ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي اداس سياست

Editorial-Article-Aijaz Mangi

عمران خان ۾ اها تڪڙ نه رهي آهي، جيڪا هڪ ٻه مهينو اڳ هئي. هن مهل محسوس ٿي رهيو آهي ته هو ملڪي سياست جي رمز سمجهي ويو آهي. هن کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته هن کي انتظار ڪرڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي ته هو بني گالا تائين محدود ٿي ويو آهي. هن کي سمجهايو ويو آهي ته جيڪڏهن هو ايتري جلدبازي ڪندو ته هو اقتدار ۾ اچڻ جا امڪان گهٽائيندو. عمران خان کي اهو سياسي عقل اڳ ۾ اچي وڃي ها ته هو اسلام آباد واري لانگ مارچ جو سياسي ايڊوينچر نه ڪري ها. هاڻي هن کي ڪجهه وقت خاموش ٿي ويهڻو پوندو. خاص طور تي ايترو وقت جيتري وقت ۾ اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي تياري ڪري وٺي ۽ جيتري دير هيءَ حڪومت عالمي ادارن جون شرطون تسليم ڪري ملڪي معاشيات کي اها شڪل ڏئي، جيڪا آءِ ايم ايف چاهي ٿي. خاص طور تي ايستائين جيستائين ملڪ جي موجوده آرمي چيف جو مدو مڪمل ٿئي ۽ نئون آرمي چيف عسڪري قيادت جي مرضيءَ مطابق مقرر ٿئي. ان وقت تائين عمران خان کي انتظار جو اهو شرط قبول ڪرڻو پوندو، جيڪو هن جي مزاج مخالف آهي.

عمران خان جڏهن نئون نئون اقتدار مان اقتدار مان آئوٽ ٿيو هو، تڏهن هڪ صحافيءَ مشڪريءَ جي انداز ۾ هن کان اهو سنجيده سوال پڇيو هو ته “ڇا هاڻي اوهان به اهو سوال پڇا ڪيو ٿا ته مجهي ڪيون نڪالا؟” تڏهن عمران خان کلي چيو هو ته “نه. مون کي معلوم آهي ته مجهي ڪيون نڪالا؟” ڇا عمران خان کي ان مهل معلوم هو ته هن کي اقتداري سهاڳ کان ڏهاڳ جو ڏنڊ ڇو مليو؟ عمران خان کي جيڪڏهن ان مهل نه ته گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تائين اها ڳالهه بلڪل به سمجهه ۾ اچي وئي آهي ته هن کي پاڪستان مٿان حڪومت ڪرڻ جي حوالي سان ان فٽ Unfit ڇو قرار ڏنو ويو هو؟ عمران خان جي علم ۾ پاڪستان جي پاور پاليٽڪس جو اهو نازڪ نقطو ته اچي ويو آهي پر هو ان راز کي ڪڏهن به عالم آشڪار ڪري نه ٿو سگهي. ملڪي سياست جو اهو راز سمجهڻ جي لاءِ اسان کي ان جنرل جي رٽائرمينٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو، جنهن کي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي يادگيرين تي مشتمل هڪ عدد ڪتاب لکڻ جو خيال اچي يا هن کان ڪوئي دبنگ اينڪر سنجيدگيءَ سان پڇا ڪري عمران خان جو آخر ڪهڙو ڏوهه هو جو هن کي اقتدار مان آئوٽ ڪيو ويو ۽ هن جي جاءِ تي شهباز شريف ۽ آصف زرداريءَ جهڙي جوڙيءَ کي حڪومت هلائڻ جي سلسلي ۾ قبول ڪيو ويو؟

اهو ممڪن آهي ته هڪ ڊگهو ۽ گهرو ساهه کڻي اهو شخص چوي ته: پاڪستان جي سياست ۾ فوج جي مداخلت اصولي طور تي نه ٿيڻ گهرجي پر اها ٿيندي رهي آهي. جڏهن ته فوج اهو قطعي طور تي برداشت ڪري نه ٿي سگهي ته هن جي اداري ۾ ووٽن وارا سياستدان مداخلت ڪن. عمران خان اسٽيبلشمينٽ جي سلسلي ۾ ڪجهه گهڻو ئي حجائتو ٿي ويو هو. ان ڪري هن فوج جي فيصلن ۾ مداخلت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. هن کي پنهنجي حد ۾ بيهارڻ لاءِ اهو قدم کڻڻ لازمي هو.

تازو عمران خان اهو بيان به ڏنو هو ته “انهن کي اهو خوف هو ته آئون جنرل فيض کي آرمي چيف مقرر ڪندس” جڏهن ته عمران خان کي بعد ۾ ان تي به ڇنڊ پٽي وئي هوندي ته آخر هو اهڙا بيان جاري ڪرڻ کان باز ڇو نه ٿو اچي؟ اهو نازڪ نقطو سمجهڻ جي لاءِ آمريڪا جي محقق اسٽيفن ڪوهين جو جڳ مشهور ڪتاب “پاڪستان آرمي” پڙهڻ جي ضرورت ناهي ته فوج ڪڏهن به نه چاهيندي آهي ته هن جي ڊسيپلين ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪئي وڃي.

پاڪستان جي اقتداري اولمپس ۾ اهو گناهه جڏهن ميا نواز شريف کان سرزد ٿيو هو ته هن کي نه صرف اقتدار تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا هئا پر کيس ملڪ مان به نڪرڻو پيو هو. جيڪڏهن عمران خان پنهنجي سياسي مخالف کي مليل سزا مان سکي ها ته هو هن مهل به پاڪستان جو پرائيم منسٽر بڻيل رهي ها. هن نه صرف ملڪي پر عالمي اسٽيبشلمينٽ سان به الجهڻ ۾ دير نه ڪئي. ان جي نتيجي ۾ هو بني گالا جو بنواس ڪاٽي رهيو آهي. هن کي هن مهل به وقت ڏنو ويو آهي ته هو نه صرف پنهنجي ڪيل غلطيءَ کي تسليم ڪري پر ان جو به يقين ڏياري ته هو وري اهڙا “ڏيلون” نه کائيندو. صرف ان صورت ۾ هن ٿي عائد ٿيل عذاب ختم ٿي سگهي ٿو پر اهو خاتمو به مرحيلوار ئي ممڪن آهي. ان سبب عمران خان هن وقت سانت رهڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي ۽ هن کي اهو به سمجهايو ويو آهي ته هن جي تنقيد جي بندوق جو رخ صرف ۽ صرف پنهنجي سياسي برادري يعني شريف ۽ زرداري تائين محدود هجڻ گهرجي. هن کي اسٽيبلشمينٽ مٿان تنقيد ڪرڻ جو حق ڪنهن به صورت ۾ حاصل ناهي.

عمران خان هاڻي انتظار ڪري رهيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن جو ڪنڊن وارو تاج پنهنجي سر تي سجائي ويٺل حڪمران ڪجهه وقت ڪڍن ۽ ان کان پوءِ هلندڙ سال آرمي چيف جي تبديليءَ جو مرحلو به خيرخوبيءَ سان تڪميل کي پهچي ته پوءِ ملڪ جي سياسي گهوڙن کي اها اجازت ڏني ويندي ته هو ڀلي اقتداري ريس ۾ لهن. پر هن مهل ڪنهن کي به اها موڪل نه ٿي ملي سگهي ته هو ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن ۾ مداخلت جو تصور به ڪري سگهي. عمران خان کي انتظار جي اذيت مان ان ڪري گذرڻو پيو آهي جو هاڻي هو اعتبار جوڳو نه رهيو آهي ته هو پنهنجي حد ۾ رهندو. هن پاران ملڪ جي حساس اداري جي سربراهه جي تبديليءَ ۾ مداخلت ڪرڻ مهانگو پئجي ويو. جيتوڻيڪ هن کي ان وقت به اهو نازڪ نقطو سمجهائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي هئي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو پنهنجو مخصوص مڪينزم آهي. ان ۾ مداخلت ڪرڻ جو مطلب اقتدار وڃائڻ به ٿي سگهي ٿو. پر جيئن ته عمران خان ان مهل تائين شريف خاندان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ اختلافن جي بلند ديوار تعمير ڪري ويو هو ۽ هن کي اهو به معلوم هو ته زرداريءَ کي وري ڪڏهن به ڪي پوسٽ Key Post نه ڏني ويندي. ان صورتحال جو فائدو وٺڻ لاءِ عمران خان پنهنجيون من مانيون ڪرڻ لڳو هو ۽ هن کي اقتدار مان جهٽڪو ڏئي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته کيس هج هوندي به پنهنجي حد ۾ رهڻ جي پريڪٽس ڪرڻي پوندي. هن مهل هو اهو ئي ڪجهه ڪري رهيو آهي.

عمران خان جو هڪ الميو اهو به هو ته هو اڪثر حڪمرانن وانگر اقتدار جو ڍءُ برداشت نه ڪري سگهيو. هن کي محسوس ٿيڻ شروع ٿيو ته هن جا چيلا چمچا جيڪو ڪجهه خوشامد ڪندي چئي رهيا آهن، اهو ڪجهه واقعي سچ آهي. هو واقعي به پاڪستان جهڙي مسڪين ملڪ جو تمام مهانگو Precious ليڊر آهي. هن جهڙو اڳواڻ هن ملڪ کي هن مهل تائين نه مليو هو ۽ اهڙا اڳواڻ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. عمران خان واقعي پاڻ کي صدين جي صدا سمجهڻ شروع ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ هن جا اهڙا حال ٿيا جو هن وقت هو سياست جي اداس بن ۾ بيٺو آهي. هن جي انداز مان ته هن مهل به اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته هو پاڻ کي مليل سزا کي پاڻ سان ڪيل زيادتي سمجهي ٿو پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته “بيوس اٺن بار ڇڏيا” جهڙي صورت ۾ هڪ قيديءَ وٽ جيل جو سيخون ۽ اتان جا اصول قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هوندو آهي، تهڙي طرح عمران خان کي به اهو ڪجهه قبول ڪرڻو پئجي ويو آهي، جنهن جي لاءِ هو قطعي طور تي تيار نه هو.

عمران خان هاڻي ته آمريڪا تي به ڇوهه ڇنڊڻ جو سلسلو صفا گهٽائي ڇڏيو آهي. هن کي سمجهايو ويو آهي ته هو عالمي سياست جي تضادن کان پري رهي ته هن جي سياسي صحت جي لاءِ صحيح آهي.

عمران خان جي بنيادي غلطي اها به هئي ته هن تحريڪ انصاف جهڙي غيرسنجيده ۽ غيرمنظم ۽ سياسي علم کان وانجهيل پارٽيءَ جي مٿان ايترو بار وجهڻ شروع ڪيو، جيترو بار ان قسم جي پارٽي ڪنهن به طرح سان برداشت ڪري نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب بڻيو ته عمران خان جي پارٽي پاڪستان ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ سياست جو بار نه کڻي سگهي. ان جي چيلهه چٻي ٿيڻ ۾ ڪا دير به لڳي. ڇو ته نعرا هڻڻ ۽ جهمريون پائڻ الڳ آهي. جڏهن ته ملڪي سياست جي ميدان تي گهڻ طرفو مقابلو ڪرڻ ان پارٽيءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، جنهن پارٽيءَ جي اڳواڻ ڀلي هڪ عدد ڪتاب لکيو يا لکايو هجي پر هن وقت تائين ٻه سياسي ڪتاب به نه پڙهيا آهن. هن کي ڪجهه به معلوم ناهي ته ملڪي سياست جو تاڃي پيٽو ڇا آهي ۽ پاڪستان ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت ۾ طاقت جو تواز قائم رکڻ جي سلسلي ۾ ڇا ڪيو ويندو آهي.

اقتدار اڪ جي ماکي ناهي. پر پاڪستان ۾ اقتدار جيتري آسانيءَ سان ملندو آهي، ايتري آسانيءَ سان کسيو به ويندو آهي. جنهن ملڪ ۾ بينظير ڀٽو جهڙي ليڊر ٻه ڀيرا اقتدار ماڻڻ جي باوجود به پنهنجو آئيني مدو هڪ ڀيرو به پورو ڪري نه سگهي، ان ملڪ ۾ صرف آصف زرداريءَ جهڙا اڳواڻ سيني تي هٿ هڻي پنهنجي اها سوڀ بيان ڪري سگهن ٿا ته انهن اقتداري مدي جو آخري ڏينهن به مڪمل طور تي مزي سان گذاريو. جڏهن ته ان جو سبب اهو ڪجهه نه هو، جيڪو ڪجهه هن جا خوشامندي حلقا هن کي ٻڌائي رهيا آهن. پاڪستان ۾ پاور جو طلسم تمام گهڻو آسان ۽ تمام گهڻو پيچيده آهي. پاڪستان ۾ اقتدار ملڻ ته آسان آهي پر پاڪستان ۾ اقتدار ۾ رهڻ مشڪل آهي. اقتدار ۾ رهڻ جو مطلب هر حڪم کي تسليم ڪرڻ ۽ هر شرط کي قبول ڪندي، پنهنجي حڪومتي حد ۾ رهڻ واري ريت تي هلڻ تمام ضروري هوندي آهي. جيڪو حڪمران اهي شرطون تسليم نه ڪندو، ان جي سياست عمران خان جيان اداس ٿيڻ کان بچي نه سگهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button