ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

قاضي فيض محمد: هڪ همه جهت شخصيت

Editorial-Article- Rauf Nizamani

گھڻن ماڻهن جي اهڙي شخصيت هوندي آهي جنهن کي ڪنهن هڪ خاني ۾ بند ناهي ڪري سگھبو. هڪ گھڻ پاسائتي شخصيت پر ائين لڳندو آهي ڄڻ سندن هر پاسو هڪ مڪمل شخصيت آهي. ساڳي وقت انهن سڀني پاسن جو هڪ محور هوندو آهي جنهن جي چوڌاري اهي سڀ گھمندا آهن. سنڌ ۾ گھڻا وڏا ماڻهو ٿي گذريا آهن پر اهڙا گھٽ آهن جن جا گھڻا پاسا هڪٻئي سان ٺهڪندڙ ۽ مڪمل هجن. اهڙن ماڻهن ۾ قاضي فيض محمد کي شامل ڪري سگھجي ٿو. گلاب هڪڙو پاران سندس ڪم ۽ حياتي تي ترتيب ڏنل مختلف تاثراتي مضمونن تي مشتمل ڪتاب سڄڻن لڌي سار هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب ۾ سندس خاندان جي فردن کانسوا سندس دوستن ۽ ٻين جا سندس متعلق تاثر ۽ مضمون آهن.
هن جو جنم 1908 ۾ هالاڻي ۾ ٿيو. هڪ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هي شخص شروع کان ئي گھڻين آزمائشن مان گذريو. هن پنهنجي دور جي آزادي جي ۽ ترقي پسند سياست ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو خاڪسارن سان لاڳاپيل رهيو ۽ خلافت تحريڪ ۽Quit India Movement ۾ سرگرم حصو ورتائين. مولانا حسرت موهاني سان سندس ويجھو لاڳاپو رهيو. سائمن ڪميشن جي هندوستان مان واپس وڃڻ لا هن مظاهرن ۾ حصو ورتو.
هو علامه آئي آئي قاضي جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ سندس فڪر کان متاثر هو. ان تعلق جي نوعيت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته هو پاڻ کي سندس روحاني پٽ سمجھندو ۽ چوندو هو. سندس طبيعت ۾ هڪ صوفياڻو رنگ هو. هو مختلف مزارن تي سڪون ۽ آسيس وٺڻ لا ويندو هو. راڳ جو نه رڳو کيس شوق هو پر هو پاڻ ڳائيندو به هو.
ساڳي وقت هو سنڌ جي ۽ ملڪي سياست ۾ سرگرم هو. سندس انهن سڀني سرگرمين جو محور سنڌ هئي. ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته هن ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي. ان وقت جڏهين هن ايوب کان ڌار ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي کي منظم پئي ڪيو، مٿس سرڪار جو ڏمر هو ۽ ڪير ساڻس گڏ هلڻ لا تيار نه هو ان وقت هن نوابشاهه ۾ پارٽي جي تنظيم ٺاهڻ ۾ سندس ساٿ ڏنو هو پر ساڳي وقت هن سندس پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري آڇ کي قبول نه ڪيو هو. ڪارڻ اهو هو ته هن سمجھيو ٿي ته پيپلز پارٽي جو فوڪس پنجاب هو ۽ آهي ۽ ان جي سياست سنڌ لا گھڻي ڪارگر ثابت نه ٿيندي. اها ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته هن بجائي ڪنهن قوم پرست جماعت جي پاڪستان سطح جي وفاقي سياسي جماعت عوامي ليگ سان ڪم ڪرڻ قبول ڪيو. جيتوڻيڪ عوامي ليگ جي اڳواڻ ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي پنهنجي وزيراعظم هئڻ واري دور ۾ ون يونٽ، جنهن ۾ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو
ويو هو، قبول ڪيو هو، پر هن سندس شاگرد مجيب جي اڳواڻي ۾ عوامي ليگ جي صوبائي خودمختياري جي پروگرام کي سنڌ لا وڌيڪ فائديمند سمجھيو ٿي. 1970 جي چونڊن ۾ هو نوابشاهه مان عوامي ليگ پاران قومي اسمبلي جو اميدوار هو. سندس مقابلي ۾ بشير شاهه ۽ پيپلز پارٽي پاران حاڪم علي زرداري هو. ڪتاب ۾ شامل هڪ مضمون موجب پيپلز پارٽي پاران کيس چيو ويو ته جيڪڏهين بشير شاهه هٿ کڻي ٿو ته پو پيپلز پارٽي به پنهنجو اميدوار سندس حق ۾ دستبردار ڪندي ۽ اهڙي ريت هو بنا مقابلي چونڊجي ويندو. پر جي ايم سيد، جيڪو بشير شاهه جي حمايت ڪري رهيو هو، جو چوڻ هو ته بشير شاهه چونڊن جي مهم تي گھڻو خرچ ڪيو آهي ۽ هو هٿ نه کڻندو. اهڙي ريت حاڪم علي زرداري ٻنهي کي شڪست ڏيئي قومي اسمبلي جو رڪن چوندجي ويو.
ساڳي وقت سندس سڃاڻپ هڪ هاري اڳواڻ جي پڻ آهي. اڌ بٽائي جي معاملي تي سنڌ اسمبلي جي
گھيرا ۾ سندس اهم ڪردار هو. هو هارين جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. ڪتاب ۾ ڪجھه معاملن تي سندس حيدربخش جتوئي سان اختلافن جا اشارا پڻ ملن ٿا پر انهن جو تفصيل نه ٿو ملي. عوامي ليگ سان سندس ڪمٽمنٽ جي اها حد هئي ته هو آخر تائين مجيب سان گڏ رهيو ۽ ايستائين ته ان سان گرفتار ٿيڻ ۽ جان ڏيڻ لا به تيار هو. ان کانپو امداد محمد شاهه چواڻي ته هو ڪنهن دوست يار ۽ ويجھي ماڻهو سان صلاح مشوري ڪرڻ کانسوا بنگلاديش وڃڻ لا ڀارت جي سرحد ٽپي ويو جتي ڪجھه عرصو ڀارت جي قيد ۾ رهڻ کانپو بنگلاديش ۽ اتان پو لندن هليو ويو ۽ جڏهين وطن واپس موٽيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.
ٻولي جي بل جي منظوري کانپو سنڌ ۾ باهه ٻريل هئي. سڄي سنڌ ۾ فساد هئا. ان صورتحال ۾ وفاقي حڪومت پاران مهاجر ۽ سنڌين جي نمائندا شخصيتن کي اسلام آباد گھرايو ويو ته جيئن معاملي جو ڪو حل ڪڍي سگھجي. سنڌي ماڻهن جي جن نمائندن کي مدعو ڪيو ويو هو انهن مان جي ايم سيد، پير حسام الدين راشدي ۽ شيخ اياز مختلف عذر ڏيئي ان گڏجاڻي ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي ريت قاضي فيض محمد سنڌين جو اڪيلو نمائندو هو جڏهين ته اڙدو جي نمائندگي ڪندڙن جو وڏو تعداد هو. هن ان گڏجاڻي ۾ وڃڻ ان ڪري به مناسب ڄاتو ته جيئن سنڌي ٻولي جي ڪيس کي مضبوط نموني پيش ڪري
سگھجي ۽ ان کي ان جو جائز حق ڏيارجي. هو اسلام آباد ۾ هڪ معمولي هوٽل ۾ رهيو. گڏجاڻي ۾ هن وزيراعظم کي اها گذارش ڪئي ته کيس پهرين ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته کيس اهو خدشو هو ته اڪيلي هئڻ جي صورت ۾ سندس پو ڳالهائڻ نقارخاني ۾ طوطي جو آواز بڻجي ويندو. هن تفصيل سان تاريخي حوالن سان نهايت مضبوط نموني سنڌي ٻولي جو ڪيس پيش ڪيو ۽ اها ڳالهه رکي ته سنڌي کي صوبي جي اڪيلي سرڪاري ٻولي ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته اڙدو جي لا ٻيا به گھڻا رستا ۽ واٽون آهن جڏهين ته سنڌي رڳو هتي ئي ترقي ڪري ۽ وڌي ويجھي سگھي ٿي. سندس گھڻين
دليلن کي وزيراعظم پنهنجي قومي اسمبلي جي تقرير ۾ پڻ استعمال ڪيو.
انهن سڀني ڳالهين سان گڏ سندس مستند ۽ وڏي ليکڪ واري حيثيت کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. اها واقعي حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه آهي ته سياسي ۽ سماجي لحاظ کان هڪ مضروف زندگي گذاريندڙ ماڻهو ايڏو تخليقي پورهيو ڪيو ۽ ناول، آتم ڪٿا ۽ ٻيون لکڻيون جنهن جو وقت بوقت حوالو ڏنو ويندو آهي تخليق ڪيون.
سندس شخصيت ۽ ڪم کي اڃا پوري ريت سامهون نه آندو ويو آهي. سندس گھڻيون لکڻيون اڃا تائين اڻ ڇپيل آهي ۽ گھڻين کي ٻيهر ڇپرائڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي خاص طور ادب سان لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي ڪي قدم کڻڻ گھرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button