پاڪستان تحريڪ طالبان سان جاري ڳالهين جو آخري فيصلو پارليامينٽ پاران ڪرڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ويو آهي؟
اسان کي ياد هجڻ گهرجي ته جڏهن اڳوڻو صدر آصف زرداري هڪ ڀيري اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪري رهيو هو، تڏهن هن اهي لفظ به چيا هئا ته ”اسان انهن کي سوات آپريشن جي سلسلي ۾ سياسي ڇٽي ڏني هئي“ آصف زرداريءَ جي اهڙي بيان جو مطلب اهو هو ته دهشتگرديءَ خلاف آپريشن حڪومت وقت کان پڇي نه ڪئي ويندي آهي. پر جيڪڏهن ضروري ٿي پوندو آهي ته حڪومت اڳتي اچي ان عمل کي پنهنجو ڪندي آهي، جنهن عمل سان هن جو متفق هجڻ ضروري نه هوندو آهي.
طالبان سان هلندڙ ڳالهين جي سلسلي ۾ به اهڙو ئي ڪجهه آهي. اها ميان شهباز شريف جي همت ۽ جرئت ناهي، جنهن کي جهڪي سلام ڪجي جو هن اهو فيصلو ڪيو هجي ته هاڻي هر قدم پارليامينٽ کان پڇي کنيو ويندو. اهڙو فيصلو ته اهي حڪمران به نه ڪري سگهيا، جن جي ڀيري ايوان مڪمل هو ۽ ان جون ڪارروايون قاعدي ۽ قانون سان هلنديون هيون. هن وقت ملڪ جو جمهوري آئين اڻ پورو به نه بلڪه اڌورو آهي. ان ايوان کي ايتري همت ڪٿي جو اهو اسٽيبلشمينٽ کي اهو چئي سگهي ته هاڻي طالبان جي سلسلي ۾ جيڪي به فيصلا ٿيندا، انهن جي منظوري پارليامينٽ ڏيندي. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ان قسم جا فيصلا ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيا ويندا آهن ته جيئن اڳين ڌر کي اهو چئي سگهجي ته انهن جا شرط تسليم ڪرڻ جي مجاز قوت هو نه پر پارليامينٽ آهي. ان قسم جو فيصلو مذڪرات ۾ مصروف ڌر جي مدد ڪارڻ ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته اسان کي ٽي ٽي پيءَ سان هلندڙ ڳالهين جي سلسلي ۾ ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.
پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضيءَ جو نظام بندوق جي زور تي نافذ ڪرڻ وارين قوتن کي ڪافي حد تائين ڪمزور ۽ ڪنڊائتو ته ڪيو آهي پر انهن کي مڪمل ختم ڪرڻ ۾ سالن کان پوءِ به ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي آهي. دراصل پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي پٽيءَ ۾ سرگرم پاڪستاني طالبان ان مهل وڏي حوصلي ۽ قرار سان ڪنڌ کنيو، جڏهن آمريڪي فوج افغانستان ۾ پنهنجي شڪست جو عملي اظهار ڪندي ڀڳي. اهڙي قسم جو عمل پاڪستان ۾ ساڳيو نظام نافذ ڪندڙ قوتن جي لاءِ فطري طور تي اتساهه جو باعث بڻيو. انهن سوچيو ته جيڪڏهن انهن جا افغاني ڀائر آمريڪا جهڙي عالمي قوت کي پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي، پنهنجي اقتدار جو جهنڊو جهولائي سگهن ٿا ته پنهنجي علائقي ۾ هو اهو ڪجهه ڇو نه ٿا ڪري سگهن؟
پاڪستان پهرين ڏينهن کان وٺي اها پڌرائي ڪري ڇڏي هئي ته انهن جو افغانستان ۾ مزاحمت ڪندڙ طالبان جي باري ۾ موقف الڳ آهي پر پاڪستان ۾ سرگرم طالبان فيڪٽر لاءِ انهن جي سوچ الڳ آهي. پر ان اعلان جو عملي طور تي انهن کي ڪو خاص فائدو نه رسيو. ڇو ته طالبان ٽائپ مائينڊ سيٽ کي سمجهائڻ سولو ناهي. خاص طور تي تڏهن جڏهن هو پاڻ سمجهڻ نه چاهين. جهڙي طرح اردوءَ جو پراڻو پهاڪو آهي ته ”جاگتي ڪو ڪون جڳائي؟“ ساڳي طرح سان جيڪي پاڻ سمجهڻ نه چاهين انهن کي سمجهائڻ دنيا جو نه صرف مشڪل ترين پر ناممڪن ترين ڪم آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن مهل تائين پاڪستاني طالبان ۽ اسان جي ملڪ اسٽيبلشمينٽ جو ڪوئي به ديرپا ٺاهه نه ٿي سگهيو آهي ۽ اهو ٿي به نه ٿو سگهي. پر پوءِ به پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ٽي ٽي پيءَ کي مذاڪرات جي سلسلي ۾ مصروف رکيو آهي.
پاڪستان کي پوري پڪ هئي ته جڏهن انهن جي ڀرپور مدد سان افغان طالبان آمريڪا کي شڪست ڏئي اقتدار تي ويهندا ته اهي بنا چوڻ جي پاڪستان جي مٿي مان ٽي ٽي پي جي جونءَ ڪڍي ڇڏيندا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهو ڪجهه نه ٿي سگهيو؟ اهو ڇو نه ٿي سگهيو؟ ان باري ۾ هن مهل تائين مذاڪرات ۾ مصروف ڌر پنهنجي عوام کي مڪمل طور تي آگاهي ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. جڏهن ته اهڙن معاملن ۾ عوام جي مرضي ئي نه پر عوام جو اجتماعي عقل به تمام گهڻو فائدي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو پر ڪنهن کي پرواهه آهي، عوامي عقل ۽ سمجهه جي سلسلي ۾ جمهوري روايت تي راهه تي هلڻ جي!
پاڪستان هن مهل تائين افغان طالبان سان آفيشل احتجاج نه ڪيو آهي ته هو احسان جو بدلو ادا ڪندي ٽي ٽي پيءَ کي مات ڪرڻ جي سلسلي ۾ انهن جي مدد ڪن. پر انهن ته هن مهل تائين پاڪستاني طالبان کي افغان سرزمين استعمال ڪرڻ کان به نه روڪيو آهي. اهو سلسلو اڃان به ان مهل گهٽ هو، جنهن مهل افغانستان ۾ آمريڪا نواز حڪومت هئي. ڇو ته ڪرزئي يا اشرف غنيءَ جي سرڪار هر قسم جي طالبان خلاف هئي. اهي افغاني طالبان هجن يا اهي پاڪستاني طالبان هجن، انهن سان اٽڪڻ انهن جي پاليسيءَ ۾ شامل هو. جڏهن ته افغان طالبان اخلاقي ۽ نظرياتي طور تي پاڪستاني طالبان سان ساڳيو سلوڪ نه ٿا ڪري سگهن، جيڪو ڪجهه انهن سان آمريڪا ڪندو هو. ڇو ته اهي پاڪستاني طالبان افغان طالبان مان اتساهه وٺي پيدا ٿيا. اهي انهن جا فطري اتحادي آهن. اهو ئي سبب آهي ته هن مهل تائين انهن طالبان جي وچ ۾ ڪو به ٽڪراءُ آفيشلي رپورٽ نه ٿيو آهي.
پاڪستان جا ڪيل احسان ياد رکندي هن مهل افغان طالبان اهو ضرور ڪري رهيا آهن ته انهن پاڪستان ۽ پاڪستاني طالبان جي وچ ۾ ان ڌر جو ڪردار ضرور ادا ڪيو آهي جيڪا ٻنهي کي آمهون سامهون ويهاري ڪنهن عمل جوڳي نبيري تائين رسائي سگهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪافي وقت کان وٺي پاڪستاني طالبان ڪا اهڙي وڏي ڪارروائي نه ڪئي آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ موجود امن کي عملي طور تي ڪو وڏو ڌچڪو لڳي سگهي. هن مهل به طالبان ۽ پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڳالهين ۾ مصروف آهي پر انهن جون ڳالهيون هن مهل تائين صرف جنگ بنديءَ جي حد تائين آهن. ان سلسلي ۾ هن مهل تائين اهڙي ڪا پيش رفت، اهڙي ڪا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جنهن کي فخر سان پيش ڪري سگهجي. هن مهل افغانستان جو اقتدار آمريڪين ۽ انهن افغانين وٽ ناهي، جيڪي پاڪستان جا مخالف ۽ ڀارت جا دوست هئا. هن وقت ڪابل جو اقتدار انهن طالبان جي حوالي آهي، جن سان پاڪستان تاريخي سهڪار ڪيو آهي. پر هن مهل به پاڪستاني فوج جو هڪ تمام وڏو انگ اڃان تائين انهن پهاڙن ۾ موجود آهي، جن ۾ ڪالهه هو.
پاڪستان کي افغانستان ۾ طالبان راڄ قائم ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو پيو آهي؟ سواءِ ان جي ته طالبان راڄ کان اڳ ۾ ڀارت پاڪستان جي سرحدي پٽيءَ ۾ ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ جي نالي ۾ ”را“ دهشتگرديءَ جو تمام وڏو نيٽ ورڪ قائم ڪري رکيو هو. هاڻي اهڙو ڪو نيٽ ورڪ موجود ناهي. پر اهو نه سمجهڻ گهرجي ته All is well on Northern Front يعني اتر واري محاذ تي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ آهي.
اتر واري محاذ تي صورتحال اطمينان جوڳي نه اڳ هئي ۽ نه هاڻي آهي. پر پاڪستان هن مهل تائين انهن سان قوتن سان ڳالهين جا در بند نه ڪيا آهن، جيڪي دهشت جي علامت آهن. جڏهن ته پاڪستان پاران ان قسم جي عنصرن سان ان قسم جي رعايت جو پيغام ٻين معاملن جي صحت تي منفي اثر وجهي رهيو آهي. جڏهن به ڪو ملڪ آئين ۽ قانون ٽوڙيندڙن سان ڳالهيون ڪندو آهي ته ان جا اثر مجموعي طور تي منفي هوندا آهن. ڇو ته هٿيار سان رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ وارين سمورين ڌرين تائين اهو پيغام پهچندو آهي ته جيڪڏهن انهن به سخت ڪارروائيون ڪيون ته انهن سان به ڳالهين ٻولهين جا سلسلا شروع ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان جو ٽي ٽي پيءَ سان مذاڪراتي سلسلو نئون ناهي. اهو تمام گهڻو پراڻو آهي. جڏهن ته ان معاملي کي مثال بڻائي ڪيترائي ڀيرا اهو چيو ويو آهي ته جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ته انهن بلوچن سان ڇو نه ٿي سگهن ٿيون، جيڪي هن مهل تائين پکيڙ جي حساب سان ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي ۾ هٿيار کڻي هلي رهيا آهن. جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر پوءِ بلوچ مزاحمت ڪارن سان ڇو نه؟ ان سلسلي ۾ هن مهل تائين ڪو به اهڙو جواب سامهون نه آيو آهي، جيڪو سوال پڇندڙ کي اطمينان جو احساس ڏياري سگهي. طالبان جي سلسلي ۾ پاڪستان تمام گهڻو پريشان رهيو آهي. هن مهل به پاڪستان کي اهو ڊپ آهي ته ڪنهن به وقت دهشتگرديءَ جو دونهون ملڪ ۾ نظام جو ساهه منجهائي سگهي ٿي. هونءَ به پاڪستان مٿان ٽي ٽي پيءَ اهڙا وار به ڪيا آهن، جن کي ڪنهن به طرح سان ۽ ڪڏهن به فراموش ڪري نه ٿو سگهجي. جيڪو ڪجهه انهن قوتن پشاور جي اي پي ايس اسڪول ۾ ڪيو هو، ان واقعي کي تحرير ڪندڙ مس ملڪي تاريخ جي دستاويز ۾ ڪڏهن به سڪي نه سگهندي. اها هميشه آلي رهندي. ڇو ته ان قسم جو واقعو پوري دنيا ۾ اڳ ڪڏهن نه ٿيو هو. ان واقعي کان پوءِ ٽي ٽي پيءَ جي حوالي سان هن ملڪ جي عوام ۾ به هڪ قسم جي تلخي ۾ موجود آهي. اها ڪڏهن به ختم ٿي نه ٿي سگهي. پاڪستان ۾ عوامي سطح تي همدرديءَ کان محروم ٽي ٽي پي صرف اتر واري محاذ تي سرگرم آهي ۽ ان جي اهڙي سرگرمي پاڪستان جي لاءِ مستقل طور تي مٿي جو سور آهي. پر پاڪستان مجبور آهي. پاڪستان کان ٽي ٽي پي جيڪا سخت شرط مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن جي آڏو هڪ طاقت وارو دليل رکڻ جي لاءِ پاڪستان کي پارليامينٽ ميدان ۾ آئي آهي ۽ ان اهو اعلان ڪيو آهي ته طالبان سان ڳالهين جي سلسلي ۾ آخري فيصلو پارليامينٽ ڪندي. ڇا ان قسم جي قدم کڻڻ سان پاڪستان کي ڪوئي فائدو پهچندو؟ يا اهي به هڪ اهڙي ڪوشش هوندي، جن ڪوششن مان هن مهل تائين ڪو فائدو پهچي نه سگهيو آهي. پر ان عمل سان گهٽ ۾ گهٽ اهي معاملا ته ڪنهن حد تائين پڌرا ٿيندا، جن جي مٿان قومي مصلحتن جو پردو پيل آهي.