اڄوڪو ڪالم ان عتراف سان شروع ته سُبتيون ڳالهيون سو سيڪڙو سبتيون نه هونديون ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪجهه ڊويزنن منجهه مڪاني حڪومتن جي چونڊ واري عمل ۾ ليکڪ خود هڪ رٽرننگ آفيسر جي مددگار عملي طور فرض سرانجام ڏنا آهن ۽ سمورو احوال ذاتي تجربي تي آڌاريل هئڻ ڪري ٿورو ٿڪو لِڪ يا رک رکاءُ ضرور ڪيو ويو آهي. ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته ٻين جي باري ۾ سچ لکڻ ۽ چوڻ سولو پر پنهنجي باري ۾ سچ چوڻ يا لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
مون کي اهو جن ڪن ئي ڪانه هئي ته اليڪشن ڪميشن منهنجي تعلقي جي هڪڙي رٽرننگ آفيسر صاحب سان مددگار عملي طور منهنجون خدمتون گھريون آهن. اهو حڪم اوچتو ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي مليو هو. آخر تائين اهو سمجهي به نه سگهيم ته نيٺ ڪهڙي خوبي يا خاميءَ اعلى آفيسرن کي ائين سوچرايو هو. خير، ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندڙ ان ڊيوٽيءَ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته هڪڙي تعلقي ۾ ٽي رٽرننگ آفيسر ۽ پوءِ انهن جا ٻه ٻه ٽي ٽي اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ جي ضرورت ڪانه هئي. ممڪن آهي اهو فيصلو چُونڊ عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو هجي، بجيٽ خرچ ڪرڻ ۽ ڪامورا شاهيءَ کي جاوا ڪرائڻ لاءِ نه پر عملي طور تي اهو نظر آيو ته سنڌي ٻوليءَ جو پهاڪو (گهڻي رنين گهر نه هلي، گهڻي مردين هر نه هلي) بلڪل درست آهي. اهو بهتر ٿئي ها جيڪڏهن تعلقي سطح تي اتان جي اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب کي ئي رٽرننگ آفيسر بڻايو وڃي ها ۽ ان جي مدد لاءِ ٻه يا ٽي اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر مقرر ڪجن ها.
مڪاني حڪومتن جي چونڊ جو پهريون مرحلو مسلسل ٻڏتر جو شڪار رهيو. ان معنى ۾ ته اميدوار توڙي اليڪشن عملو ان خدشي جو شڪار رهيو ته عدالت سڳوريءَ جي حڪم تي ڪنهن وقت به چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو 24 جون تائين جيڪو ڪم ڪار ٿيندو رهيو سو بي دليءَ سان پئي ٿيو. اليڪشن ڪميشن جي آفيس رٽرننگ آفيسر صاحبان کي درست معلومات ڏيڻ، وقت سر هدايتون جاري ڪرڻ ۽ ايتري تائين جو بااختيار بڻجي ڪم ڪرڻ جي معاملي ۾ ناڪام رهي. رٽرننگ آفيسر کان مختلف معلومات وٺڻ لاءِ مخصوص پروفارما هئا جيڪي هڪڙي ئي تعلقي يا ريجن ۾ ڪم ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ رٽرننگ آفيسرن کي هڪ ئي وقت نه ٿي پهچايا ويا. ان ڪري ٿئي ائين پيو ته هڪڙي رٽرننگ آفيسر جو عملو جڏهن شام جو اهڙو ڪو به پروفارما وصول پيو ڪري ته پتو پيو پوي ٻئي رٽرننگ آفيسر جي عملي اهو پروفارما صبح سان ئي ڀري جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڪميشن جي آفيس پاران کيس اهو ڪالهه ئي عطا ڪيو ويو هو. ڪجهه اهڙا فيصلا ڪيا ويا يا هدايتون ڏنيون ويون جيڪي نه تڏهن ۽ نه هينئر تائين منطقي ۽ درست لڳن ٿيون مثال طور هڪڙو ئي ماڻهو ساڳي تڪ ۾ ساڳي سيٽ تي چونڊ وڙهندڙ ٻن مختلف اميدوارن کي تجويز يا سندن تائيد ڪري سگهي ٿو ڇا؟ جواب هو “هائو، ڪري سگهي ٿو”. ايترو ئي نه پر اميدوار پنهنجي مقابلي ۾ بيٺل اميدوار جي تائيد يا تجويز به ڪري سگهي ٿو. زور ان ڳالهه تي هو ته چالان پياري آيو آهي يا نه؟ جيڪڏهن پياري آيو آهي ته نامزدگي فارم وصول ۽ قبول ڪريوس.
سڀ کان وڌيڪ خراب ۽ ٿڪائيندڙ تجربو اليڪشن عملي جون ڊيوٽيون لڳائڻ ۽ انهن جي حاضري يقيني بڻائڻ هو. ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته جنهن صورت ۾ رٽرننگ آفيسر جج صاحبان مقرر ٿيندا آهن، تڏهن انهن کي ايترو اختيار ڏنو ويندو آهي ته اهي سرڪاري ملازمن جي مليل لسٽ منجهان پنهنجي مرضيءَ سان ڊيوٽيون لڳائين جيڪي ڪنهن به قسم جي ردوبدل منجهان ان صورت ۾ ئي گذري سگهن ٿيون، جڏهن سئيءَ جي سوراخ منجهان اٺ ٽپي وڃي. مثال طور ليکڪ جو ذاتي تجربو آهي ته 2013ع وارين عام چونڊن ۾ هڪڙو پرزائيڊنگ آفيسر پاڻ سان گڏ پنهنجي بيمارين ۽ علاج واري تفصيل جو فائيل کڻي اچي رٽرننگ آفيسر اڳيان رنو ته سندس ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي جو هُو ڪنهن ڪم جو نه آهي. جناب جج صاحب جواب ۾ چيس تنهنجي ايترين بيمارين کي ڏسي آئون چاهيان ٿو ته تنهنجي ڊپارٽمينٽ کي حڪم ڪريان تنهنجي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ۽ توکي جبري طور رٽائر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته تون اسڪول ۾ پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ جهڙو به نه آهين. اهڙو جواب ٻڌي استاد محترم پرزائيڊنگ آفيسر جي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. جج صاحبان جي ابتڙ هن ڀيري جڏهن روينيو، تعليم ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن کي رٽرننگ آفيسر مقرر ڪيو ويو ته نتيجو به اهڙو ئي سامهون آيو. هڪ ته اليڪشن ڪميشن جي ضلعي سطح جي آفيس رٽرننگ آفيسرن کي شروعاتي مرحلي ۾ ڊيوٽيون لڳائڻ جي معاملي ۾ بااختيار بڻجڻ نه ڏنو. پر جڏهن آخري وقت ۾ اهڙو اختيار مليو تڏهن رٽرننگ آفيسر صاحبان تي ڊيوٽين جي حوالي سان دٻاءُ ايترو وڌي ويو جو جنهن کي جتي ۽ جهڙي ڊيوٽي ڪرڻي آهي وڃي ڪري، رڳو اليڪشن ڪرائي ڏيو واري صورتحال جڙي وئي. هيءُ همراه بيمار آهي، هوءَ مائي ڳورهاري آهي، اهو چاچو پري پنڌ تي نه وڃي سگهندو، هوءَ چاچي گرميءَ جي ايتري سٽ نه سگهندي، اسان کي اليڪشن عملي کي سهولت ڏيڻي آهي وغيره وغيره جهڙا ايترا ته ٻاراڻا ۽ چڙ ڏياريندڙ دليل پيش ڪيا ويا ۽ انهن دليلن کي ايتري اهميت ڏني وئي جو 25 جون جي شام تائين به ڊيوٽيون تبديل ٿينديون رهيون. ڊيوٽين جي ڳالهه نڪتي آهي ته هڪڙو دلچسپ معاملو اهو به سامهون آيو ته جيترو دٻاءُ مٿئين گريڊ وارن ملازمن پاران پنهنجي ڊيوٽي ختم ڪرائڻ لاءِ وڌو پئي ويو، ان کان ڏهوڻ تي وري هيٺئين گريڊ جا ملازم پنهنجي ڊيوٽي لڳرائڻ لاءِ وجهي رهيا هئا. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ اهو معاملو معاشي هو. پولنگ آفيسر يا اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجو پاڻ کي ايترو ذميوار نه سمجهندا آهن جيترو پرزائيڊنگ آفيسر ذميوار هوندو آهي. ان ڪري انهن لاءِ اها ڊيوٽي هڪڙي ڏينهن ۾ ساڍا چار هزار روپيا ڪمائڻ ۽ لڳ ڀڳ ٽن ويلن تائين پرائو مهمان بڻجي رهڻ کان سواءِ ڪجهه نه هوندو آهي.
اليڪشن ڪميشن کان هڪڙي شڪايت اها رهي ته ان عملي کي گهربل ٽريننگ نه ڪرائي آهي پر جنهن کي ٽريننگ ڪرائي وئي هئي ۽ جنهن وٽ پرزائيڊنگ آفيسر جو ڪم ڪرڻ جو تجربو به هو، اهو به آخر تائين درست رزلٽ نه ٺاهي سگهيو. ان جو وڏو سبب ڪم ۾ دلچسپي نه هجڻ ۽ سڄي ڏينهن جي لڳاتار ڪم سبب ٿيندڙ جسماني ۽ ذهني ٿڪاوٽ آهي. هن ڀيري رٽرننگ آفيسر صاحبان پرزائيڊنگ آفيسرن جا واٽس ايپ گروپ به ٺهرايا ته جيئن ساڻن سولي ۽ تڪڙي رابطي جو بندوبست ٿي سگهي. پر عملي تجربي اهو سيکاريو ته رٽرننگ آفيسر ۽ پرزائيڊنگ آفيسر ايترو واندو هوندو ڪونهي جو گروپ جي پيغامن ڏانهن ڪن ڏئي. ان کان سواءِ هن جديد دور ۾ به ڪجهه پرزائيڊنگ آفيسر اهڙا به آهن جيڪي واٽس ايپ يا اينڊرائيڊ فون استعمال نه ٿا ڪن. اليڪشن عملي پولنگ واري ڏينهن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ شڪايتون پولنگ اسٽيشن تي سهولتن جي اڻاٺ جي حوالي سان هيون. ڪٿي پاڻي، ڪٿي بجلي، ڪٿي سيڪيورٽي ته ڪٿي اچ وڃ جو رستو وغيره نه هئڻ جون دانهون عام هيون. اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ عمل کي ڏکيو ۽ منجهائيندڙ بڻائڻ جي شڪايت به تمام گھڻي هئي، مثال طور مختلف فارمن تي رومن انگ لکڻ جو ڪهڙو منطق آهي جڏهن ته اسان وٽ هاڻي رومن انگ مروج ئي ڪونهن! يا وري 17 لفافا ڏيڻ ۽ انهن لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ فلاڻي شيءِ فلاڻي لفافي ۾ وجهو، فلاڻي شيءِ فلاڻي ۾ وجهي پوءِ اهي ٻئي لفافا گڏائي فلاڻي نمبر لفافي ۾ وجهو! اهڙيون هدايتون پرزائيڊنگ آفيسر کي پريشان ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه نه آهن. پرزائيڊنگ آفيسر جو مددگار عملو ساڻس خاص ڪري رزلٽ جمع ڪرائڻ سامان واپس ڪرڻ وقت تعاون نه ٿو ڪري، اها شڪايت به عام ۽ جائز هئي. ان لاءِ پرزائيڊنگ آفيسر اهو ڪري سگهي ٿو رزلٽ ۽ سامان واپس جمع ٿيڻ تائين مددگار عملي جو معاوضو روڪي رکي پر چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق آهي. ڪو به پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي مددگار عملي پاران ان سلسلي ۾ وڌو ويندڙ دٻاءُ برداشت ڪري نه ٿو سگهي. ان لاءِ گونگو ٻوڙو ۽ پٿر دل ٿي هلڻو پوندس. آخري ڳالهه اها ته ووٽرن توڙي ڊيوٽي ڪندڙ عملي جي سهولت لاءِ معلوماتي سينٽر ۽ ڪائونٽر الڳ قائم ڪرڻ گھرجن ته جيئن اهم ذهني پورهيو ڪندڙ اسٽاف جي ڪم ۾ بار بار رخنو نه پوي. گڏوگڏ هڪڙي پراڻي گُهر اها به آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو مستقل عملو مقرر ڪري، هتان هُتان جا ملازم ڀرتي ڪري اليڪشن ڪرائڻ وارو جڳاڙ بند ڪرڻ گھرجي.