ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مڪاني ادارن جون تڪراري چونڊون

Ediorial-Article- Dastgir Bhatti

گذريل 26 جون تي سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني ادارن جي چونڊن بابت آئون پنهنجي راءِ ڏيڻ کان اڳ پاڪستان جي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان پاران ھن سلسلي ۾ اڱاري تي سڏايل گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ اندر اليڪشن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنز تي ٿيندڙ رتوڇاڻ ۽ سرڪاري مداخلت جو سخت نوٽيس وٺندي نه رڳو تحقيقات جو حڪم ڏنو آهي پر ساڳئي وقت اھو به فيصلو ڪيو آهي ته مڪاني ادارن جي چونڊ واري ٻئي مرحلي ۾ فوج ۽ رينجرس کي ماڻهن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪنداسون ته جيئن ھر ووٽر آزاديءَ سان پنهنجي مرضي مطابق ووٽ جو حق استعمال ڪري سگھي. اڱاري تي ئي جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جي سربراهه راشد محمود سومري، اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سرواڻ سيد زين شاھه ۽ گھڻن ئي شهرن جي انيڪ مقامي ڪارڪنن لاڙڪاڻي، سکر، نوابشاھه، قمبر، گھوٽڪي، نوشهروفيروز، سجاول، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مخالف جماعتن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ڪجھه ھنڌن تي ڌرڻا هڻي روڊ رستا بلاڪ ڪري ڇڏيائون. پنهنجي تقريرن ۾ احتجاج ڪندڙ ليڊرن سنڌ سرڪار تي الزام لڳايو ته سرڪاري عملدارن ۽ پوليس زوريءَ زبردستي ٺپا هڻي، بيلٽ باڪس ڀريا ۽ مخالف پارٽين جي ووٽرن توڙي اميدوارن تي تشدد به ڪيو ويو. گھڻن ئي اميدوارن تي ھٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو ۽ جن جھڪڻ کان انڪار ڪيو انھن جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت ھيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر تي سڪندر سلطان صاحب سخت ناراض ٿيو ڇاڪاڻ ته ھو اليڪشن ۾ امن امان قائم رکي نه سگهيو ۽ ناڪام ٿيو. سڀ کان وڏي غير قانوني حرڪت اھا ڪئي ويئي ته سمورا ريٽرننگ آفيسر توڙي پرزائيڊنگ آفيسر عدليه جي ججن بدران سنڌ سرڪار جي ملازمن يعني ايڊيشنل ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪارن ۽ ويندي ميڊيڪل آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو. اھڙو طريقيڪار پاڪستان جي پنجھتر سالن واري تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪونه اختيار ڪيو ويو جنهن ڪري چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان جي سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر تي ڪاوڙ بنھه فطري ھئي. ھن اھو به حڪم ڏنو آهي ته وفاقي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن پاڻ وڃي جاچ ڪري ته سنڌ اليڪشن ڪميشن جي ناڪاميءَ جا اصل ڪارڻ ڪھڙا آھن. اسلام ڪوٽ تعلقي جي ماڃيٺي نالي ڪنھن پولنگ اسٽيشن جو پرزائيڊنگ آفيسر ھڪڙو ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر گھنشام بجير ھو جنھن کي سندس ئي ماتحت ملازم نه رڳو گاريون ڏيئي بيعزتو ڪيو پر کيس زور سان چماٽ به وهائي ڪڍيائين جنهن تي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مرڪزي صدر ھڪدم ھڪ ليٽر فيڪس ڪري، ان سان گڏ وائرل ٿي ويل انھيءَ ويڊيو جي فوٽيج پڻ چيف اليڪشن ڪمشنر سان شيئر ڪندي ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ھن حملي آور شخص غلام محمد جوڻيجي خلاف بيجا مداخلت ۽ پرامن ماحول کي تشدد ذريعي خراب ڪري اليڪشن ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي الزامن ھيٺ قانوني ڪارروائي نه ڪئي ويئي ته سڄي ملڪ جا ڊاڪٽر اليڪشن ڪميشن خلاف احتجاج طور اسپتالن ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا. ھي خط ۽ ويڊيو انھن بي شمار ويڊيوز کان به وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ھئي جن ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي ھٿياربند غنڊا ماڻهن کي ھيسائيندي ۽ ڌمڪيون ڏيندي نظر اچن ٿا. ھن اڻوڻندڙ واقعي جا ڇنڊا سنڌ جي صوبائي عدليه تي به پئجي سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته 14 ئي ضلعن ۾ مقرر ڪيل ججن کي پنهنجو آئيني فرض نڀائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو.
پڙھندڙن جي ڄاڻ لاءِ اھو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جا آئيني ۽ قانوني اختيار ذري گهٽ سپريم ڪورٽ جيترا آهن. اھو ئي سبب آهي جو اڳوڻو وزير اعظم عمران خان پرڏيهي فنڊنگ واري ڪيس جي فيصلي کي ستن سالن کان روڪي ويٺو ھو. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڪنهن به فيصلي کي سپريم ڪورٽ رد نه ڪندي آهي. وڌ کان وڌ اسٽي آرڊر جاري ڪري ڪيس کي ڪجھه عرصي لاءِ اينگھائي سگھي ٿي. ٻي اھم ڳالهه ھي به آهي ته ھرھڪ پولنگ جي پرزائيڊنگ آفيسر کي مئجسٽريٽ جيترا عدالتي اختيار به ھوندا آھن. اھي ساڳيا پاور ڊاڪٽر گھنشام داس بجير وٽ به ھئا پر ھڪڙو ھندو آفيسر مسلمانن جي ڳوٺ ۾ اھڙي جرئت ڪري وڏيرا شاهيءَ سان ٽڪر کائڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. جنھن ميڊيڪل آفيسر کي چماٽ ھنئي ويئي ان کي ستت ئي منٿ ميڙ ڪري ۽ سندس وڏي ڀاءُ کان دٻاءُ وجهرائي ڏوھي کي بخش ڪري ھڪ ٺاھه به ڪرايو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل اھو راضي نامو مون کي رات ئي اسلام ڪوٽ جي دوستن اماڻي ڇڏيو. مون ان بابت پنھنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ذوالفقار علي ڀٽو سرمائيداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي کي ختم ڪرڻ جو منشور پيش ڪندڙ جنهن عوامي سياسي پارٽي جو بنياد وڌو، گذريل چوڏھن سالن اندر ان پارٽيءَ کي وڏيرن، سردارن، ڀوتارن ۽ ڪارخانيدارن جي جماعت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي انھيءَ ڪايا پلٽ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته يتيم نياڻيءَ ام رباب چانڊيو جي وڏڙن کي قتل ڪندڙ، ناظم جوکئي جي قاتل جوکين جي چڱن مڙسن، معصوم شاگردياڻي تانيه خاصخيلي کي وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڳوٺ ۾ گوليون هڻي ماريندڙ شخص ۽ ھٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي ٻاڏائيندڙ بيگناهھ مائي فھميدہ سيال کي قبر حوالي ڪندڙ ڀوتارن پاڻ کي قانون کان مٿانهون (اردو ۾ لکندا آهن: بالا تر) ثابت ڪري ڇڏيو آهي. اھو سڀ ڪجھه ھاڻوڪي سياسي نظام جي برڪتن صدقي ممڪن ٿيو آهي. تنهن ڪري هن ڊاڪٽر گھنشام کي به اھا پروڙ آهي ته ھو ڇا به کڻي ڪري، طاقتور حاڪمن سان سينو ساهي نه سگهندو. ايترو ضرور آهي ته تاريخ ڪنهن به ظالم کي بخش نه ڪندي آهي. تشدد ڪندڙ ڏوھي غلام محمد جوڻيجي خلاف بيشڪ ڪابه قانوني ڪارروائي نه ٿئي پر سندس ڏاڍائي جو ثبوت وائرل ٿيڻ ۽ خاص ڪري آصف زرداري ۽ بلاول زرداري سان ويجهڙائپ واريون ھن جون تصويرون پ پ جي مستقبل لاءِ تمام ڳريون بڻجي سگهن ٿيون. تازين مڪاني چونڊن ۾ به پ پ جي بدترين ڪارڪردگيءَ خلاف جيڪا عوامي ڪاوڙ ۽ نفرت ظاهر ٿي آهي ان ۾ واڌارو ٿيندو. نفرت ۽ ڪاوڙ ان لاءِ به وڌي وئي آهي جو ماڻهن کي يو سي، ٽائون ڪاميٽي ۽ ميونسپالٽيءَ جي عھديدارن کي پنهنجي مرضيءَ سان چونڊڻ واري حق کان محروم رکڻ خاطر ووٽر لسٽن ۾ هيرڦير، پولنگ اسٽيشنز کي ڪوھين ڏور ڪري ڇڏڻ، پوليس کي کليل ڇوٽ ڏيڻ، مخالفن کي ھيسائڻ لاءِ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ٻيا به گهڻا ئي غير قانوني ۽ غير اخلاقي ڪارڻ آھن جيڪي سوشل ميڊيا ذريعي سڄي دنيا ۾ پکڙجي حڪمران ڌر واسطي بدناميءَ جو باعث بڻجي ويا آهن.
ھاڻي اچون ٿا لوڪل باڊيز اليڪشن ۾ ٿيل ڌانڌلين مان وفاقي حڪومت جي اتحادي پارٽين ۾ ڦڙڦوٽ تي جنهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. جي ڊي اي ۽ تحريڪ انصاف ته آھن ئي پيپلز پارٽيءَ جون مخالف پر مولانا فضل الرحمان جي جمعيت علماءَ اسلام ھن اشو تي ڪمپرومائيز ڪري نه سگهندي. آئون نه ٿو مڃان ته جي يو آئي سنڌ جو صدر راشد محمود سومرو پنهنجي سرواڻ مولانا فضل الرحمان جي اجازت کان سواءِ سنڌ سرڪار کي اهو چتاءُ ڏيئي سگهي ٿو ته جيستائين سنڌ جي چوڏھن ئي ضلعن ۾ ٻيھر شفاف چونڊون نه ڪرايون وينديون تيسين ھو سڄي سنڌ ۾ احتجاج جاري رکندا. ايم ڪيو ايم به اسٽيبلشمينٽ جي پالتو جماعت آهي جنهن سکر، نوابشاھه ۽ ميرپورخاص جي نتيجن تي سخت اعتراض واريو آھي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي وڌندڙ عوامي مقبوليت به اسان جي سامهون آهي. جيڪڏهن ھي سڀ ۽ ٻيون قوم پرست جماعتون گڏجي پرامن احتجاج ڪن تڏهن به سنڌ سرڪار لاءِ ڏچا پيدا ٿيندا. ھنن سڀني جماعتن رڳو ٺلھا الزام نه مڙھيا آهن پر انھن الزامن جا ثبوت به سوشل ميڊيا ذريعي رڪارڊ ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اماڻيا اٿن. آئون چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. ھو ھڪ ديانتدار ماڻهو آهي. عمران خان ڀلي پيو کيس گھٽ وڌ ڳالهائي پر فيصلا پنھنجي ضمير جي آواز مطابق ڪندو آهي. جيئن ھو چئن سالن تائين وزيراعظم عمران خان جي داٻن کي ھڪڙي ڪن مان ٻڌي، ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو ۽ فارين فنڊنگ ڪيس کي دفن نه ڪيائين تيئن ڏسجو ته سنڌ جي تازين چونڊن کي به ھو ڊسڪا سيالڪوٽ واري چونڊ وانگر رد ڪري ڪيترين ئي تڪراري پولنگن تي نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي دير نه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button