ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وڌندڙ مهانگائي: عوام لاءِ ڪو رليف آهي؟

Editorial

هاڻوڪي حڪومت وٽ مهانگائي وڌائڻ جا جيڪي جواز آهن، انهن سان عوام ڀلي مطمئن نه ٿيندو هجي پر حڪومت سمجهي ٿي ته اها عوام تي مهانگائيءَ جو بار وجهي، ملڪي معيشت کي بهتر ڪري رهي آهي. خزاني وارو وزير مفتاح اسماعيل هر ڀيري پيٽرول جون قميتون وڌائي عوام کي ٻڌائيندو آهي ته ملڪ ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جيڪڏهن ملڪ ڏيوالو ٿيڻ کان بچي ويو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي بلند ترين سطح تي ڇو آهي. عوام لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ ڏکيو ڇو ٿي ويو آهي ۽ ان کان سواءِ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو پيڪيج ڇو ڪونهي؟ گذريل چئن سالن کان عوام مهانگائيءَ کي سهندو پيو وڃي. هاڻ پيٽرول جا اگهه ايترا وڌي ويا آهن جو عوام لاءِ گاڏيون هلائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. مهانگائيءَ جي ماريل عوام ڪالهه ڪراچي ۽ لاهور ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن. اهو ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي ته عوام ۾ هاڻي سهپ بلڪل به ڪانه رهي آهي. عوام هاڻ مهانگائيءَ جو بار نٿو سهي سگهي، پر تنهن هوندي به حڪومت مهانگائي ڪندي پئي وڃي ۽ ان لاءِ اهو مسئلو ئي ڪونهي ته اها ڪيتري عوام تي وڌيڪ ڪيترو بار ٿي وجهي.
ٻه ڏينهن اڳ به حڪومت پيٽروليم جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن سان عوام جي معاشي حالت اڃا به وڌيڪ خراب ٿيندي ۽ ان لاءِ پنهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ به ڏکيو ٿي ويندو. حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي. پيٽرول جي نئين قيمت ۾ 14 رپيا 85 پئسا في لٽر تي واڌ ڪئي، جنهن کانپو نئون اگهه 248 رپيا 74 پئسا في لٽر ٿي ويو آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13 رپيا 23 پئسا واڌ ڪري 276 رپيا 54 پئسا في لٽر ڪيو ويو آهي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 68 پئسا في لٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 226 رپيا 15 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي. اهڙي ريت گاسليٽ جي قيمت ۾ به 18 رپيا 83 پئسا واڌ ڪئي وئي ۽ نئين قيمت 230 رپيا 26 پئسا ٿي وئي آهي. جڏهن ته پيٽروليم ليوي تي پيٽرول تي 10 رپيا في لٽر، ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل تي 5 -5 رپيا في لٽر لاڳو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب نوان اگهه رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن. ان کان اڳ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي هئي.ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح هن وقت 21 ڏهائي 32 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا 13 سالن کان وڌيڪ عرصي جي بلند ترين شرح آهي. پاڪستان جي شماريات واري کاتي ماهوار رپورٽ جي انگن اکرن موجب جون ۾ مهانگائيءَ جي شرح وڌيڪ 21 ڏهائي 32 ٿي وئي آهي، جيڪا ڊسمبر 2008ع کان پوءِ مهانگائي سڀ کان وڌيڪ شرح آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ حڪومت ۾ وڌ کان وڌ مهانگائي 14 ڏهائي 6 سيڪڙو رهي هئي، جڏهن ته هلندڙ سال مئي جي ڀيٽ ۾ جون ۾ مهانگائيءَ جي شرح 6 ڏهائي 34 جي وڏي واڌ ٿي آهي. شماريات کاتي جي رپورٽ مان واضح نظر اچي رهيو آهي ته هيءَ حڪومت مهانگائيءَ کي ڪنٽرول نه پئي ڪري سگهي ۽ پنهنجون سموريون توانائيون مهانگائي وڌائڻ ۾ استعمال ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام لاءِ پريشانيون وڌي رهيون آهن پر ان لاءِ زندگيءَ جا عام معاملا هلائڻ به ڏکيا ٿي ويا آهن.
حڪومت پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ کان پوءِ ان پاسي به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته عوام روزمره جي استعمال ۾ جيڪي شيون استعمال ڪري ٿو، انهن تي ڪو رليف ڏنو وڃي. عوام کنڊ، چانور، اٽو، پتي ۽ گيهه وڏي مقدار ۾ استعمال ڪري ٿو پر حڪومت انهن اسمن تي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪانهي. حڪومت گهٽ ۾ گهٽ دڪانن تي انهن اسمن تي ته رليف ڏيڻ جو ڪو پروگرام تيار ڪري. ڇاڪاڻ ته يوٽيلٽي اسٽورن تي جيڪا سبسڊي ڏني وئي آهي، اها به محدود آهي، اتي ماڻهن جي ايتري رسائي ناهي ۽ هاڻ اتي به کاڌي پيتي جون شيون بنهه گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهن. جڏهن اهي شيون ئي ايتريون مهانگيون هونديون ته ماڻهن جي رڌڻي ۾ کاڌي پيتي جون شيون ڪونه پهچي سگهنديون. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاڌي پيتي جي شين تي عوام کي وڏو رليف ڏنو وڃي. هن وقت عوام ٿوري انگ ۾ احتجاج ڪرڻ لاءِ شهرن نڪري پيو پر ان کي گهڻي وقت تائين روڪي نٿو سگهجي، جڏهن عوام جڏهن وڏي پئماني تي احتجاج ڪيو ته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو. تنهنڪري عوام کي وڌيڪ نه آزمايو وڃي. ڇاڪاڻ ته وڌندڙ مهانگائي ملڪ ۾ انارڪي کي جنم ڏئي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button