ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

“نيوٽرلز” هاڻ نيوٽرل نه رهيا آهن!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ کي مڙني ميڙ منٿ قافلن جي باوجود طاقتور ڌريون پنهنجي جاءِ تان به نه چري رهيون آهن، “نيوٽرلز” کي طعنن هڻڻ ۽ ايستائين جو سوشل ميڊيا تي انتهائي خطرناڪ مهم هلائڻ جي باوجود واڳ ڌڻي، ان سوچ ويچار ۾ آهن ته عمران خان جي خلاف ڪارروائي ڪجي يا مَنڊي کي کيڙيءَ ۾ ڇڏجي ۽ ڏسجي ته هو ڪيستائين ڊوڙي ٿو. ها ايترو ضرور ٿيو آهي ته نيوٽرلز پهريان ايڊووڪيٽ ايمان مزاري تي طبع آزمائي ڪندي ڪيس داخل ڪرايو پر سول سوسائٽي جي دٻاءَ سبب اهو کين واپس وٺڻو پيو، هاڻ هي سسپس ٿي رهي هئي ته اهم اداري جي قانوني برانچ سوچي رهي آهي ته عمران خان کي ڪيئن سيکت ڏجي! جيڪڏهن انهن سنجيدگي سان قدم کڻڻ شروع ڪيا ته خبر ناهي، عمران خان جي آسپاس ته ڪو نظر نه ايندو، پر هو پاڻ به ڊگهي عرصي تائين ڦٽ چٽيندو رهندو. ڪي وري چون ٿا ته هي اصل ۾ ڊوميسائل جو اشو آهي، جيڪڏهن انهن جو ڊوميسائل سنڌ، بلوچستان، ڪي پي يا وري اڳوڻن قبائلي علائقن جو هجي ها ته کلاڙين کي ڏينهن جا تارا نظر اچي وڃن ها! هاڻ عمران خان هڪ طرف واڳ ڌڻين کي منٿون ڪري ٿو ته ٻئي پاسي وري “نيوٽرلز” جا نمبر به بلاڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو رهي ٿو، پر سڀ سمجهن ٿا ته عمران خان جيڪو ڪجهه چاهي ٿو، اهو ٿيڻ وارو ناهي. ان جو مک سبب عمران خان جي اُٻهرائي ۽ جلد بازي آهي. هو صبر جو ميوو کائڻ وارن مان ناهي ۽ هن حقيقت ۾ سمجهڻ شروع ڪيو هو ته کيس حڪومت عوامي حمايت جي نتيجي ۾ ملي هئي، جيڪا ڳالهه درست نه هئي. جنهن وقت عمران خان کي پنهنجن ۽ پراون ٻڌايو ته هن جي حڪمراني جا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن ته ان جي باوجود انڌ جي گهوڙي تي سوار هو ۽ يقين نٿي آيو ته هن سان اهڙي تعدي ٿيندي. هن کي شايد پهريون ڀيرو ڪنهن ڌڪو ڏنو هو، پر اهي جيڪي هينئر به حڪمران آهن، اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسٽيبلشمنٽ سان وڙهي به رهيا آهن ته گڏجي ڪم به ڪندا رهيا آهن. هِن ڀيري واڳ ڌڻين موجوده اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين کي هڪ ڏهاڪي تائين ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جي رٿابندي ڪئي هئي، پر هنن غلط کيڏاري جي چونڊ ڪئي، هو جيڪڏهن چوڌري ڀائرن کي به اڳيان آڻين ها ته اهي عمران خان کان بهتر پرفام ڪن ها، ڪي حلقا ته چون ٿا ته جيڪڏهن هو جلد اک نه پٽين ها ته پاڪستان ٻيو سريلنڪا ٿي چڪو هجي ها. هينئر به خطرا ته موجود آهن، پر موجوده اتحادي حڪومت کي يقين آهي ته اها پار پئجي ويندي. ان جا ڪجهه آثار به نظر اچي رهيا آهن.
هينئر اتحادي حڪومت پلصراط ته پار ڪري ورتي آهي، پر انتهائي ڏکي صورتحال هينئر به موجود آهي. هينئر تائين مهانگائي جا سمورا ريڪارڊ ٽٽي چڪا آهن، جڏهن عام ماڻهو ڏينهون ڏينهن مشڪلاتن ۾ وٺجي رهيو آهي، ان کي به ڇوٽڪاري جو ٻيو ڪو رستو نظر نه اچي رهيو آهي. موجوده حڪمران عالمي مالياتي فنڊ جي قرض جي آسري تي ته آهن، ممڪن آهي ته کين ملي به وڃي، پر ان اداري يونان ۽ مصر سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان جيڪا حالت ڪئي هئي، اهي تجربا ٻڌائين ٿا ته پاڪستان سان به جيڪڏهن ساڳيو رويو برقرار رکيو ويو ته مهانگائي ته عام ماڻهوءَ جي ابتي کل لاهيندي، پر سموريون عام واهپي جي شين کان وٺي، زندگي جو وهنوار انتهائي مشڪل ٿي ويندو. حڪومت کي معاشي ڏکيائن کي هڪ طرف منهن ڏيڻو پيو آهي ته ٻئي پاسي وري حڪمراني جو به مسئلو آهي. ملڪ جا سمورا ادارا نان فنڪشنل ٿي ويا آهن، ائين لڳي ٿو ته اهي اپاهج بڻيل آهن.
هينئر حڪومت سرڪاري طور اعلان ڪري چڪي آهي ته انهن جون آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، ان سان گڏ چين کان به ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملڪي خزاني ۾ اچڻ وارا آهن، پر معاشي بحران ان کان وڌيڪ آهي. جيڪڏهن معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي ته ان جي قيمت عام ماڻهوءَ کي ادا ڪرڻي پوندي، پر واڳ ڌڻي ئي وڌيڪ گهاٽي ۾ هوندا. جيڪڏهن پيشه ور فورسز بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿيا ته گهرو ويڙهه کي ڪوبه روڪي نه سگهندو. هي ڪا معمولي ڳالهه نه هوندي، ان سان ملڪ جون سرحدون به تبديل ٿي سگهن ٿيون. ان جا ماضي ۾ مثال موجود آهن، ايستائين جو ماضي جا سپر پاور به زيرو تائين پهتا، انهن کي پنهنجي طاقت ٻيهر جمع ڪري پيرن تي بيهڻ ۾ ڊگهو عرصو لڳي ويو. انهن ملڪن کي اهڙي صورتحال جي ڳري قيمت به ادا ڪرڻي پئي. انهن جي مقابلي ۾ پاڪستان ڪجهه به ناهي. ان حوالي سان ترڪي جو به مثال موجود آهي، جيڪو ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ٻيهر پر سوئي رهيو آهي.
ڪجهه عرصي کان هي تاثر ڏنو ويو ته عمران خان کي انڪري گهر ڀيڙو ڪرڻو پيو ته هو اهم اداري جي ڊسپلن کي خراب ڪري رهيو هو، هن ان اداري تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. هي ڳالهه ڪيتري خطرناڪ ٿي سگهي پئي، اهو سمجهڻ ۽ نتيجي تي پهچڻ ڪا راڪيٽ سائنس ناهي. جيڪڏهن عمران خان پاڻ اعتراف ڪري ته هن هڪ اهڙي شخص کي طاقتور اداري جو سربراهه بنائڻ گهريو پئي، جيڪو موجوده اتحادي حڪومت ۾ شامل ڌرين جي ستياهه ناس ڪري ڇڏي ها، هو مستقبل ۾ پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙا نه رهن ها. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته هن جي پلاننگ خطرناڪ ضرور هئي، پر عمل جوڳي نه هئي. بقول باخبر حلقن جي جيڪي هينئر حڪمران آهن، انهن کي نااهل ڪرڻ جي رٿابندي مڪمل ٿي وئي هئي، ان حوالي سان ڪيترائي سوال به پيدا ٿيا ٿي، اهي ڪنهن اهم اداري جي دٻاءَ تحت نااهل ٿين ها يا عدالتن تي دٻاءَ وڌو وڃي ها. هي منظر به ڏٺا ويا ته ڪيئن نه فيض آباد ڌرڻي کانپوءِ انهن ساڳين قوتن عدليا کان من پسند فيصلا ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وڌو، انهن ڏينهن ۾ واٽس ايپ تي ججز جون مقرريون ۽ بدليون به ٿيون. اهي جج جيڪي عدالت ۾ ڪيس ٻڌي رهيا هوندا هئا، انهن کي يقين نه هوندو هو ته هو جيڪو فيصلو ڏيڻ وارا هوندا هئا، ان جي نتيجي ۾ هو پنهنجي فيصلي تي رهي سگهندا يا نه؟ هي خبرون به آيون ته واٽس ايپ ذريعي اڻ وڻندڙ حڪمرانن کي گهر ڀيڙي ڪرڻ جا پيغام به موڪليا ويا. ان سان گڏ، انهن کي جن ججز مان خطرو هو، انهن کي اداري کان ٻاهر ڪرڻ ۽ يا پاسيرو ڪرڻ لاءِ هٿڪنڊا استعمال ڪيا ويا، هينئر به ڪجهه جج رڳو نالي ۾ آهن، پر کين غير فعال ڪيو ويو آهي، ممڪن آهي ته ڪجهه عرصو وڌيڪ اهي جج غير فعال رهن. هي واڳ ڌڻين جو وڇايل ڄار آهي، جنهن ۾ سڀ ڦاسي سگهيا پئي. هي اهڙو ڄار آهي، جهڙو عام طور تي ننڍي مڇي جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي!
هينئر اتحادي حڪومت پاڻ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ واڳ ڌڻين سان لاڳاپا ته بهتر بڻايا آهن، پر ان ڳالهه تي اتفاق ٿي ويو ته اهم اداري اندر ڪنهن تبديلي بدران اتي اسٽيٽس ڪو برقرار رکيو وڃي. ان سان عمران خان جو سمورو پلان چوپٽ ٿي ويندو، اهو جيڪو عمران خان جي گوڊ بوڪ ۾ هو، اهو ان عرصي دوران رٽائر به ٿي ويندو. ان سان گڏ ڪجهه ٻيا به اهڙا ئي عملدار رٽائر ٿيندا، جيڪي مشڪل صورتحال پيدا ڪري سگهن ٿا. هو خاص ڪري حڪومتي تبديلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن.
هينئر هڪ اهم شخصيت جي پرڏيهه ۾ هڪ هفتي کان وڌيڪ عرصي تائين خاص مشن تي وڃڻ جو چوٻول آهي، هي اهم مشن ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ان بابت ڪجهه ٻڌايو ته نه پيو وڃي، پر هي اشارا ملڻ شروع ٿيا آهن ته اهي عالمي قوتون جيڪي ناراض هيون، انهن کي پرچايو ويو آهي، انهن کي خاطريون ڪرايون ويون آهن ته آئينده هو اهڙو ڪم نه ڪندا، جنهن سان موجوده صورتحال پيدا ٿئي ۽ ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي يا اهڙو خطرو پيدا ٿئي. هي به خبرون آهن ته نيوٽرلز هڪ ڀيرو ٻيهر نيوٽرلز نه رهيا آهن ۽ انهن پنهنجون Good offices موجوده اتحادي حڪومت جي بهتري لاءِ آڇيون آهن، ان جي نتيجي ۾ بهتري جي اميد ڪئي پئي وڃي. هينئر وزير اعظم شهباز شريف تي ايترو دٻاءَ آهي ته هڪ طرف اميرن تي سپر ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي ۽ ٻئي پاسي وري پيٽروليم جي شين جا جيترا اگهه وڌيا، انهن کي عالمي مارڪيٽ سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ اتفاق ٿي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ ان ڏينهن کان بهتري اچڻ شروع ٿي آهي، جنهن ڏينهن آمريڪي صدر ٽيڪس ختم ڪرڻ کانپوءِ مارڪيٽن پازيٽو ريسپانس ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان سان گڏ هي خبرون به آيون آهن ته معيشت کي بهتر ڪرڻ مفتاح اسماعيل جي وس جي ڳالهه ناهي، انڪري اسحاق ڊار کي واپس آندو پيو وڃي، هينئر اهي اهم شخصيتون جن کي غير حاضري ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو هو، انهن ڏيهه ورڻ شروع ڪيو آهي، بابر غوري به ڏيهه ورتو آهي، ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي جلد واپس پهچي ويندا. ان موقعي مان اسحاق ڊار به فائدو وٺندو، ان سان گڏ معيشت کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ رهيل ڪسر ناڻي جو اڳوڻو وفاقي وزير پوري ڪندو. انڪري چئي سگهجي ٿو ته موجوده حڪمرانن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي ۽ اهي جلد پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙا ٿي ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button