ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊ ڪهڙا نتيجا ڏيندي؟

Editorial-Article-Rashid Laghari

حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي موسم هلي رهي آهي. هن اليڪشن ۾ عوام جو رت به گهڻو وهايو ويو آهي. اليڪشن مهم ۽ چونڊن واري ڏينهن غريب ۽ لاچاري ۾ زندگي گهاريندڙ ماڻهو ئي ڏنڊا بردار فورس ۾ شامل ٿي طاقتور ماڻهن جي ونگار وهندا آهن. سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ ننڍن شهر ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو. بلدياتي اليڪشن جو ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. پهرين مرحلي ۾ سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه، ٿرپارڪر، لاڙڪاڻو ۾ ميونسپل ڪارپوريشن، ضلعي ڪائونسل، ٽائون ڪميٽيز، ميونسپل ڪاميٽيز ۽ وارڊن ۾ اليڪشن جو مرحلو پڄاڻي تي پهتو آهي. جتي وڏين پاپولر پارٽين، آزاد اميدوارن، مذهبي جماعتن ۽ قوم پرست جماعتن جي اميدوارن حصو ورتو آهي. جنهن ۾ وڏي اڪثريت پاڪستان پيپلز پارٽي جي حصي ۾ آئي آهي. هاڻ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 24 جولا تي بلدياتي چونڊن لا ميدان سجايو ويندو. هتي جي اليڪشن کي پرامن بڻائڻ رياستي ادارن جي ذميواري آهي، هي شهر رتو ڇاڻ ۾ تبديل ٿيا ته پو زخم صدين تائين به نه ڇٽندا، حيدرآباد ڊويزن ۾ حيدرآباد ضلعي سان گڏ سجاول، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٽنڊو الهيار، مٽياري ۽ ڄامشورو ضلعي ۾ اليڪشن ٿيڻا آهن. جتي وڏين سياسي پارٽين جي وچ ۾ چوٽي جو مقابلو ٿيڻو آهي. حيدرآباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)، ايم ڪيو ايم، پي ايس پي، ايس يو پي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي ورڪرز پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، تحريڪ لبيڪ، جي يو آ، سني تحريڪ، فنڪشنل ليگ، پي ٽي آ سميت مختلف آزاد اميدوار اليڪشن ۾ سوڀ ماڻڻ لا زور آزمائي ڪندا. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن حيدرآباد ۾ اليڪشن نه ڪرائڻ لا ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. متحده قومي موومينٽ چيو آهي ته ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاهه سميت ٻين شهرن ۾ اسان جي مينڊيٽ جو پاڪستان پيپلز پارٽي احترام نه ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ڪراچي ۾ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻ نه ڏينداسين، پ پ سان ٿيل معاهدي ۾ اهو طئه ٿيل هو ته ٻئي جماعتون هڪٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪنديون، جنهن واعدي تي عمل نه ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ پي ايس پي تحريڪ ليبڪ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي کانپو حيدرآباد ۾ حساس پولنگ ۾ اضافو ٿيندو. حيدرآباد ۾ نئين تڪبندين جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم اعتراض رکندي پئي اچي.
حيدرآباد ۾ بلدياتي اليڪشن جي جوڙجڪ: حيدرآباد ۾ بلدياتي اليڪشن جي سلسلي ۾ حيدرآباد کي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن کي بلديا اعلى به سڏيو ويندو آهي. جنهن ۾ 4 تعلقا شامل آهن. ائين کڻي چئجي ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن 4 تعلقن ۽ 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ مجموعي ووٽن جو تعداد 21 لک 99 هزار 9 سئو 28 آهي. جنهن ۾ عورتن جو تعداد 10 لک 54 هزار 407 آهي ۽ مردن جو تعداد 11 لک 45 هزار 2 سئو 13 آهي. يونين ڪميٽيز جو تعداد 160 آهي، جنهن ۾ مجموعي طور 800 وارڊ شامل ڪيا ويا آهن. حيدرآباد ۾ 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٺاهيا ويا آهن. 1 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن نيرون ڪوٽ ۾ يونين ڪميٽي 1 کان 18 يونين ڪميٽيز شامل هونديون. 2 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ميان سرفراز ۾ يونين ڪميٽيز نمبر 19 کان 36 تائين هونديون، 3 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد ۾ يونين ڪميٽي 37 کان 54، 4 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊو ڄام ۾ 55 کان 70 يونين ڪميٽيز شامل هونديون، جنهن ۾ 15 ديهون به شامل آهن. 5 ميونسپل ڪارپوريشن ٽنڊو فضل ۾ 71 کان 87 تائين يونين ڪميٽيون شامل آهن. جنهن ۾ 35 ديهون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. 6 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۾ سچل سرمست ۾ 88 کان 106 تائين يونين ڪميٽيون شامل ڪيون ويون آهن. اهڙي ريت 7 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن لطيف آباد ۾ 107 کان 124 تائين يونين ڪميٽيون، 8 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن حسين آباد ۾ 125 کان 142 تائين يونين ڪميٽيز ۽ 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن قاسم آباد ۾ 143 کان 160 تائين يونين ڪميٽيون شامل آهن. حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر چونڊبا، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن تي چيئرمين، 160 يونين ڪميٽيز تي وائيس چيئرمين چونڊيا ويندا، 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ۾ وري ڌار ڌار 18 کان 17 يو سيز شامل آهن. جنهن جا وائيس چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن تي چيئرمين کي چونڊيندا. جنهن جي اسيمبلي الڳ ٿيندي. 800 وارڊن تي ڪائونسلر چونڊيا ويندا. اهڙي ريت حيدرآباد ۾ سياسي پارٽين جو مقابلو سخت ٿيڻُو آهي.
جيتوڻيڪ عوامي ورڪرز پارٽي واڻڪي واسي کانپو حيدرآباد شهر ۾ ٻئي هنڌ ڪٿي به پنهنجا اميدوار نه بيهاريا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) حيدرآباد ۾ 6 اميدوار بيهاريا آهن. جنهن ۾ 3 اميدوار قاسم آباد تي ۽ ٻيا سٽي ۽ ٽنڊو ڄام تڪ تي بيٺل آهن. قومي عوامي تحريڪ 45 اميدوار بيهاريا آهن، جنهن ۾ وڏو انگ عورتن جو شامل آهي، جيڪي اميدوار نيرون ڪوٽ ٽائون ڪارپوريشن ۽ ٽنڊو فضل ڪارپوريشن تي بيهاريا ويا آهن. جتي هنن جو مقابلو پاڪستان پيپلز پارٽي سان ٿيڻو آهي. حيدرآباد سٽي ۾ مذهبي جماعتن وڏي انگ ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏنيون آهن. جنهن جو مقابلو پي ٽي آ، ايم ڪيو ايم، پي ايس پي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سان ٿيڻو آهي. لطيف آباد ۾ پڻ ساڳئي صورتحال آهي. قاسم آباد ۾ پيپلز پارٽي وڌيڪ اميدوار بيهاريا آهن. جيتوڻيڪ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر جي چونڊجڻ تي ئي وڏين پارٽي لا چئلينج بڻيل هوندو، جنهن ۾ ايم ڪيم ايم اڳ ۾ الزام هڻڻ شروع ڪيا آهن پ پ بلديا اليڪشن ۾ اسان سان نه نڀايو آهي. انڪري ميئر جي مقرري تي پڻ وڏي جهيڙو سامهون اچي سگهي ٿو. ٽنڊو فضل ۽ ٽنڊو ڄام ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ٺاهڻ وقت پاڪستان پيپلز پارٽي پڻ اتان عوام جو وڏو ووٽ حاصل ڪيو آهي. اڳ ۾ اهي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ شامل هئا. حيدرآباد ۾ 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جو ميئر طيب حسين چونڊجي آيو هو. حيدرآباد ۾ بلديا اعلى ۾ فنڊز ۽ ٻين ڪمن جي معاملي ۾ رساڪشي هر وقت هلندي رهندي آهي. حيدرآباد ۾ 21 لک آبادي لا صفائي سٿرائي جا انتظام به بلديا اعلى حيدرآباد ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن کي ڪرڻا آهن. حيدرآباد ۾ روزانو هزارين ٽن ڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ هنن ادارن جو ڪم آهي. حيدرآباد کي خوبصورت بڻائڻ به بلديا اعلى جو ڪم آهي. شرط آهي ته اهو ادارو ميرٽ تي ڪم ڪندو رهي، عوام جي ووٽ سان چونڊجي آيل نمائندا شهرين کي بنيادي ضرورتون مختص ڪيل فنڊن مان جاري ڪندا رهن. شهرين جي هر وقت گهرج هوندي آهي ته کين پڪين گهٽين جي تعمير، علائقن کي صاف سٿرو رکڻ، گٽرن جي پاڻي جي نيڪالي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي، گئس ۽ بجلي جي فراهمي ٻين ادارن جو ڪم آهي، هنن لا به عوام چونڊيل نمائندن کان ئي مطالبو پيو ڪندو آهي ته سندن بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. جيتوڻيڪ اليڪشن جي ڪاميابي کانپو حيدرآباد جو بلديا اعلى ادارو توڙي ٽائون ڪميٽيز ۽ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن روڊن رستن تان انڪروچمينٽ ختم ڪرڻ بدران پارڪنگ جي ٺيڪن تي ترجيح وڌيڪ ڏينديون آهن. جيڪو عمل به غيرقانوني آهي. پو من پسند ۽ سياسي پٺڀرائي وارن ماڻهن کي ٺيڪن سان نوازي شهر ۾ ٽريفڪ جو آزار ڪيو ويندو آهي. بازارن ۾ دڪانن وارن کان رقم وٺي والار ڪئي ويندي آهي. ڪچرو کڻڻ لا ٺيڪن جي پڻ ڊڪ ڊوڙ شروع ٿي ويندي آهي. مختلف ماڻهو ڪچري لا گاڏيون خريد ڪري ٺيڪا کڻڻ لا لائين لڳائي ڇڏيندا آهن. حيدرآباد ۾ جمع ٿيندڙ لکين ٽن ڪچرو حيدرآباد جي آس پاس ئي پيو هوندو آهي. عوام پنهنجو ئي ڪچرو عوام کي سهڪي ۽ دم جو مريض بڻائي رهيو هوندو آهي. حيدرآباد ۾ ڪچرو کڻڻ لا به اين جي اوز ميدان تي اچي ويون آهن. بلديا اعلى گهرن مان وڃي ڊور ٽو ڊور ڪچرو کڻڻ لا پروجيڪٽ شروع ڪيو هو. اهو پروجيڪٽ پڻ رولڙي ۾ پيل آهي. هاڻ 24 جولا تي ئي بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي جو فيصلو ٿيڻو آهي. ننڍن ضلعن سان گڏ سنڌ جي ٻن وڏن شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اليڪشن سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻيل هوندي. اميدوارن جي سرگرمي سان گڏ اسان رپورٽر ۽ صحافين کي به اليڪشن جي مانيٽرنگ ۽ رپورٽنگ لا الرٽ رهڻُو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button