جيڪڏهن ڪا رياست اهو طئي ڪري وٺي ته ان کي رڳو سياسي تجربا ڪرڻا آهن ته اها سدائين سياسي طور غيريقيني واري صورتحال رهندي آهي. آمريتن ۽ صدارتي نظام جي تجربن مان گذرندڙ ملڪ پارلياماني سياست جا تجربا به ڪري چڪو آهي پر جيئن ته ملڪ جي اصل حاڪم قوت سياسي پارٽيون نه پر اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو به سياسي سيٽ اپ نٿو جڙي سگهي، تنهنڪري هتي ڀلي طرز حڪمراني ڪهڙو به هجي، اهو بهتر نتيجا نٿو ڏئي سگهي. اهڙي صورت ۾ جڏهن به ڪو سياسي يا معاشي بحران ايندو آهي ته ان جو ذميوار سياسي پارٽيون ۽ جمهوري قوتن کي سمجهيو ويندو آهي. پر سياسي بحران جو حل سياسي يا جمهوريت وسيلي ناهي ڪڍيو ويندو.
عمران خان نيازيءَ وارو تجربو ملڪ ۾ گهڻو اڳ ٿي وڃي ها پر ان لاءِ اهڙو ماحول نه جڙي سگهيو. نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو جو هو ملڪ جو وزير اعظم بڻجي ويو. پر سڄي دنيا ۽ ملڪ واسين ڏٺو ته هو سياسي طور مڪمل ناڪام ويو. سندس ٽيم کان وٺي هو پاڻ به ڪا ڪاميابي نه ماڻي سگهيو پر هن ملڪ کي معاشي طور وڌيڪ ڪمزور ڪيو ۽ ويندي ويندي به هو سياسي بحران پيدا ڪري ويو. ڇاڪاڻ ته هن کي ملڪ جي ادارن ۽ عوام بدران پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ جي ڳڻتي هئي. تنهنڪري هن ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته هن جي پيدا ڪيل سياسي بحران سان جمهوري ادارن ۽ ملڪي سياست کي گهڻو نقصان پهچي چڪو آهي.
ايندڙ سال چونڊون ٿيڻيون آهن. پي ٽي آءِ پنهنجو وارو وڄائي چڪي آهي، في الحال هن کي اقتدار ملڻ جا امڪان ڪونه آهن. پر ڇا هن ڀيري به “ڪمپني بهادر” وري ڪو نئون تجربو ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي، جنهن سان اڳيان هلي وري ڪا بحراني صورتحال پيدا ٿئي. جڏهن ته ملڪ اڳ ئي معاشي طور بنهه خراب حالت ۾ آهي. هن وقت پاڪستان رڳو ٻاهرين امداد جي آسري ۾ آهي ۽ انتظار پيو ڪري ته ڪٿان ڪا وڏي رقم ملي وڃي ته ڪجهه وقت تائين معاشي بدحاليءَ جي بلا ٽري وڃي.
اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ عمران خان لاڳيتو اسٽيبلشمينٽ تي حملي آور آهي. سندس اڳوڻا وزير مشير به ساڳي ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن. اهي جيڪي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ساراهه ڪندي ڪونه ٿڪبا هئا، اڄ اهي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه سياسي ڌريون آهن. اهي ڪڏهن به نيوٽرل نه رهيون آهن. اهي ڪنهن نه ڪنهن پارٽيءَ سان گڏ هونديون آهن. اسين رڳو پاڻ کي بچائڻ لاءِ چوندا رهيا آهيون ته اهي نيوٽرل آهن پر اهي ڪنهن به ريت نيوٽرل نه آهن.
سياست کان وٺي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪو فرد، ڪو ادارو يا ملڪ ڪڏهن به غير جانبدار نه هوندو آهي. هن وقت به “ڪمپني بهادر” اهو چئي ٿي ته اها غيرسياسي آهي پر ان ڳالهه کي به سياسي ڳالهه سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ملڪي تاريخ ۾ اسين ڏسندا آيا آهيون ته ڪهڙي ريت اسٽيبلشمينٽ سياسي انجينئرنگ ڪندي پارٽيون ٺاهيندي ۽ انهن کي اقتدار ۾ آڻيندي رهي آهي. ڪيئن ان مختلف دورن ۾ سياسي بُت اڏي انهن کي عوام آڏو پيش ڪيو پر انهن جون ڏوريون اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ هيون. عمران خان اقتدار ته ماڻي ويٺو پر هن وٽ ڪو به اهڙو سياسي اختيار نه هو، جنهن وسيلي هو آزاديءَ سان فيصلا ڪري سگهندو هجي، جنهن جي نتيجي ۾ هن جي نالي سان رڳو وزير اعظم جو ٽيگ لڳي ويو. هاڻ هو اڳوڻو وزير اعظم چورائيندو.
تازو عمران خان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن هو نومبر تائين هجي ها ته ميرٽ جي بنياد تي آرمي چيف جي مقرري ڪري ها. هن جنرل فيض حميد جو ذڪر ڪندي چيو ته هنن کي ڊپ هو ته هو جنرل فيض حميد کي نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيندو. ان ڳالهه جا چٽا امڪان هئا ته اهو ائين ئي ڪندو. ڇاڪاڻ ته نومبر جي مهيني ۾ جڏهن نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ٿيڻي هئي ته عمران خان ان معاملي کي تڪراري بڻائي ڇڏيو. جتان کان معاملا خراب ٿيڻ لڳا. عمران خان جي ان فيصلي سندس سڄي سياسي راند کي ڦٽائي ڇڏيو. هن جو پلان اهو هو ته اڃا ڪجهه مهينا جنرل فيض حميد ڊي جي آءِ ايس آءِ طور رهي ته جيئن هو پنهنجي سياسي مخالفن کي وڌيڪ چٿي سگهي ۽ کيس ايندڙ وقت ۾ نئون آرمي چيف مقرر ڪري پاڻ کي وري وزير اعظم طور چونڊرائي وٺي. پر اهو پلان تحريڪ عدم اعتماد وسيلي ناڪام ڪيو ويو. جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ مارشل لا لڳائڻ بدران اقتدار نئين حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ جهڙي ريت هاڻوڪي حڪومت سان آهي، ان مان لڳي ٿو ته هيءَ معاملو گهٽ ۾ گهٽ نومبر تائين آرام سان هلي ويندو، ڇاڪاڻ ته نومبر ۾ هاڻوڪي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوه جي ريٽائرمينٽ آهي ۽ ان کان پوءِ نئين آرمي چيف جي مقرري به ٿيڻي آهي. ان کان پوءِ عبوري سيٽ اپ آڻي، نيون چونڊون نئين سال جي شروع ۾ ٿي سگهن ٿيون. ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت جنهن پارٽي کي حاصل هوندي، اها چونڊون کٽي نئين حڪومت جي جوڙجڪ ڪندي.
پي ٽي آءِ جي سياسي مستقبل جو فيصلو نه رڳو ايندڙ چونڊن ۾ ٿيندو پر ان کان اڳ ٿي ويندو، جڏهن ان پارٽيءَ جي اندران ڪجهه ٻيا سياسي اڳواڻ پارٽيءَ کان ڌار ٿي ويندا ۽ اهي سياسي پناهه لاءِ ڪي ٻيون پارٽيون جاچيندا رهندا. تڏهن اهي انهن سياسي اختلافن جو ذڪر ڪندا، جيڪي هيستائين اهي ظاهر ڪونه پيا ڪن. ان کان سواءِ شيخ رشيد جهڙا عمران خان جي ساراهه ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا ۽ هو اڳڪٿيون ڪندي عمران خان لاءِ سياسي اسپيش سوڙهو ڪندو ويندو. اهو به ممڪن آهي ته شيخ رشيد پنهنجي گهر جي سيٽ ئي هارائي وڃي.
هاڻوڪي حڪومت جهڙي ريت بدحال معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، ان ڪري نه رڳو مهانگائي وڌي آهي پر عام ماڻهوءَ لاءِ معاشي پريشانيون پڻ وڌي ويون آهن. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ڊي ايم جي وجود ۾ آيل حڪومت جو حال به عمران خان جي حڪومت جهڙو آهي، جنهن جو سڄو زور ملڪ ۾ مهانگائي وڌائڻ ۽ عوام تي ٽيڪس مڙهڻ آهي. جڏهن چونڊن جو وقت ايندو ته هاڻوڪي حڪومت کي عوام لاءِ ڪنهن وڏي رليف پيڪيج جو اعلان ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته چونڊون کٽڻ لاءِ عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ پهرين عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه هجڻ گهرجي. اهو معاشي رليف عوام کي تڏهن ملي سگهي ٿو، جڏهن ملڪ کي ڪو معاشي رليف ملندو. ملڪ قرض جي ڌٻڻ مان نڪري سگهندو يا نه اهو هڪ الڳ سوال آهي پر ان کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪٿي ملڪ جي هاڻُوڪي صورتحال وڌيڪ جاري رهي ٿي ته ان سان سريلنڪا وارو حال نه ٿي وڃي، سو عوام لاءِ ڪا سٺي خبر نه هوندي. معيشت جي صورتحال کي عوام تي ڳرا ٽيڪس هڻي بهتر نٿو ڪري سگهجي پر ان لاءِ پيداواري ذريعا وڌائڻا پوندا. جنهن جا امڪان نظر نٿا اچن. ڇاڪاڻ ته اصل حاڪمن کي ائٽمي پروگرام جاري رکڻو آهي ۽ جڏهن رياست کي سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻايو وڃي ته اتي عوام جي خوشحاليءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
ملڪ کي درپيش چئيليج ٻاهرين بدران گهرو وڌيڪ آهن، ملڪ کي هن صورتحال تائين پهچائڻ جا ذميوار سياستدان نه پر اسٽيبلشمينٽ آهي، جيڪا ملڪ جي سياست ۾ نوان تجربا ڪندي رهندي آهي. سياسي مسئلن جو حل ٽين ڌر پاران سياسي تجربن وسيلي نه پر سياست وسيلي ڪڍي سگهجي ٿو. اهو به تڏهن ممڪن آهي، جڏهن هن ملڪ جي سياسي پارٽين جا هٿ ٻڌل نه هجن ۽ اهي آزاديءَ سان ڪوبه فيصلو ڪري سگهڻ جي قابل هجن.