سنڌ ۾ قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي سياسي تجزيي، ڇنڊڇاڻ ۽ بحث کان پهريان پاڻ جيڪڏهن سياست جي بنيادي پرک جي پيمانن تي بحث ڪريون ته اهو وڌيڪ بهتر ٿيندو، ڪنهن به سياسي پارٽي، ڌر جي پرک جا پيمانا ٻن بنيادن تي هجن ٿا هڪ نظريو ۽ ٻيو عمل، سياسي پارٽين جي اندر نظريي جو بنياد انهيءَ جي طبقاتي ڪردار ۽ سياسي حاصلات جي بنيادن تي هوندو آهي ڪهڙي به سياسي جماعت هجي انهيءَ جو سياسي پروگرام ڪيترين به ڪمزورين يا جھولن ۾ هوندو پر هو پنهنجي پروگرام جي حد تائين اها دعويٰ ڪندي به پوئتي نٿا هٽندا ته هو وڌ کان وڌ ملڪ ۽ قوم جي بهتري ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ جدوجهد ڪندا. گھڻي ڀاڱي ساڄي ڌر جي سياسي حڪمتِ عملي اها هوندي آهي ته بهتري ۽ انقلاب جا بنياد ليڊرشپ جي ڪرشماتي ڪردار جي حوالي سان ڏيندي ايمانداري ۽ اصلاحات جا اهڙا پروگرام ڏيندا جن سان خوشحالي جو تصور ته ڪري سگھجي ٿو پر معاشي ۽ سماجي انقلاب جي اميد رکڻ ڪنهن به عقل مند ماڻهو جي لاءِ ناممڪن هوندي آهي ڇو ته انهن پارٽين جو بنيادي مقصد طبقاتي سماج کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ ڪجھه اصلاحي بهتري آڻي فلاحيت جي بنيادن تي سياست ڪرڻ هوندو آهي ۽ اهو سبب هوندو آهي جنهن بنيادن تي هو اصلاحات ۽ بهتري جي نالي تي رياستي وسيلن ۽ مراعتن جا وڌ کان وڌ فائدا پنهنجي طبقي جي ماڻهن ۽ خاص ڪري پارٽي جي ماڻهن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
کاٻي ڌر جي سياست پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي بنيادن تي صاف ۽ چٽي معاشي انقلاب جي تصور کي عوامي سطح تائين آڻڻ جي لاءِ زرعي ۽ صنعتي ايڏا وڏا اصلاحات ۽ انقلاب آڻڻ جو پروگرام ڏينديون آهن جو سماج مان معاشي استحصال آخري حد تائين گھٽ ڪجي ۽ طبقاتي سماج کي برابري جي سماج ۾ تبديل ڪجي هو رڳو اها دعويٰ ناهن ڪنديون پر اهي جماعتون ان جي حاصلات جو طريقيڪار به ٻڌائينديون آهن ته اها حاصلات ڪيئن ۽
ڪهڙي طريقي سان ممڪن ٿي سگھي ٿي ساڄي ۽ کاٻي ڌر جي سياسي معاشي پروگرام عمل ۽ سياست کي پرکڻ کان پوءِ پاڻ قوم پرست سياست جو جڏهن تجزيو ڪنداسين ته قوم پرست سياست پنهنجي حقيقي فڪري جوهر ۾ گھڻي ڀاڱي کاٻي ڌر جي طرف مائل هوندي آهي ڇو ته هو اهو ٺيڪ طرح سان سمجهندا آهن ته جيستائين حقيقي معنيٰ ۾ قومي سماج مان ڦرمار ختم نه ٿيندي ان وقت تائين اهو ممڪن ئي ناهي ته قومي خوشحالي اچي سگھي.
گھڻو ڪري قوم پرست سياست بيٺڪيت جي دور کان پوءِ انهن رياستن جي اندر ورهايل صورت ۾ موجود آهي جتي رياستن جي جوڙجڪ گھڻ قومي بنيادن تي آهي گھڻ قومي رياستون گھڻي ڀاڱي تي قومي تضادن جو مظلوم ۽ حاڪم قوم جي ٽڪرائن جو شڪار هجن ٿيون پر اهي رياستون جيڪي گھڻ قومي بنيادن تي ناهن يعني هڪ قومي رياست آهي قوم پرست سياست اتي به پنهنجي داخلي ۽ خارجي يعني عالمي سامراج جي ڦرلٽ جي چنبي مان نڪرڻ جي لاءِ قوم پرستي جو نظريو، فڪر ۽ فلسفو سياسي بنيادن تي عوام ۾ پهچائڻ ۾ حڪمت عملي ڪئي ويندي آهي ته جيئن عوام پنهنجي حقيقي آزادي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياسي پختگي جو اظهار ڪري انهن رياستن جي اندر به سياست جو لاڙو ۽ نظريو گھڻي ڀاڱي کاٻي ڌر جي طرف هوندو آهي پر سامراج دشمن تحريڪ پنهنجي مزاج ۽ فطرت ۾ گھڻ ڀاڱي گھڻ طبقاتي هوندي آهي تنهن ڪري انهيءَ جو معاشي پروگرام سڌ سنئون سوشل بنيادن تي گھٽ ئي رهيو آهي توڙي جو سوشل نظريي جي ويجھي ۽ پختي هجڻ جا مثال اسان کي ڪافي ملن ٿا، جيئن ويٽنام جو مثال اسان جي اڳيان موجود آهي برصغير جي اندر قوم پرست ۽ کاٻي ڌر انگريز غلامي کان آزادي جي تحريڪ ۾ ته گڏ رهي پر اڳتي هلي گھڻي ڀاڱي انهن جو راهون هڪ ٻئي کان الڳ ٿيون. هندستان ۾ کاٻي ڌر گھڻي ڀاڱي ڪافي صوبن جي اندر مضبوط پوزيشن ۾ آهي، ليڪن هندستاني قوم پرستي جي تصور ۽ نظريي پنهنجي اندر ۾ هندوڌرم کي شامل ڪندي هن وقت جيڪا صورت اختيار ڪئي آهي اها ڪانگريس جي قوم پرست نظريي جي بلڪل ابتڙ آهي نه رڳو ان جي ابتڙ آهي پر هندستان جي آئين جي خلاف به آهي.
هن وقت هندستان ۾ ڪانگريس جي قوم پرست سياست ۽ کاٻي ڌر جي سياست جيڪڏهن منظم ۽ مضبوط طريقي سان اتحاد ڪري بي جي پي ازم جو مقابلو ڪيو ته هندستان مستقبل جي بدترين بحرانن کان بچي سگھي ٿو پر جيڪڏهن انهيءَ مذهبي فاشزم جو ترقي پسند ۽ عوام دوست سياست جي هٿيارن سان مقابلو نه ڪيو ويو ته پوءِ نتيجن کي سمجھڻ ڏکيو ناهي ۽ هي پوري اعتماد سان چئي سگھجي ٿو ته اهي ٻئي ڌارائون ٻئي گڏ ٿين ته بهتر کان بهتر ماحول پيدا ڪري سگھن ٿيون پر خاص ڪري قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ وڏو ٽڪراءُ اتان جي ننڍن مظلوم قومن جي حق خود اختياري جي تحريڪن جو آهي جن هندستان جي 70 سالا تاريخ ۾ هر وقت مرڪزي سياسي بالادستي جي خلاف ٽڪراءُ ڪيو آهي ۽ اها مرڪزي سياسي بالادستي انهن تحريڪن جي گھڻي ڀاڱي مخالف رهي آهي ترقي پسند جمهوريت جي بنيادي نقطي ۾ مظلوم قومن جي حق خود اختياري اهڙي طرح سان شامل آهي ۽ هجڻ به گھرجي جيئن فرد جي سياسي ۽ انفرادي آزادي جي حق جي اصول کي تسليم ڪيو ٿو وڃي، اهو تضاد جيڪو هندستان کي بد کان بدتر بحرانن ۾ داخل ٿو ڪري پاڪستان کي به اهو ئي تضاد هميشه ڪمزور ڪندو رهيو آهي پاڪستان جي اندر قوم پرست ۽ کاٻي ڌر هر وقت سڌي يا اڻ سڌي طرح سان وڇوٽين ۾ ورهايل نظر اچي ٿي هتي صورتحال مختلف انداز ۾ هي آهي ته هتي وفاقي سياست پاڻ کي ٽين ڌر جي طور تي پيش ٿي ڪري هتي قوم پرست سياست مظلوم قوم جي اندر موجود آهي جنهن ۾ خاص ڪري انهيءَ سياست جو سڄو تنقيد جو نشانو پنجاب کي بڻايو ٿو وڃي هاڻي انهيءَ ۾ يعني انهيءَ تنقيد ۾ اضافو ٿيندو ڪنهن حد تائين پٺاڻ کي به شامل ڪيو ويو آهي (ڇو ته افغان جنگ کان
پوءِ پٺاڻن جي مائيگريشن پيسو هٿيار ۽ سياسي جوڙجڪ ۾ تمام وڏي تبديلي آئي آهي) سنڌ ۽ بلوچستان جو قوم پرست سياست تمام گھڻن ٽڪرائن ۽ مونجهارن ۾ اهڙي طرح سان وڪوڙيل آهي جنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ نه رڳو ضروري آهي پر انهيءَ کان وڌيڪ چٽي ۽ صاف موقف اختيار ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ تي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي بلوچستان کان هٽي جيڪڏهن پاڻ سنڌ جي تجزيي کي اڳتي وڌائينداسين ته هتي قوم پرست ۽ کاٻي ڌر گھڻن اختلافن جي باجود هڪ ٻئي جو ويجھو رهنديون آيون آهن اهي ٻئي ڌريون پنهنجي انهن ڪمزورين کان وڌيڪ ڪمزور ان پهلو کان آهن ته اهي عوام ۾ هڪ وڏي سياست يا سگهھ کان تمام گھڻو ڪمزور آهن، سنڌ جو سماجي شعور تمام گھڻو حب الوطني ۽ قوم پرستي سان سلهاڙيل آهي پر اهو شعور سياسي پارٽين جي اندر پنهنجي وابستگي تمام ٿوري تعداد ۾ رکي ٿو، اهڙي طرح کاٻي ڌر جو نظريو به گھڻي پيماني تي سماجي شعور جي ويجھو آهي پر انهيءَ جو سياسي الميو به اهوئي آهي جيڪو قوم پرست سياست جي اندر نظر ٿو اچي.
پاڻ تاريخي جائزي کان پوءِ جيڪڏهن موجوده حالتن تي نظر ڊوڙائي ڏسنداسين ته اسان کي سياسي نظريي ۽ تربيت ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزوري اها ئي نظر ٿي اچي ته قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ ڌرين عوام سان پنهنجو سياسي لاڳاپو پوري طرح سان ناهي جوڙيو ڇو ته سياسي نظريو عوام تائين پهچائڻ جو مقصد صرف ناهي هوندو ته عوام جا انهيءَ جا ڪجھه پرت نظريي کي سمجھن پر نظريي جو جڙاءُ عوام ۾ پارٽين جي سياسي تحرڪن سان هوندو آهي سياسي تحريڪون جيترو مضبوطي سان عوامي مسئلن کي کڻي انهيءَ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪنديون ۽ سماج ۾ پنهنجي سياسي حڪمتِ عملين جي بنيادن تي تحرڪ آڻينديون رهنديون، عوام جي وسيع تر اڪثريت مرحلي وائز انهن سان جڙندي ويندي سنڌ جو هي وڏو الميو يا هڪ دردناڪ منظر آهي ته سنڌ جو عوامي شعور ڪافي حد تائين اڳتي وڌڻ جي باوجود عوامي سياسي وابستگي کان ڪٽيل ۽ ويڳاڻو آهي اهو قصور ڪهڙي ڌر جي مٿان ٿو اچي عوام يا عوام دوست سياسي پارٽين جي مٿان اسان کي تاريخ جو شعور علم ۽ تجزبا آساني سان ٻڌائن ٿا ته قومي ۽ عوامي سياست ڪرڻ ۾ ڪمزوري جي تنقيد سياسي پارٽين جي حصي ۾ ٿي اچي سياسي پارٽيون جيستائين تحريڪن ۽ عوامي مسئلن تي اڳواڻي جو ڪردار ادا نه ڪنديون تيستائين عوام انهن سان ناهي جڙندو اهڙي ماحول ۽ تاريخي بحراني دور ۾ عوام جي نفسيات گھڻي ڀاڱي ٻن حصن ۾ ورهايل هوندي آهي عوام جو مٿيون ۽ باشعور حصو وڌ کان وڌ مايوسين جو شڪار هوندو آهي ۽ عوام جو هيٺيون حصو گھڻي ڀاڱي اقتدار پرست طاقت جي وهڪرن ۾ وهندي نظر ايندو هن وقت سنڌ جي قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جي سياست کي عوام سان پنهنجي سياسي تعلق کي جوڙڻ جي لاءِ گھرائي سان پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻو پوندو ۽ حقيقت پسند ٿي اهو ڏسڻو پوندو ته قوم پرست ۽ کاٻي ڌر عوام جي آئيني ۾ ڪيترو ۽ ڪيئن ۽ ڪهڙي صورت ۾ ۽ ڪهڙي انداز ۾ نظر ٿي اچي؟