ڪجهه سال اڳ ناليواري صحافي وسعت الله خان پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته ڏسون عمران خان ڪڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي خلاف ٿو ٿئي. ملڪ ۾ ظاهري طور جڏهن آمريت نه هوندي آهي ته ان کي جمهوريت چيو ويندو آهي، جنهن طريقي سان جمهوري حڪومتون چونڊجي اينديون آهن، ان عمل جي مڪمل پوئواري ڪئي ويندي آهي، پر پوءِ به سوال اهو آهي ته ملڪ ۾ چونڊيل حڪومتون مسئلا حل ڇو ناهن ڪري سگهيون. اسان جي پاڙيسري ملڪن، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ جمهوري حڪومتون جا تجربا ايڏا ڪامياب ڇو ويا آهن ۽ اتان جي ماڻهن کي جمهوري سرشتي ۾ سوين خامتون هئڻ باوجود جمهوريت کان ايڏي نفرت ڇو ناهي.
هن ملڪ ۾ سياستدانن کي برائين جي پاڙ سمجهيو ويندو آهي، جڏهن به ملڪ ۾ ڪو بحران پيدا ٿيندو آهي ته ان جا ذميوار سياستدان هوندا آهن، عام ماڻهوءَ به فوج کي اقتدار سنڀالڻ جون دعوتون پيو ڏيندو آهي. پوليس جهڙو ادارو هوندي به شهرن ۾ جڏهن بدامني ٿئي ٿي ته شهرن کي فوج حوالي ڪرڻ جا مطالبا ٿيڻ لڳندا آهن. ان ڪري جو جمهوري نظام جي مٿان به هڪ نظام هلندڙ آهي، جيڪو ان جمهوريت کي ڪنٽرول ڪري ٿو، جنهن ۾ سياستدان آزاديءَ سان فيصلا نٿا ڪري سگهن. اهي ڪنهن به ريت اهڙي قسم جا معاهدا نٿا ڪري سگهن، جن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مرضي شامل نه هجي.
2018ع کان پوءِ عوام عمران خان نيازيءَ جو نيم آمريتي دور ڀوڳيو، جنهن ۾ اظهار تي پابندي هئي، جنهن ۾ عوام جي بنيادي حقن جي پائمالي ڪئي وئي، جنهن ۾ عوام کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي ته ان کي سٺو چئو. ميڊيا کي يرغمال ڪري ان کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته هاڪاري رپورٽنگ ڪريو، دنيا کي اهو نه ٻڌايو ته ملڪ ۾ معاملا خراب آهن پر اهو ٻڌايو ته هتي جيترا معاملا سٺا آهن، دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ نه آهن. پر پوءِ ڇا ٿيو. ڇا اهو هائبرڊ نظام هلي سگهيو. نيٺ “ڪمپني بهادر” کي ان مان جان ڇڏائڻي پئي. ڇاڪاڻ ته “ڪمپني بهادر” کي ڪوبه اهڙو سياستدان قبول نه هوندو آهي، جيڪو ٿوري به آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. هونئن ته عمران خان نيازي جيڪڏهن آزاديءَ سان فيصلا ڪري به ها ته اهي رڳو پنهنجن سياسي مخالفن کي دٻائڻ لاءِ هجن ها، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ سياسي بي چيني جنم وٺي ها، ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا اچڻ کان پوءِ هاڻ ڪئين معاملا لڪي نٿا سگهن. ماڻهو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا. انهن کي جيلن ۾ واڙڻ ممڪن ڪونهي. ڇو ته اها عوام جي راءِ هوندي آهي. پر پي ٽي آءِ هاڻ سوشل ميڊيا جي پليٽ فارم کي فوج خلاف استعمال ڪري رهي آهي. ٽوئيٽر تي سوشل ميڊيا جنوني، ڪو به اهڙو موقعو هٿان نٿا وڃائڻ ڏين، جنهن ۾ فوج کي نشانو نه بڻائيندا هجن. پر اهو ٿيڻو هو، ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ عمران خان نيازي جهڙي ماڻهوءَ کي ملڪ جي نئين سياسي تقدير لکڻ لاءِ چونڊيو هو پر هن کان اهو وسري ويو ته اها اڳ به اهڙا تجربا ڪري چڪي آهي. اهڙن تجربن وسيلي هو سياسي بت ٺاهي عوام کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ته هاڻ هيءَ اوهان کي هر مسئلي مان ڇوٽڪارو ڏياريندو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ئي سياستدان اسٽيبلشمينٽ کي ڳچيءَ جو ڳٽ ٿي ويندو آهي.
سماج ۾ جيتري سياست آزاد هوندي، اوترو ئي سياستدان به آزاد هوندا ۽ جيترا سياستدان آزاد هوندا، اوترو اهي آزاديءَ سان فيصلا ڪري سگهندا. پنهنجو اقتدار وڃائڻ کان پوءِ جهڙي ريت عمران خان نيازي اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهائي رهيو آهي، انهن ڳالهين ۾ هڪ نفرت جو تاثر اڀري ٿو. پر ڇا اها حڪمت عملي اختيار ڪرڻ کان پوءِ هن لاَءِ اقتدار ماڻڻ جا دروازا کلن پيا يا بند پيا ٿين؟ پي ٽي آءِ سماجي اخلاقيات کي جهڙي ريت تباهه ڪيو آهي، اهڙي ريت ان سياسي اخلاقيات کي به تباهه ڪيو آهي. ڇو ته عمران خان نيازي پاڻ اهڙي ٻولي ڳالهائيندو رهيو آهي، جيڪا ان کان اڳ ڪنهن سياستدان استعمال نه ڪئي آهي. پر هو اها ٻولي ان ڪري به استعمال ڪري ٿو جو کيس پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ تي گهڻي ڪاوڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي پارٽيون هن وقت اقتدار ۾ آهن ۽ مستقبل جا جيڪي به فيصلا ٿيڻا آهن، اهي لاڳاپيل جمهوري فورمن وسيلي ٻئي پارٽيون ڪنديون. پر انهن جي آزادي به مشروط آهي.
اسٽيبلشمينٽ وٽ پي ٽي آءِ کان پوءِ هڪ پلان اهو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ اقتدار نواز ليگ کي ڏنو وڃي ۽ ٻيو اهو ته پيپلز پارٽيءَ لاءِ پنجاب ۾ گنجائش پيدا ڪجي ته جيئن اها مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي سگهي. پر ان کان به خطرناڪ پاسو ٽي ايل پي جو اڀري اچڻ آهي، جنهن ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم کي ٽف ٽائيم ڏنو آهي ۽ سندس اميدوار ڪجهه سئو ووٽن تان ايم ڪيو ايم کان هارائي ويو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت ٽي ايل پي پنهنجو سياسي قد وڌائي رهي آهي ۽ ان وٽ هڪ وڏي سياسي فورس به آهي. جنهن وسيلي اها شهرن جا رستا بند ڪري سگهي، اها ڌرڻا هڻي سگهي ۽ ملڪي سياست تي اثرانداز پڻ ٿي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ جي حڪومت دور ۾ ٽي ايل پي آڏو عمران خان گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا. ڇو ته اها مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪري ٿي. اهڙي ريت عمران خان نيازي به مذهب جو ڪارڊ استعمال ڪندو رهيو آهي. پر مذهب جو ڪارڊ به ان وقت ڪارائتو ٿيندو آهي، جڏهن “ڪمپني بهادر” جو آشيرواد گڏ هجي. تنهنڪري پاڪستان ۾ اقتدار ماڻڻ ايترو سولو ناهي جيترو عمران خان نيازي سمجهيو هو. کيس هڪ ڀيرو اقتدار ڏيڻ جو تجربو ٿي چڪو. ان ۾ هو اسٽيبلشمينٽ جي اميدن تي پورو نه لهي سگهيو، جنهن جي ڪري هن کي پاسيرو ڪيو ويو. هونئن به جڏهن هڪ اهڙي پارٽي جنهن جو ڪو سياسي نظريو نه هجي، ان کي اقتدار ۽ پوءِ سياسي ماحول مان نيڪالي ڏيڻ ڏکيو ناهي هوندو.
عمران خان نيازي ۽ سندس پارٽي اڃا به ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهن. پر هاڻ گهڻي دير ٿي وئي آهي. ان دير جي ڪري جيڪا نئين سياسي صف بندي ٿيڻي آهي، ان ۾ پي ٽي آءِ گهٽ ۾ گهٽ شامل نه هوندي.
ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي اهو سوچڻو پوندو ته ڇا اهي ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي پڪڙ مان پاڻ کي آزاد ڪرائي سگهن ٿيون؟ جنهن کان پوءِ اهي آزاديءَ سان فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن ۽ انهن کي اهو اندازو ٿئي ته سياسي آزادي وسيلي پارٽيون گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿيون. ملڪ جي تباهيءَ جون ذميوار سياسي پارٽيون نه پر انهن کان کسيل اها سياسي آزادي آهي. جنهن جون واڳون اڄ به “ڪمپني بهادر” جي هٿن ۾ آهن. جيڪا هن ملڪ جي ڪروڙين عوام جي قسمت جو فيصلو ڪندي آهي.