عمر قاضي
پهرين ڏينهن کان وٺي پاڪستان کي اها ڳڻتي ڳاري رهي آهي ته طالبان جي افغان حڪومت جو ڇا ٿيندو؟ هن مهل تائين مغربي ملڪ پنهنجي مٺ بند ڪري ويٺا آهن. انهن کي شايد آمريڪا جو انتظار آهي. ڇو ته هن مهل تائين آمريڪا افغان طالبان جي حڪومت جي باري ۾ نه خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ نه وري ڪنهن رنج جو ذڪر ڪيو آهي. آمريڪا وٽ طالبان جي باري ۾ جيڪي تحفظات اڳ ۾ هئا، اهي هاڻي به آهن. آخر طالبان کي به ڪجهه سوچڻ کپندو هو. ڇا اهڙا فرد پنهنجي حڪومت ۾ کڻڻ ضروري هئا؟ جن کي آمريڪا دهشت گرد قرار ڏنو هو. طالبان ڪجهه اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڪجهه ڪم اهڙا ضرور ڪيا آهن، جن تي آمريڪا ناراض به ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ناراضگي ۽ باقاعده دشمنيءَ ۾ فرق آهي. آمريڪا کي اها ڳالهه ته مڃڻي پوندي ته هن طالبان سان ڳالهيون ڪيون ۽ انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ هن افغانستان کي خالي ڪيو. آمريڪين افغانستان کي آمريڪا جي حوالي ڪيو. ان عمل تي عالمي سطح تي هاءِ گهوڙا به ٿي. ڪيترائي ملڪ ۽ ميڊيا جا ڪيترائي ادارا تمام ناراض به ٿي پيا. انهن جو خيال هو ته آمريڪا کي راتو رات ائين ڀڄڻ ۽ پنهنجين حامين کي بنا ڪنهن مدد جي ڇڏڻ نه کپندو هو پر اهو ڏينهن تاريخ ۾ ڪڏهن به فراموش نه ڪيو ويندو، جنهن ڏينهن آمريڪي پنهنجي ڪابل واري سفارتخاني مان هيلي ڪاپٽر ذريعي ائين نڪتا جيئن ڪڏهن هو ويٽنام جي شهر سائگان مان نڪتا هئا. انهن ٻنهي واقعن جي پاڻ ۾ گهڻي مماثلت نه به آهي، تڏهن به ڪجهه ته آهي، جنهن تي هيڏي ساري تنقيد ٿي. آمريڪا کي جيڪا خواري کڻڻي پئي، ان جي نتيجي ۾ هن کي ڪجهه ته بهتر طرح سان ڪم ڪرڻو هو. هن مهل به آمريڪا افغانستان مان ائين هٿ ڪڍي ويٺو آهي، جيئن هن جو ڪو واسطو نه هجي.
دنيا جي آڏو آمريڪا ڪجهه به چوي پر هڪ ڳالهه طئه آهي ته هن مهل به طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳجها مذاڪرات هلي رهيا آهن. جڏهن ته آمريڪا کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. آمريڪا کي پنهنجو موقف کلي طرح سان رکڻ گهرجي. آمريڪا جيڪڏهن طالبان کي تسليم ڪرڻ نه ٿو چاهي ته اهو به بيان ڪري ۽ جيڪڏهن آمريڪا وٽ ڪي مخصوص شرط آهن ته انهن کي لڪائڻ جي به ڪا ضرورت ناهي. آمريڪا اولهه جي ملڪن کي جنهن الجهن ۾ وجهي ويٺو آهي، اها ڪنهن به طور تي ٺيڪ ناهي ۽ هاڻي وقت گهڻو گذري ويو آهي. هاڻي به جيڪڏهن آمريڪا معاملن کي ڳجهو رکيو ته هن جي ساک اڃان به وڌيڪ خراب ٿيندي. ڇو ته هن مهل آمريڪي ساک جا لاهه نڪري ويا آهن. آمريڪا کان هن جا اڳوڻا اتحادي به ناراض آهن. انهن کي به آمريڪا اعتماد ۾ نه ورتو. جڏهن ته انهن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري هو. آمريڪا آخر طالبان سان ڪهڙيون ڳجهيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي؟ ان جي باري ۾ هن کي ڪجهه به لڪائڻ نه گهرجي. ڇو ته هي معاملو صرف آمريڪي مفادن تائين محدود ناهي. جيڪڏهن هي معاملو آمريڪي مفادن تائين محدود هجي ها ته هن مهل تائين آمريڪا جيڪو ڪجهه به ڪيو، ان تي ڪنهن کي به ڪاوڙ جو حق حاصل نه هو پر هي معاملو دنيا جي تمام گهڻن ملڪن جي مفادن جو آهي ۽ جيڪڏهن اسان دنيا جي ٻين ملڪن کي ڪا اهميت نه به ڏيون، تڏهن به هي معاملو عام افغان عوام جو آهي. افغان عوام کي اهو حق حاصل آهي ته هو جهڙي تهڙي حڪومت جا مالڪ هجن ۽ انهن جي روزاني زندگيءَ جون الجهنون ڪجهه گهٽ ٿين. هن مهل ته اهو حال آهي جو عام افغان ماڻهو تمام گهڻو پريشان آهي ته هن جي زندگيءَ ۽ هن جي خاندان جو ڇا ٿيندو؟ ان سوال تي سوچي ته پاڻ طالبان به پريشان آهن.
طالبان وٽ پنهنجي انا آهي، ان ڪري انهن هن مهل تائين اها حقيقت تسليم نه ڪئي آهي ته هن مهل جڏهن ڪنهن به پارٽيءَ ۽ ڪنهن به گروپ يا گروهه انهن جي حڪومتي عمل ۾ ڪا مداخلت نه ڪئي، تڏهن هو تمام گهڻو پريشان آهن. ڇو ته انهن جي مٿان نفسياتي طور تي تمام گهڻو دٻاءُ آهي. انهن کي معلوم ناهي ته هو دٻاءَ مان ڪيئن نڪرن؟ هاڻي ته جيڪي عام طالبان آهن، اهي به پنهنجن اڳواڻن جي طرف تڪي رهيا آهن. ڇو ته افغانستان آخر انهن جو به ملڪ آهي ۽ جيڪي قومي ۽ مذهبي ڳالهيون ڪري انهن ۾ جوش ڀري ويو هو، اهو به هاڻي ڪا واٽ تلاش ڪري رهيو آهي ته ان کي تعمير جي ڪم ۾ ڪهڙي ريت استعمال ڪجي. هن مهل طالبان پنهنجن قبيلن ۽ پنهنجن خاندانن وٽ به انهن سوالن جا جواب پيش ڪري نه ٿا سگهن، جيڪي انهن کان پڇيا وڃن ٿا. ڇو ته طالبان جهڙي طرح آمريڪي تعاون جي لاءِ تمام گهڻو تڪي رهيا آهن ۽ هو پنهنجين پاليسين ۾ ڪڏهن سختي ڪن ٿا ۽ ڪڏهن پنهنجي پير کي پوئتي ڪن ٿا. انهن کي معلوم آهي ته هاڻي هو هڪ وڏي ذميواريءَ ۾ اچي ويا آهن. انهن کي هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته حڪومت ڊاهڻ وڏي ڳالهه ناهي پر حڪومت ٺاهي، ان کي هلائڻ تمام مشڪل ڪم آهي. هو هن مهل مشڪل ڪم ۾ مصروف آهن. جڏهن ته اهو ڪم عالمي راضپي کان سواءِ نه ٿا ڪري سگهن. هن وقت افغانستان ۾ عوام ڪهڙين مشڪلاتن جو شڪار آهي؟ ان باري ۾ جيڪڏهن عام افغان کان پڇيو وڃي ته هن جي اکين ۾ پريشانين جا ڪيئي سلسلا اڀري اچن ٿا ۽ انهن کي محسوس ٿئي ٿو ته هو هڪ اڻ چٽي آئيندي جي طرف وڌي نه پر گهلجي رهيا آهن.
هيءَ پوري دنيا آمريڪا نه ٿي هلائي. اها ٻي ڳالهه آهي ته افغانستان ۾ آمريڪا ويهه سال رهيا ۽ انهن تمام گهڻا پئسا کپايا ۽ پنهنجا ماڻهو به مارايا پر هيڏي ساري مصيبت کان پوءِ آمريڪا کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو. ڇا آمريڪا طالبان کان پنهنجي شڪست جو پلئه پاڙي رهيو آهي؟ طالبان کي اهڙي حال ۾ ڏسي آمريڪا کي ڀلي مزو اچي پر آخر عام افغان عوام ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ آمريڪا جي اها سنگ دلي پوري دنيا پسي رهي آهي ۽ پوري دنيا آمريڪا ناهي. دنيا ۾ اهڙا ملڪ به آهن، جيڪي آمريڪا جي خلاف آهن ۽ انهن ملڪن کي ان مهل تمام گهڻي خوشي ٿي، جڏهن طالبان آمريڪا کي افغانستان مان ڀڄڻ تي مجبور ڪري وڌو هو ۽ جيڪڏهن اشرف غني پنهنجي حڪومت نه هلائي سگهيو ته اهو به آمريڪا جو قصور هو. ڇو ته اصل پاليسيون ته آمريڪا جون هيون. اشرف غني ته هڪ حڪومتي گديءَ تي ويٺل هڪ پتلي هو. آمريڪا جي ناڪاميءَ تي آمريڪا جا مخالف ملڪ توڙي ماڻهو تمام خوش ٿيا. پر هن مهل جڏهن طالبان عالمي تعاون کان بنهه محروم آهن ۽ انهن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هو اهڙو ڇا ڪن، جنهن سان ملڪ جو گاڏو هلي سگهي ته دنيا جي آمريڪي مخالف ملڪن کي طالبان سان تعاون ڪرڻ گهرجي. مصيبت اها آهي ته اهي ملڪ به طالبان سان ڪو تعاون نه ٿا ڪن. ڇا اها ڳالهه تمام گهڻي افسوس جهڙي ناهي ته ايران ۽ چين جيڪي عملي طور تي آمريڪا جا مخالف ملڪ ۽ افغانستان جا پاڙيسري ملڪ آهن، انهن هن مهل تائين هڪ تمام وڏي بحران مان گذرندڙ افغان عوام جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ انهن ملڪن کي گهرجي ته جيڪڏهن انهن جون به ڪي شرطون آهن ته اهي پنهجيون شرطون پيش ڪن ۽ ٻڌائن ته انهن کي افغانستان ۾ ڪهڙو سيٽ اپ گهرجي؟
چين ته آفيشل طرح سان اهو واعدو به ڪيو هو ته هو افغانستان جي نئين سر تعمير جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. چين هن مهل چپ آهي. ايران طالبان جي سلسلي ۾ تحفظات رکي ٿو. انهن طالبان جي مٿان اها تنقيد به ڪئي ته انهن جي مسلڪ جا ماڻهو افغانستان جي عبوري حڪومت ۾ شامل ناهن پر ان سلسلي ۾ به ته ايران ۽ طالبان جي وچ ۾ ڪوئي آفيشل قسم جي ڳالهين جو سلسلو ٿي سگهي ٿو. ساڳي طرح روس جنهن طالبان جي ڪڏهن حمايت به ڪئي هئي. جنهن طالبان کي پنهنجي ملڪ ۾ گهرائي انهن کي آفيشل حيثيت ڏني هئي. اڄ اهو روس به طالبان جي حڪومت کان ناراض آهي ۽ ان ناراضگيءَ جو اظهار عدم تعاون جو انداز آهي. پر ان انداز جي سزا ته افغان عوام کي ملي رهي آهي. اها ڳالهه دنيا جا ملڪ سمجهن ٿا يا نه يا وري سمجهڻ نه ٿا چاهين ته هن مهل تمام گهڻي تڪليف ۾ افغان عوام آهي ۽ هن جي لاءِ ڪو به آسرو ناهي ته ڪو ڪنهن طرف وڃي؟ جيڪڏهن دنيا جا ملڪ پنهنجن مفادن يا خطرن ۽ خدشن سبب طالبان جي مدد ڪرڻ کان لاچار آهن ته هو گهٽ ۾ گهٽ گڏيل قومن جي معرفت افغان عوام جي مدد ڪري سگهن ٿا. افغانستان جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جو رويو به عام ملڪن جهڙو آهي. جڏهن گڏيل قومن جي اداري کي انساني وقار ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن کي نظرن ۾ رکڻ گهرجي. گڏيل قومن جي اداري کي آمريڪا جي اشاري تي هلڻ واري روش ترڪ ڪرڻ گهرجي. گڏيل قومن جو ادارو هن مهل تائين دنيا جي عوام کي اهو ڪجهه نه ڏئي سگهيو آهي، جيڪو ڪجهه ڏيڻ جي لاءِ اهو ادارو وجود ۾ آيو هو.
دنيا جا گهڻا ملڪ افغانستان کي وسارڻ ۾ ڪامياب محسوس ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ افغانستان کي وسارڻ ممڪن نه آهي. ان ڪري پاڪستان هن مهل تائين پريشان آهي. هن وقت عالمي ميڊيا ۾ اهي خبرون جاءِ والاري رهيون آهن ته افغانستان ۾ “داعش” پاڻ کي مضبوط ڪري رهي آهي. پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته داعش کي صرف طالبان ئي منهن ڏئي سگهن ٿا. داعش ۽ طالبا جي ٽڪراءَ وارو معاملو الڳ بحث جو موضوع آهي پر پاڪستان جي وزير اعظم جو اهو بيان داعش کي اڀرندڙ دهشت سمجهندڙ ملڪن کي سنيهو آهي ته اهي طالبان جي حڪومت کي تسليم به ڪن ۽ تعاون به ڪن.