هن ڀيري مڪاني ادارن جي چونڊ دوران اڌ سنڌ مان سوڀ ماڻيندي پ پ کي پگهر اچي ويا. جڏهن ته اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته هيءَ پيپلز پارٽي آهي. هن جو هڪ ماضي آهي. هن وٽ هڪ تجربو آهي. هن وٽ تمام گهڻا وسيلا آهن. هن جي سڃاڻ هر ڪنهن وٽ آهي. جڏهن ته سنڌ مان مڪاني ادارن جون چونڊون ڪنهن حڪمران ڌر جي لاءِ کٽڻ جو مسئلو ڪونهن. اهو نهايت آسان ڪم آهي. جڏهن پئسو به هجي ۽ پاور به هجي ته پوءِ ڪاميابي کي قدم چمڻ ۾ ڪهڙي تڪليف ايندي! جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ اصل مشڪل مرحلو ڪراچيءَ جي چونڊ آهي. بلاول بسون هلايون آهن پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن بسن ۾ ويهندڙ ماڻهو هن جي پارٽيءَ کي ووٽ به ڪندا؟ اهو تمام گهڻو مشڪل سوال آهي. ڇو ته ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ سنڌ جو سياسي ماضي تمام مختلف صورتحال سامهون آڻيندو رهيو آهي. جڏهن به ڪو مرحلو آيو آهي، جڏهن به جمهوريت جي سلسلي ۾ ڪا آزمائش اڳيان اڀري آهي، تڏهن ڪراچيءَ جو ڪردار اهو نه رهيو آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين شهرن جو رهندو آيو آهي. اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي.
ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته ڪراچي هڪ شهر آهي. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي. هن شهر ۾ تمام گهڻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جا تمام گهڻا مسئلا آهن. جڏهن ته سياست جي سائنس اسان کي سمجهائي ٿي ته شهر تمام گهڻو مختلف مزاج رکندا آهن. شهرن کي سياسي طور تي بيوقوف بڻائڻ آسان نه هوندو آهي. ڇو ته شهر تمام گهڻا هوشيار ۽ انتهائي چالاڪ هوندا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن شهر به پنهنجي سموري سمجهه ۽ پنهنجي ڀرپور چالاڪيءَ جي باوجود اهڙو ڪردار ادا ڪري ويهندا آهن جو انهن کي پنهنجي ڪئي تي تمام گهڻو پڇتاءُ ٿيندو آهي. پر پوءِ به شهر ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ هوشيار هوندا آهن. ان ڪري شهرن کي صرف نعرن ۽ واعدن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ آسان نه هوندو آهي.
ڪراچيءَ جي سلسلي ۾ اسان ڪيترائي ڀيرا ڏٺو آهي ته هي شهر پنهنجي مخصوص سوچ جو اسير رهيو آهي. هن شهر کي سياسي طور تي فتح ڪرڻ ڪڏهن ته نهايت سولو محسوس ٿيندو آهي. ڪڏهن تمام گهڻو مشڪل محسوس ٿيندو آهي. جڏهن ايم ڪيو ايم اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ٻوليءَ جي بنياد واري قومپرستي شروع ڪئي ته ڪراچي هن جي حمايت ۾ اٿلي پئي. پر ڪراچيءَ کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ پيپلز پارٽيءَ تمام گهڻا وس ڪيا آهن پر هن مهل تائين هن کي اها ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي آهي، جنهن جي لاءِ هن هر طرح جي ڪوشش ڪئي آهي. پيپلز پارٽيءَ اين ڊي خان کان وٺي سعيد غنيءَ تائين ڪيترائي ڪراچيءَ ڄاوا اڳواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر هن مهل تائين پيپلز پارٽيءَ کي اهڙو ڪو به نه ملي سگهيو آهي، جيڪو ڪراچيءَ کي پيپلز پارٽيءَ جي حوالي سان اعتماد ۾ وٺي.
پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪراچيءَ سان گهڻا ڀال ڀلايا آهن. جيڪڏهن اسان جي سسٽم ۾ ڪرپشن نه هجي ها ته ڪراچيءَ هن مهل تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو هجي ها. ڇو ته ڪراچيءَ کي تمام گهڻو بجيٽ مليو آهي. پر اهو ٺيڪ طرح سان استعمال نه ٿيو آهي. اها حڪومت پرويز مشرف جي هجي يا اها حڪومت پيپلز پارٽيءَ جي هجي. ڪراچيءَ کي هر حڪومت ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي. هن ڀيري جڏهن پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن جي ميدان ۾ لٿي آهي ۽ هوءَ سنڌ جي ٻين شهرن مان سوڀ ماڻي آئي آهي، تڏهن سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته ڇا هن کي اهڙي سولي سوڀ ڪراچيءَ مان به حاصل ٿيندي؟ ڪاميابيءَ جي لاءِ چوندا آهن ته ڀلي ڪيتري به قيمت ۾ ملي پر ڪاميابي ته ڪاميابي آهي. ان ڪري اها شرط لازمي ناهي ته ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سولي سوڀ نصيب ٿئي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي پوري ڪوشش ڪري ٿي ۽ اها پوري جان کپائي ٿي. جيڪڏهن اها هر طرح سان محنت ۽ مقابلو ڪري ٿي، تڏهن به ان ڳالهه جا امڪان تمام گهڻا گهٽ آهن ته پيپلز پارٽي ڪراچيءَ مان سوڀ ماڻي سگهي.
ڪراچيءَ جو تذڪرو جڏهن به ٿيندو آهي، تڏهن اسان ڪراچيءَ جي چوڌاري جيڪي قديم وسنديون آهن، انهن کي گهڻو ڪري فراموش ڪري ڇڏيندا آهيون. اسان جي لاءِ ڪراچي شهر جو وچ آهي. جڏهن ته ڪروڙن جو شهر صرف وچ واري آباديءَ تي مشتمل ٿي نه ٿو سگهي. ان جي لاءِ اها آبادي به شامل ڪرڻ لازمي آهي، جيڪا ڪراچيءَ جي مرڪزي وجود جي چوڌري رهي ٿي ۽ اها ڪراچي ئي آهي، جيڪا هن مرڪزي شهر کي پالي ٿي. جيڪڏهن ان ڪراچيءَ جو وجود ختم ٿي وڃي ته هن ڪراچيءَ وٽ ڪجهه نه رهي. مرڪزي شهر ته مانيءَ ۽ پاڻيءَ جي لاءِ به ان ڪراچيءَ جو محتاج آهي، جيڪو ڪراچي هر ڏينهن کاڌو پيتو فراهم ڪري هن شهر کي هلائي ٿو. ان ڪري اسان کي اها ڪراچي ڪنهن به طرح سان فراموش نه ڪرڻ گهرجي، جيڪا ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي باوجود به ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ۾ ووٽ وجهندي رهي آهي.
ڪراچيءَ جي مرڪز چوڌاري جيڪا آبادي رهي ٿي، اها ويچاري ڪنهن نه ڪنهن طرح سان پيپلز پارٽيءَ جي حمايت ۾ ووٽ ڏيندي رهي آهي پر انهن ووٽن جي مدد سان پيپلز پارٽي ڪراچيءَ مان مڪمل طور تي ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪراچيءَ کي ماڻڻ جي لاءِ پيپلز پارٽي مرڪزي شهر مان ڪا ليڊرشپ اڀارڻ ۽ ماڻهن کي پنهنجي حمايت ۾ اٿارڻ جي لاءِ وس هلائي چڪي آهي. هن ڀيري به پيپلز پارٽي مرتضيٰ وهاب جي صورت ۾ ڪراچيءَ کي جيڪا نوجوان قيادت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان بظاهر ته ڪوئي ٻوٽو نه ٻاريو آهي. پر سوال اهو به آهي ته شهرن جي خبر فوري طور تي نه پوندي آهي. شهرن جي مرضي ڪهڙي آهي؟ ان جو پتو تڏهن پوندو آهي، جڏهن ووٽن واريون پيٽيون کلنديون آهن ۽ انهن مان اهو ڪجهه نڪرندو آهي، جيڪو ڪجهه شهر جي مرضي هوندي آهي. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪراچيءَ جو اڳوڻو ميئر ۽ هن مهل پاڪ سرزمين پارٽيءَ جو سربراهه مصطفيٰ ڪمال تمام وڏي تياري سان آيو ۽ هن پورو زور لڳايو ته هو ڪنهن طرح سان اها پوزيشن حاصل ڪري سگهي، جيڪا متحده جي رهي آهي. ان سلسلي ۾ هن کي هر طرح جي سپورٽ به حاصل هئي پر جڏهن چونڊ نتيجا آڏو آيا ته پاڪ سرزمين پارٽيءَ جي پيرن هيٺان زمين به نه رهي. ساڳي طرح سان ڪراچيءَ ۾ هن مهل به ايم ڪيو ايم ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سرگرم آهي. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم پنهنجن ڪرتوتن سبب ٻه اڌ ٿي چڪي آهي ۽ لنڊن واري اڌ جو وجود ڪو خاص ڪردار ادا ڪرڻ جي لائق نه رهيو آهي پر ان جي باوجود به ڪراچيءَ کي ايم ڪيو ايم کان الڳ ڪري نه ٿو ڏسي سگهجي.
ايم ڪيو ايم جي ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن زبردست قسم جو ڀونچال پيدا ڪيو ۽ جنهن ايم ڪيو ايم جون وايون بتال ڪيون ته اها پارٽي بنا ڪنهن شڪ جي تحريڪ انصاف آهي. تحريڪ انصاف کي ڪراچيءَ مان گهڻيون سيٽون مليون ۽ هن مهل به تحريڪ انصاف ڪراچيءَ ۾ تمام وڏي قوت رکي ٿي. جڏهن به اها پارٽي مزار قائد جي آڏو جلسو ڪري ٿي ته سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ به اهو جلسو ڪراچيءَ جو وڏو جلسو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان حوالي سان پيپلز پارٽيءَ کي سوچڻ گهرجي ته آخر اهو ڇا آهي؟ آخر اهو ڪهڙو سبب آهي، جنهن جي ڪري عمران خان ته ڪامياب ٿي سگهي ٿو پر ڪراچيءَ مان ايتري ڪاميابي پيپلز پارٽيءَ جي حصي ۾ نه ٿي اچي سگهي.
ڪراچيءَ کي پنهنجو ڪرڻ جي سلسلي ۾ نه رڳو پيپلز پارٽي پر مسلم ليگ ن به سوڀاري ٿي نه سگهي آهي. مسلم ليگ ن به تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪنهن طرح سان اها ڪراچيءَ ۾ پنهنجو سياسي بيس ٺاهي سگهي پر ان سلسلي ۾ هن کي ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي آهي. ان ڪري اهو عجيب معاملو آهي ته ملڪ جون ٻه وڏيون پارٽيون ڪراچيءَ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيون آهن ۽ جيڪڏهن ڪراچيءَ جي مٿان اها تهمت هنئي وڃي ته ان ۾ ڪو ساڙ يا تعصب آهي ته اهو الزام تحريڪ انصاف جي صورت ۾ غلط ثابت ٿئي ٿو. ڇو ته تحريڪ انصاف هڪ تمام وڏي پارٽي آهي. هاڻي اسان اهو چئي نه ٿا سگهون ته ملڪ ۾ صرف ٻه وڏيون پارٽيون آهن. هڪ پيپلز پارٽي ۽ ٻي مسلم ليگ ن، اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته تحريڪ انصاف ملڪ جي ٽين وڏي پارٽي آهي. جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اها دعويٰ آهي ته هوءَ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي. ان بحث کان هٽي ڪري ته ڪهڙي پارٽي نمبر ون ۽ ڪهڙي پارٽي نمبر ٽو آهي؟ اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته جيڪڏهن عمران خان ڪراچيءَ مان ڪافي سيٽون ڪڍي سگهي ٿو ته اها ڪاميابي مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽيءَ کي ڇو نه ٿي ملي سگهي. جيڪڏهن اسان مسلم ليگ ن کي پنجاب ۾ بنياد رکندڙ پارٽي سمجهون ته گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽي ته سنڌ جي مک پارٽي آهي ۽ اها اقتدار ۾ به رهي آهي. ان جي باوجود به اها ڪراچيءَ جي مرڪز ۾ پاڻ کي مضبوط ڪري ڇو نه سگهي آهي؟ ڇا ان جو سبب اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي ان طرح سان محنت نه ڪئي آهي؟ يا ان جو سبب اهو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ڪراچيءَ جو مزاج مختلف آهي؟ ڪجهه به هجي پر هن ڀيري پيپلز پارٽيءَ جي پوري ڪوشش هوندي ته اها مڪاني چونڊن ۾ متحده جو ڀرپور مقابلو ڪري. هن ڀيري متحده ان پوزيشن ۾ ناهي، جنهن پوزيشن ۾ هن لاءِ ووٽ وٺڻ ڪو مسئلو نه هوندو هو. هن ڀيري پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي. اقتدار ۾ هوندي ڇا پيپلز پارٽي ڪراچيءَ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن دوران عوامي مئنڊيٽ حاصل ڪري سگهي ٿي؟ ان سلسلي ۾ ڪوششون ته ڪافي آهن. پر اها منزل آسان به ناهي.