ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ليننزم ۽ ادب-II

Editorial-Article- Yameen Jatoi

پر لينن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٽالسٽاءِ جي اهميت جو، سندس لکڻين ۾ تضادن جو، ۽ سندس فڪر جي مضبوط ۽ ڪمزور پاسن جو اندازو “رڳو انهي طبقي جي نقطه نظر سان لڳائي سگهجي ٿو جنهن انقلاب جي وقت پنهنجي سياسي چارٽ ۽ پنهنجي جدوجهد سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ان کي عوام جي آزاديءَ جي ۽ استحصال کان عام ماڻهن جي ڇوٽڪاري جي جدوجهد ۾ ليڊر ٿيڻو آهي-يعني اهو طبقو جنهن جمهوريت جي مقصد سان پنهنجي بي لوث وفاداري ۽ بورجوا (گڏوگڏ هاري) جمهوريت جي حدبندين ۽ بي مستقل مزاجيءَ خلاف وڙهي سگهڻ جي اهليت ثابت ڪري ڇڏي آهي، ان نموني جي پرک رڳو سوشل ڊيموڪريٽڪ مزدور طبقي جي نقطه نظر سان ممڪن آهي. (لکڻيون، جلد 16)
سمورن تهذيبي لقائن کي گڏوگڏ فن ۽ ادب جي تخليقن کي هڪ انقلابي طبقاتي موقف سان پرکڻ جي ضرورت تهذيبي ورثي بابت ۽ ڳوڙهين معنائن ۾ نظرئي بابت لينن جي رويي ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿي.
وجود جي اهم پاسن جو ادراڪ حقيقت نگاريءَ جو بنياد آهي. لينن لکيو آهي ته ٽالسٽاءِ ٻهراڙيءَ واري روس جو، جاگيردارن ۽ هارين جي زندگيءَ جي ڍنگ جي غيرمعمولي ڄاڻ رکندو هو. حقيقت جي ڳوڙهي ادراڪ کان سواءِ حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل تخليق پيش ڪرڻ ناممڪن آهي. ان سلسلي ۾ لينن جو اهو جملو وڏي اهميت رکي جو جيڪو هن 1909ع ۾ گورڪيءَ کي هڪ خط ۾ لکيو هو. (ان زماني ۾ گورڪي تي ڪجهه ماڻهن جا اثر هئا، جيڪي اها تبليغ ڪندا هئا ته مارڪسزم ۽ مذهب کي گڏايو وڃي- اهي پنهنجي عالمي نقطه نظر جي سلسلي ۾ سخت بحران ۾ مبتلا هئا. گورڪي انهن تضادن ۾ مفاهمت ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ جيڪي لينن ۽ لوناچارسڪي، بوگدانوف ۽ ڪاپري اسڪول جي ٻين پوئلڳن وچ ۾ هئا) لکيو ته:ِ “مان عوام کي سمجهان ٿو پر ان جون سرگرميون سمجهڻ کان قاصر آهيان.” لينن گورڪيءَ کي انهي چٽائيءَ سان جواب ڏنو جيڪا ٻين ماڻهن ۽ گورڪي سان سندس لاڳاپن جي خاصيت هئي. “عوام جي سرگرمين کي سمجهڻ کان سواءِ عوام کي نٿو سمجهي سگهجي. شرط اهو آهي ته رڳو مٿاڇري ڄاڻ مراد نه هجي.” بظاهر اها ڳالهه هوائي معلوم ٿئي ٿي پر دراصل گهري فڪر جي عڪاسي ڪري ٿي. لينن واضح طور انسان بابت هڪ جامع ۽ سالم رويي جو، ان کي ان جي سرگرمي جي پيرائي ۾ سمجهڻ ۽ عڪاسي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو هو. ان ڪري جو اها سرگرمي رڳو سماجي زندگيءَ ۾ ترقي ڪري سگهي ٿي ۽ ان مان ئي ان دور جي سماجي جدوجهد ۾ ان هنڌ جي حيثيت کي طئي ڪري سگهجي ٿو.
فني سرگرمي بنيادي طور انسان جي هڪ نموني جي حسياتي ۽ ذهني سرگرمي هوندي آهي. جنهن ۾ تخليق جي عنصرن سان گڏ دنيا جو ادراڪ ڪرڻ جي خاص صورت جي حيثيت سان تخليق ٿيل جي پورڻتا شامل هوندي آهي. فني سرگرمي تاريخ جي سڀ کان وڏي جامع هوندي آهي جنهن ۾ تاريخ جي پيچيده طوفاني سفر سان گڏوگڏ اهڙي وضاحت به ٿيندي آهي جيڪا انسان جي ذهني سرگرمي جي ٻين قسمن ذريعي حاصل نٿي ٿي سگهي. لينن جي انعڪاس جي نظرئي Theory of Reflection کي سمجهڻ کان سواءِ فن جي نوعيت ۽ ان جي خاصيتن کي نٿو سمجهي سگهجي.
سهيوڳي بورجوا آرٽ انساني شخصيت جي شڪست ۽ ان جي اندروني اتحاد کي برباد ڪرڻ واري رجحان جي تمام سٺي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت “ٽيڪنيڪ پرستن” انهن جي پوئلڳن جي تخليقن ۾ انسان کي هڪ اهڙي مشين جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن کي غيرانساني بڻايو ويو هجي، هڪ قسم جو ٽيڪنالوجيڪل دنيا جو هڪ مشيني پرزو ٿي وڃي ٿو جيڪو انسانن کي غلام بڻائي ٿو ۽ انهن ۾ ويڳاڻپ ۽ بيوسي جا جذبا پيدا ڪري ٿو. جيڪڏهن “انتشار” جي فن جي سرچشمي تي نظر وجهجي ته اها سڌ پئي ٿي ته ڪيوبزم، جنهن دنيا ۽ انسان کي “عنصرن” ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ پوءِ انهن عنصرن کي هٿرادو نموني ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، اهو سوچڻ کانسواءِ ته ڪلهوڪن ڌار ڌار ڪيل جزن ۽ زندگي ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي ۽ ان کان پوءِ ايندڙ مختلف فني لاڙن ڊاڊازم، سريئلزم ۽ سپرميٽزم وغيره ان جا سنگ ميل آهن. انهن فني لاڙن جي پوئلڳي ڪندڙن جمالياتي حقيقت کي، يعني ان شئي کي جنهن کي هو دنيا جو جمالياتي ادراڪ چون ٿا ۽ تخليق ڪندڙ فاعل جي شعور ۾ ان جي فني عڪاسي ڪري ٿي، پنهنجي داخلي جذباتي تجربي جي دائري ۾ رکي جمالياتي حقيقت کي انتهائي داخلي علامتن ۽ عڪس بندي ذريعي پيش ڪيو، جيڪي رنگدار داغن، ليڪن ۽ جاميٽري جي شڪلين سان ٺهيل هونديون آهن. انهن ماڻهن ان شئي، جنهن کي هو محاڪات چون ٿا، معروضي حقيقت ۽ حقيقي دنيا کان صفا ڌار ڪري ڇڏيو.
ادب ۾ فرد کي “شخصيت کان عاري ڪرڻ” جو ڪم انتهائي واضح نموني ڪافڪا پورو ڪري ڇڏيو. جنهن انسان جي جذبن جي دولت کي پنهنجي ذات جي بقاءَ جي جبلت تائين پهچائي ڇڏيو. جيڪو انسان واپار ۾ ڊپ کي حاوي محرڪ سمجهندو هو. اڄڪلهه بيڪيٽ جون لکڻيون ان لاڙي جو چٽو مثال آهن. سندس ڪردارن لاءِ دنيا ۽ حقيقت خيال جو ڄار آهي، انهن تي پنهنجا داخلي جذبا ئي اهڙي نموني مڙهجن ٿا جو آفاقي قدر جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. انهن جذبن جو سرچشمو دنيا جي مافوق الطبيعياتي غيرمعقوليت ۾ لڪل آهي جيڪو انسان کي ڪلي طور حقيقت کي سمجهڻ کان ۽ معروضي مقصدن جي ڪليت کي سمجهڻ کان پري رکي ٿو، ان کي بي قدر بڻائي ٿو ۽ ان کي ان جي انفراديت کان محروم ڪري ڇڏي ٿو.
اهو ذڪر اجايو نه ٿيندو ٿو ان قسم جو فن اڄلڪهه ڏاڍو مشهور آهي. هر وقت اڪيلائي ۽ ويڳاڻپ جو راڳ آلاپڻ مان ايئن لڳي ٿو ڄڻ ان قسم جو فن هڪ رنگو هجي.
جديد بورجوا شعور جي اصل روح مطابق ان قسم جو فن تاريخ جي وڌندڙ سماجي ٽڪرائن کي هڪ عقل کان مٿانهين شئي بڻائي ڇڏي ٿو ۽ انهن معروضي عملن کي ڌنڌلو ڪري ڇڏي ٿو جيڪي بورجوا سماج ۾ ڪارفرما آهن. اهو فن هڪ خاص تاريخي دور جو نتيجو آهي، پر اهو انهن امڪانن کي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو جيڪي هن دور ۾ لڪل آهن، ان تي سخت قنوطيت ڇانيل آهي، ان ڪري جو ان جا مبلغ انسان کي هڪ تمام ننڍڙو ذرڙو سمجهن ٿا جيڪو پنهنجي مخالفت ڪندڙ وڏين بيرحم قوتن جي انبوهه ۾ وڃائجي ويو آهي.
ان قسم جي فن جا پوئلڳ جيڪي دليل حقيقت نگاريءَ خلاف پيش ڪن ٿا اهي گهٽ حقيقت ثابت ٿيون آهن، “انتشار” جي فن جا نظريي ساز ۽ مبلغ اها دعويٰ ڪن ٿا ته حقيقت نگاري زندگيءَ جي هڪ خيالي عڪاسي ڪرڻ چاهي ٿي، ان جي خارجيت پسنداڻي ترجماني جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ زندگيءَ جو نقل هئڻ کان سوا ٻيو ڪجهه به نٿي رهي.
حقيقت نگار فنڪارن جا تاريخي تجربا انهن غلط بيانن جي ترديد ڪن ٿا. ۽ اها شئي به وڏي اهميت رکي ٿي ته حقيقت ۽ فن پاري جي رشتي جي سوال کي لينن ڪهڙي نموني سلجهايو.
فيورباخ پنهنجي لکڻي “مذهب جو جوهر” ۾ جيڪو ڪجهه به لکيو آهي ان کي لينن نقل ڪيو آهي ۽ ان جي پٺڀرائي ڪئي آهي ته “فن لاءِ اهو ضروري ناهي ته ان جي تخليق کي حقيقت ۾ به سڃاتو وڃي. فن عام طور ۽ حقيقت نگاري خاص طور جمالياتي حقيقت جي تخليق ڪري ٿي جنهن ۾ اها معروضي حقيقت جي عڪاسي ٿئي ٿي. اهڙي نموني اها تجربي ۽ مشاهدي جي حقيقت جي ڪجهه پاسن ۽ خاصيتن تي زور ڏيئي ٿي ته جيئن معنويت پيدا ٿئي ۽ زندگيءَ جو جوهر، انساني رشتا، ڪردار ۽ انساني ورتاءُ جي نفسيات ۽ محرڪ وڌيڪ گهرائي سان واضح ٿين. فن جنرلائيزيشن لاءِ، پنهنجي دور جي تاريخي سچائي جي وضاحت ڪرڻ لاءِ ۽ انهن هاڪاري ۽ ناڪاري قوتن ۽ لاڙن کي پرکڻ لاءِ جيڪي ٺهندڙ تاريخ ۾ فعال هوندا آهن، اظهار ۽ معنويت جا سڀ طريقا اختيار ڪري ٿو. پر ان جي اظهار جا ذريعا ان وقت ئي برقرار رهي سگهن ٿا جڏهن اهي مواد کان عاري نه هجن. جڏهن ڪنهن فن پاري جي حيثيت بنيادن تي بيٺل هجي ۽ رڳو اظهاري عنصرن جو منگهڙت مجموعو نٿي وئي هجي، جيڪا معنيٰ کان عاري به هجي ۽ معنيٰ واري ٿي سگهڻ جي سگهه به نه رکندي هجي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button