چائنا مان مليل ٽيويھه ارب ڊالر قرض (جنهن لاءِ وزيراعظم شھباز شريف چيو ته اھو قرض نه پر گرانٽ آهي؟) سرڪاري خزاني ۾ پھچي وڃڻ کانپوءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جمعي ڏينهن اعلان ڪيو ته ھاڻي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ساڍا سورھن ارب ٿي ويا آهن. ھن اعلان کي اخبارن ۾ پڙهڻ شرط منھنجو مٿو چڪرائجي ويو. مون سوچيو ته جيڪڏهن پاڪستان جي فارين ڪرنسي اڪائونٽ ۾ ھڪ سئو ڊالر به بچيل ھجن ھا ته اسٽيٽ بينڪ کي ھيئن چوڻ گهرجي ھا ته ھاڻي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 23 ارب 100 ڊالر ٿي ويا آهن. جيڪڏهن ان اڪائونٽ ۾ ھڪڙو به ڊالر نه ھو ته به ھي ٽيويھه ارب ڊالر ته ھجن ھا! آخر ست ارب ڊالر ڪيئن گھٽجي ويا؟ يا ته چائنا وارن پنھنجي اڳوڻي قرض تي جمع ٿيل وياج ڪاٽي باقي رقم ڏني آهي يا ٻيو ڪو مسئلو آهي ته ان بابت ھن ملڪ جي مسڪين ماڻهن کي ته سچ ٻڌائڻ کپين ڇو ته ھنن پيٽ بکايل غريب پورهيت ۽ ھارين جا ئي ٻچڙا نسل در نسل پنهنجو پيٽ ڪاٽي اھو قرض ۽ وياج ڀريندا. ماڻهن کي گھٽ ۾ گھٽ اھو احساس ٿئي ته ھو آئيندي ٿورا ٻار ڄڻين!
منهنجي خيال ۾ وزيراعظم شهباز شريف چين طرفان مليل قرض يا گرانٽ کي پنهنجي وڏي سوڀ سمجهي ٿو. سندس بيان کي تفصيل سان پڙھو ته اھو محسوس ٿئي ٿو ته ھو ڪوڙ پيو ڳالهائي. گذريل ڀيري تيل ۽ گيس جا اگھه وڌائڻ کانپوءِ بيان ڏنائين ته کيس “غريب عوام جي تڪليف جو ڏاڍو ڏک آهي. جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئون پنھنجا ڪپڙا وڪڻي عوام جي واھر ڪندس.” ھاڻي سوچيو ته ھي شخص جيڪڏهن سمورا ڪپڙا لٽا به کپائي ته سيڪنڊ ھينڊ بڻجي ويل ھنن وڳن جي وڪري مان ڪنهن ھڪڙي بکئي ماڻهو جي عيال جو ڇا ھڪ مھيني لاءِ گھر جو خرچ ھلندو؟ شھباز شريف جيڪڏهن سچو ھجي ھا ته چوي ھا غريبن جا ڏک سور ختم ڪرڻ لاءِ آئون پنھنجون اسٽيل ملز ۽ شگرملون به وڪڻي سندن واھر ڪندس. سندس اھا قرباني ممڪن آهي ته ڪجهھ ٻين حرامخور سرمائيدارن لاءِ مثال بڻجي ھا ۽ شايد ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سندس تقليد ڪري وجهي ها.
اصل حقيقت ھي آهي ته سڌريل دنيا جا سياسي اڳواڻ پنهنجي شاگردي واري زماني کان ئي تاريخ، شاعري، ادب ۽ وڏن وڏن مفڪرن جون آتم ڪٿائون پڙھي انھن مان علم ۽ عمل جو درس پرائيندا آهن جنهن جو نتيجو اسان کي جرمني، ڊينمارڪ، سنگاپور، فنلينڊ، برطانيا، اٽلي، ڪيوبا، وينزويلا، ھندوستان جي گادي واري شهر دھلي ۽ ڪن آفريڪي سياسي اڳواڻن جي عوام دوست عمل ۾ ڏسندا آهيون ته دل باغ بهار ٿي ويندي آهي. ھنن ملڪن ۾ عام ماڻهن تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار وجھڻ بدران کين مفت ۾ تعليم، علاج ۽ بجلي به ڏيندا آهن. شريف خاندان جو ته اصل ۾ لوھارڪو ڌنڌو ھو. ستر واري ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان دشمني ۽ ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق سان سندن پيءُ ميان محمد شريف جي سنگت ڪارڻ مٿن سرڪاري نوازشون ڪيون ويون. جنرل ضياءَ پاران مليل اعليٰ عھدن ذريعي سندن ڀاڳ ڀيڙو ۽ دال مان سيرو ٿي ويو. غير قانوني ۽ ناجائز فائدن، قيمتي پلاٽن ۽ پرمٽن جي وسڪاري ۾ ھي مڊل ڪلاس جو ڪٽنب جنرل ضياءَ جي حياتيءَ ۾ ئي وڏن وڏن ڪارخانن ۽ محلاتن جو ارب پتي مالڪ بڻجي ويو هو. شھباز شريف جو اڄوڪو بيان ھي به آهي ته ھاڻي غريب عوام بدران اسان ڪارخانيدارن ۽ دولتمند طبقي تي ٽيڪس لاڳو ڪنداسون. سوچيو ته جنهن حڪمران فيملي سڄي ڄمار ٽيڪس چوري ڪري ۽ بينڪن جا اربين رپيا کائي پاڻ کي سرمائيدارن جي لسٽ ۾ ٽاپ تي آندو، پنهنجي مرضيءَ جا جج ۽ سرڪاري عملدار مقرر ڪري قومي خزاني کي ڀينگيو ڪري ڇڏيو، غريب پورهيتن لاءِ انھن ظالمن جي دلين ۾ رحم ڪيئن پيدا ٿيندو. ھي ڀلا گوتم ٻڌ وانگر پنهنجا محل ماڙيون ۽ ڌن دولت جا انبار قربان ڪري سگهندا ڇا؟
ھرگز نه. سندن ھي ڳالهيون ايئن ئي آهن جيئن “ٺلھو چڙو وڄي گھڻو” واري چوڻي آهي. عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو سڏڻ وارا ھاڻي پاڻ جنهن لاڏ ڪوڏ سان پلجن پيا ان کي به دنيا ڏسي پيئي.
مون ڪجھه سال اڳ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو آئي ڪيو ليول سوشل ميڊيا تي پڙھيو ھو جنھن جو مطلب ھو ته ھي شخص ڪو غير معمولي ذهن رکندڙ آئن اسٽائن يا نيوٽن نه پر پنجاب جي عام خلق وانگر ننڍي ذھن وارو آھي. سندس ڪپڙن جي رنگ، پتلون جا پائنچا مٿي ڪري گپ ۾ لھڻ ۽ انگريزن وارو ٽوپلو پائي ھلڻ منجهان ئي شھباز شريف جي پرک ٿيو وڃي ته ھو ڏاھپ کان وانجهيل ھڪڙو شوباز آهي.
شھباز شريف ڪيتري به ھام ھڻندو رهي ھنن جو رڪارڊ نيب، ائنٽي ڪرپشن، انٽيليجنس ادارن ۽ ڪورٽن ۾ پيو آهي. خود شھباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ تي دنيا کلي رهي ھئي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ حڪومت جو سربراهه ڪرپشن جي الزامن ھيٺ ضمانت تي آزاد ھجڻ ڪري عدالتن ۾ پيشي پيو ڀوڳي پر حيرت ۾ وجهندڙ سچ ھي آهي ته هن جنھن پٽ کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو آهي سو به ڪورٽن ۾ بڇڙو ٿي رهيو آهي! ڇنڇر تي شه سرخيءَ سان ڇپيل وزيراعظم شھباز شريف جي بيان ۾ هو ماڻهن کي سمجھائي ٿو ته، “اوهان چين وارن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهو. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ٽيڪا ٽپڻي پڙھي چيني ليڊر سوچن پيا ته پاڪستان جي ماڻهن کي اسان جي گرانٽ ڇو نه ٿي وڻي؟ ھو ھتي قبضو ڪرڻ لاءِ نه پيا اچن بلڪ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرن ٿا. پنهنجي سرمائي جي سيڙپ وسيلي چائنا وارا اسان کي سکيو ستابو ڪرڻ چاھين ٿا.”
شھباز شريف جو ڏوھه ناهي ڇو ته ھو ملڪ کي خوشحال ڪرڻ خاطر ڏينهن رات ڪم ۾ رڌل آهي. کيس اھا به ڄاڻ نه آهي ته سري لنڪا چين کان قرض وٺي پنهنجين بندرگاهن، سرڪاري عمارتن ۽ شاھراھن کان محروم ٿي ويو آهي. ھن وقت ايمرجنسي لاڳو ڪري فوج کي ڪولمبو، ڪينڊي، بترامولا ۽ تامل شھرن ۾ پھري تي بيھاري، عوام کي پنڌرھن ڏينهن لاءِ گھرن اندر قابو ڪري ڇڏيو اٿن. ھي ٻه ھفتا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون، دوڪان، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ بند رھندي. لکين انسان بيشڪ گھرن ۾ گھٽجي بکن ۾ پاهه ٿي مري وڃن. چوندا آهن ته قرض وڏو مرض آهي. سو سري لنڪا جھڙو سرسبز ۽ سڪار وارو ملڪ جتي ست مهينا وڏڦڙو وسڪار ڪندو آهي، ۽ جيڪو مان ٻه دفعا گھمي ڏٺو آهي سترھن ڏينهن، سو به جڏهن قرض جي مرض ۾ وچڙي ڏڪار جي ور چڙهي سگهي ٿو ته پاڪستان ته اڳ ۾ ئي پاڻي ۽ اناج لاءِ ڏڪاريل آهي. ھاڻي ته سنڌ سرڪار ساريون پوکڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اسان چوندا آهيون، چيٽ معنيٰ پيٽ. ڇاڪاڻ ته سارين جي فصل منجهان ئي غريب غربو پنهنجي پيٽ جي باھه اجھائيندو آهي.
مڪاني ادارن جي اليڪشن
سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ ملڪ جي ٽن وڏين سياسي جماعتن يعني پ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي ڌار ڌار درخواستن ذريعي عدالت کي عرض ڪيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي حڪم ڏيو ته مڪاني ادارن جون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏين ته جيئن اسين قانون ۾ سڌارا آڻڻ خاطر ڪم ڪري سگهون. جمعي تي ڪورٽ سڳوري سندن درخواستن کي رد ڪندي پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اربين روپيا خرچ ڪري تياري مڪمل ڪري ورتي آهي تنهن ڪري ھن مرحلي تي چونڊون پوئتي ڌڪڻ سان قومي خزاني کي وڏو ڇيهو رسندو. مون کي سمجھه ۾ نه آيو ته چوڏھن سالن کان سنڌ تي اسٽيبلشمينٽ جي ظاھر ظھور سھڪار سان راڄ ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ کي مڪاني ادارن جون چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي گھرج ڇو ٿي؟ سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کان وٺي ڊپٽي ڪمشنرن، مختيارڪارن ، استادن ۽ ٻين سرڪاري عملدارن کي پ پ مخالف اميدوارن جا فارم رد ڪرڻ، گھڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙي ڇڏڻ ۽ پولنگ اسٽيشنز کي مخالفن جي گھرن ۽ ڳوٺن کان تمام پري قائم ڪرڻ جو زرداري پاڻ حڪم ڏنو ۽ سندس مرضيءَ مطابق ھرھڪ ضلعي جي انتظاميا ۽ پوليس مخالفن خلاف رڻ ٻاري ڇڏيو آهي ته پوءِ کيس آخر ڪھڙو ڊپ ھو جو سنڌ ھائي ڪورٽ ۾ درخواست ڏيئي چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪيائين؟