ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صدر صاحب!پنھنجي عھدي کي عزت ڏيو

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

اھا سچائي آھي ته ملڪ جي صدر عارف علوي جنھن جو واسطو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي يعني پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سان آھي، تنھن جي ڪارڪردگيءَ تي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندڙن کي سخت ڳڻتي آھي. عمران خان پوڻا چار ورھيه ملڪ جو وزيراعظم رھيو ۽ پوءِ، پاڪستان جي 75 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو کيس قومي اسيمبليءَ جي ووٽن ذريعي اھم عھدي تان، سندس زوردار پر اعتراض جوڳين پاليسين ڪري ھٽايو ويو. عمران خان اڳ، سنڌ سان واسطو رکندڙ پنھنجي پارٽيءَ جي اڳواڻ عارف علويءَ کي ملڪ جو صدر مقرر ڪيو، جيڪو اڃا برقرار آھي. اسان سمجهيو ته ڀلي ملڪ جي صدر جو واسطو ڪھڙي به پارٽيءَ سان ڇو نه ھجي پر ھو ملڪ جي گڏيل ڀلائيءَ کان سواءِ سنڌ لاءِ هاڪاري به سوچيندو رھندو ۽ وفاق طرفان کليو کلايو زيادتيون ۽ ناانصافيون، ملڪ جي صدر طور برداشت ڪونه ڪندو پر اھا سچائي اھا آھي ته سندس دکدائڪ ڪارڪردگي ڏسي اسان جون اميدون لاڳيتيون خاڪ ۾ ملي رھيون آھن. سندس ڪارڪردگيءَ مان اھو عام تاثر پيدا ٿيل آھي ته کيس سنڌ سميت ملڪ سان ڪا خاص ھمدردي ناھي. سندس مقصد رڳو اھو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سندس اڪيلو مقصد رڳو اختلافي اڳواڻ عمران خان کي راضي ڪرڻ آھي ۽ بس.
انھيءَ سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاھد خاقان عباسيءَ جو بيان به ميڊيا ۾ ڇپيو آھي. سندس چواڻي: صدر کي عرض آھي تہه پي ٽي آءِ جي ٽوپي لاھي، صدر جي ٽوپي پائي. ملڪ جي صدر، نيب قانون جي ترميم کي منظور نه ڪرائي غلط ڪيو آھي. اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته اين آر او آرڊيننس جنرل پرويز مشرف سال 2007ع ۾ جاري ڪيو ھو جنھن کي قانوني شڪل به ڏيڻ گهربي ھئي
ميڊيا جي خبر موجب، ملڪ جي صدر عارف علويءَ تازو نيب جي ترميمي بل تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي. سندس دعوى ھئي تہه ڦرُلٽ وڌيڪ زور وٺندي. انھيءَ سلسلي ۾ قانون جي وزير اعظم نظير تارڙ نھايت ئي اھم بيان ڏنو آھي. سندس چواڻي: احتساب قانون ۾ 85 سيڪڙو تبديليون اھي آھن جيڪي پي ٽي آءِ جي سرڪار ٻه آرڊيننس لاڳو ڪري جاري ڪيا ھئا. سندس چواڻي: 2002ع ۾ ميمبرن کي کڻي، نيب جو ديدار ڪرايو ويو ھو ۽ سرڪاري پارٽيءَ تي اليڪشن وڙھائي وئي ھئي پر آرڊيننس پي ٽي آءِ ايوان ۾ پيش ڪونه ڪيو ھو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي دعوى آھي ته اين آر او ملڪ جي معاشي ۽ اخلاقي طور ناقابل تلافي نقصان پھچايو آھي. نيب ترميمن تي ماٺ ڪري نه ويھنداسون، ھر آئيني ۽ قانوني فورم سان واسطو رکنداسون. عمران اھا به دعوى ڪئي ته مان ڄاڻيندو ھئس ته اھي اقتدار ۾ اچي پنھنجو پاڻ کي بچائيندا.
منھنجي خيال ۾ صورتحال کي وڌيڪ سمجهائڻ لاءِ وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ اللہ جي بيان جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي ته جيئڻ خبر پوي ته عمران خان جيڪي انوکيون دعوائون ڪندو آھي سي بہه درست آھن يا نه، ته جيئن ملڪ جي صدر آصف علويءَ جي رويي جو مناسب ڪاٿو لڳائي سگهجي. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ آھي ته اسان جي خلاف غلط ڪيس ڪيا ويا ته انھن کي ختم ڪرڻ ۽ انھن ۾ پنھنجي بي گناھي ثابت ڪرڻ، اين آر او ناھي پر اسان جو حق آھي. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالھائيندي سندس چوڻ ھو ته نيب قانون ۾ 85 سيڪڙو ترميمون اھي آھن، جيڪي گذريل سرڪار پاڻ منظور ڪري چڪي ھئي. سندس چواڻي: الزام لڳائڻ واري کي ثبوت ڏيڻ گهرجن، نيب ترميم ۾ اھڙي گنجائش آھي جڏھن ته ضمانت جي به گنجائش ڏنل آھي.
هڪ نجي ٽي وي تي، عام طور تبصرا ڪندڙن کان ميزبان عورت پڇيو ته پاڪستان جي صدر اھم بل منظوريءَ کانسواءِ موٽائي ڇڏيا آھن ۽ لڳي ٿو عارف علوي، ملڪ جو صدر بڻجڻ بدران پي ٽي آءِ جو حصو بڻيل آھي. پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ مان نڪتي ھئي ته ايم پي ايز ۽ سينيٽرن سان گڏوگڏ صدر پاڪستان کي به استعيفا ڏيڻ گهرجي ھا. ڇنڊڇاڻ ڪندڙن جو چوڻ ھو ته عمران خان ڌمڪيون ڏيڻ بدران ٻاھر نڪري. جرنلسٽ سليم صافيءَ جو چوڻ ھو ته “صدر عارف علويءَ جي اھم ترين قانون کي موٽائي ڏيڻ، عمران خان جي غلامي آھي. عارف علوي ته نظرياتي سياسي ڪارڪن ھو پر صدر بڻجندي ئي ان جي ضمير جو آر ٽي ايس سسٽم، مڪمل طور فيل ٿي ويو آھي.”
بھرحال، ملڪ جي عوام وٽ اھا گنجائش ھوندي آھي ته اھا ملڪ جي صدر کان اھا اميد ڪري ته ھو ملڪ جي فائدي لاءِ آواز اٿاريندو ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان نه رڳو ملڪ پر عوام جو گڏيل فائدو به رٿيل ھوندو آھي. جڏھن ته اھا به سچائي آھي ته صدر جو عھدو ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ اھم ھوندو آھي. جيئن ته وزيراعظم سڄو ملڪ ھلائيندو آھي، تنھنڪري انھيءَ جي اھميت نمبر ون ٿي ويندي آھي ۽ ھو پنھنجا اختيار به سولائيءَ سان ڪم آڻي سگهندو آھي. پر جيڪڏھن ملڪ جو صدر، اھم عھدي تي رھڻ باوجود ملڪ جي مفاد بدران رڳو پنھنجي سياسي پارٽيءَ کي اھميت ڏئي ته پوءِ ائين ڪرڻ سان ملڪ جو فائدو گھٽ پر نقصان وڌيڪ ٿيندو. ساڳي ڳالهھ، ملڪ جي ھاڻوڪي صدر سان تي لاڳو ٿئي ٿي. ائين ڪرڻ سان افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو پر پنھنجي سياسي پارٽيءَ کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ ڏک جي ڳالھه آھي. سندس پارٽيءَ جي اڳواڻ عمران خان جون عام طور پاليسيون سخت اختلافي ۽ ملڪ دشمن آھن. ھن پنھنجن پوڻن چئن ورھين جي وزيراعظم طور حڪمرانيءَ ۾، ملڪ جي فائدي لاءِ ڪو خاص ڪارنامو ڪونه ڪيو، الٽو بار بار ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي، ملڪ کي اڳتي ھلي تباهه ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آھن.
ھونئن به ڏسجي ته عمران جي پارٽيءَ جي کوڙ اسيمبلي ميمبرن استعيفائون ڏنيون آھن، جڏھن ته ھاڻوڪي قومي اسيمبليءَ جي پ پ پ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کيس استعيفائون واپس وٺڻ جي به اپيل ڪئي آھي پر عمران خان مان چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آھي. تنھنڪري ظاھري طور ائين لڳي ٿو ته سندس ميمبر استعيفائون واپس ڪونه وٺندا پر اھا اچرج جهڙي ڳالهھ آھي ته ملڪ جي صدر عارف علوي جنھن جو واسطو عمران پارٽيءَ سان آھي تنھن استعيفا ناھي ڏني پر لڳي ٿو سندس رويو رڳو ھاڻوڪي وفاقي سرڪار کي ناڪامياب بڻائڻ آھي.
بھرحال، سندس پارٽيءَ جي ميمبرن جون وڏي پيماني تي استعيفائون ڏسي کين صلاح ڏئي سگهجي ٿي ته ميمبر استعيفائون واپس نٿا وٺن ته پوءِ سندن پارٽيءَ جو، ملڪ جو صدر به استعيفا ڏئي. ائين ڪرڻ ملڪ جي فائدي ۾ ھوندو ڇاڪاڻ ته ملڪ جي صدر جنھن جو واسطو ڪھڙي به سياسي پارٽيءَ سان ڇو نه ھجي تنھن کي ملڪ جو صدر بڻائڻ کانپوءِ، ھن جي اڳيان ملڪ جو فائدو ئي اھم ھوندو آھي يا ھئڻ گهرجي، پنھنجي سياسي پارٽيءَ سان سندس واسطو ڪونه رھندو آھي پر ھن ملڪ اندر قصو ئي نرالو آھي. جيڪڏھن ملڪ جو صدر پنھنجي عھدي کي اھميت ڏيڻ بدران، رڳو پنھنجي پارٽيءَ کي اھميت ڏيندو ۽ پاڻ کي ھر وقت ان جو ئي اھم ميمبر سمجهندو ته اھا وڏي بدقسمتي ھوندي آھي.
بھرحال، ملڪ جي فائدي خاطر اسان جي ملڪ جي صدر عارف علويءَ کي نيڪ نيتيءَ سان صلاح آھي جيئن ته سندس رويو بي ريا ھرگز ڪونھي سو بھتر آھي ته پنھنجي پارٽيءَ سان ترت استعيفا ڏئي يعني واسطو ختم ڪري. بھرحال، اھڙي احتجاجي صورتحال باوجود اسان جي ملڪ جي صدر کي سندس اھم عھدي موجب عزت ۽ احترام سان صلاح آھي ته ھو پنھنجي عھدي کي اھميت اڃا به گهڻي ڏئي ته بھتر يعني پنھنجي سياسي پارٽيءَ (پي ٽي آءِ) سان واسطو، قانون موجب ڇڏي ڏئي. سڄي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ نه رڳو سوچي پر باقاعدي عمل به ڪري ته ائين ڪرڻ سان ملڪ جو فائدو ٿيندو. ٻي اھم ڳالھه ته سندس واسطو سنڌ (گاديءَ واري شھر ڪراچي) سان آھي سو بھتر آھي ته پنھنجي پاليسيءَ کي بدلائي نيڪ نيتيءَ سان ملڪ سان گڏوگڏ سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ به سوچي ته بھتر پر جيڪڏھن اھي ڀلائيءَ وارا قدم نٿو کڻي سگهي ٿو ته عمران خان جي پاليسيءَ موجب ٻين ميمبرن وانگيان ترت استعيفا ڏئي ته بھتر .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button