون. گدو مل لکي ٿو ته ٻن سالن جي محنت سان ڪلام ترتيب ڏئي گڏ ڪيم. اهو سکر ۾ ويرو مل بيگراج جي پريس ۾ ڇپائي لاءِ ڏنم. بيگراج چيو ته مهيني کن ۾ بمبئي مان نئين مشين ايندي پوءِ ڇاپينداسين، ٿورو انتظار ڪر. مهيني کان پوءِ مشين آئي ڇپائيءَ جو ڪم شروع ٿيو، اوچتو ٺڪاءُ ٿيو ۽ مشين جو اهم پرزو ٽٽي پيو. ٽي مهينا ترسڻو پيو. آخر مشين جو پرزو ٺهي آيو ۽ ڪم شروع ڪيو، ته مٿان سکر ۾ منزل مسجد گاهه وارو ممڻ متو، فساد شروع ٿي ويا. شهر ۾ باهيون لڳيون. جنهن جي نتيجي ۾ پريس ۾ پيل ڪاغذ سڙي ويو ۽ ان سان گڏ ديوان بيدل جو مسودو به سڙي ويو. وري ٻيو مسودو تيار ڪيم، جيئن ڪم شروع ٿيو ته ورهاڱو ٿي ويو ۽ اسين دربدر ٿي وياسين. هن لکيو آهي ته جيڪو ڪتاب ٻن يا ٽن مهينن ۾ ڇپجي سگهيو پئي، سو ٽن سالن ۾ مشڪل سان ڇپيو. نوڪري هلي وئي ۽ در بدر الڳ ٿيڻو پيو.”
)پورو ٿيو)