ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سوشل ڊائليما ۽ نوجوان نسل

Editorial-Article-Sadaf Shaikh

تازو ئي نيٽ فلڪس تي هڪ ڊاڪيومينٽري تيار ڪري هلائي وئي آهي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا جي حوالي سان تمام بهترين ڄاڻ ڏني وئي آهي. هن ڊاڪيومينٽري ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته سوشل ميڊيا ڪهڙي ريت اسان لاءِ هاڃيڪار آهي. ان جو تمام گهڻو استعمال ڪيئن اسان کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ڪيئن اسان جي دماغ کي ڪنٽرول ڪري اسان کي استعمال ڪيو پيو وڃي. مون جڏهن اها ڊاڪيومينٽري ڏٺي ته حيران ٿي ويس ته هي ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آهي؟ اسان مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي صبح جو اٿڻ شرط برش ڪرڻ کان اڳ پنهنجو سيل فون چيڪ ڪندا آهن. دراصل اهو اتفاق فقط ڪجهه ماڻهن سان نه بلڪه سڀني ماڻهن سان آهي. جنهن جو زنده مثال مان پاڻ آهيان.

اوهان ڪڏهن اهو نوٽ ڪيو هوندو ته ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيندو آهي جو اسان جيڪا وڊيو يا ڪا پوسٽ ڏسڻ چاهيندا آهيون، اها ئي اسان کي وري وري ڏسڻ لاءِ ملندي آهي، جيئن اسان ڪا غمگين وڊيو يا وري غمگين پوسٽ پسند ڪئي ۽ وري پنهنجي فيس بڪ وال تي شيئر ڪئي ته ساڳئي طريقي جون ملندڙ جلندڙ وڊيوز اسان کي ڏسڻ لا ملنديون پيون. فيس بوڪ کان سوا ٻيون ڪيتريون ئي (APPS) آهن، فيس بڪ تي ئي کوڙ ساريون (APPS) آهن، جيڪي ماڻهو پسند به ڪندا آهن ۽ شيئر به ڪندا آهن، جيئن هڪ ايپ جو نالو آهي (BAM)، ان ۾ ائين لکيل هوندو آهي ته اوهان جي ڪنهن سان پڪي دوستي آهي. اوهان ڪيترا خوبصورت آهيو. اوهان جي دل ڪيتري مضبوط آهي وغيره وغيره.
هاڻ حقيقت اها آهي ته اوهان جيڪا به شيءِ سرچ ڪريو ٿا، اها گوگل تي هجي يا فيس بڪ تي يا انسٽا گرام يا وري يوٽيوب تي. جتي به اوهان سرچ ڪريو اهو ڊيٽا سيو ٿيندو آهي.
آرٽيفيشيل انٽليجنس (هٿرادو ذهانت) تحت اوهان جي هر شيءِ کي ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. ٺيڪ ساڳيو شيون اسان وٽ اينديون رهنديون آهن. هي ڪو جادو يا جنن جو چڪر ناهي دراصل ٺيڪ اسان جهڙا انسان هنن وٽ موجود آهن، جيڪي اسان جي هٿن جي آڱرين سان ئي اسان کي (Notice) ڪن ٿا ۽ اسان جهڙو هڪ فرضي انسان ٺاهي پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکيو اٿن، جنهن سان اسان جي دماغ کي پڙهي سگهن. اسان جڏهن فيس بوڪ، انسٽا گرام يا ٻي ڪابه ايپ استعمال ڪندا آهيون ۽ وري ڪا ايڊ ڏسي ان ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون، ائين ڇو ٿيندو آهي يا وري ائين ڏسجي ته اهي ايپس اسان کي مصروف رکي ڪهڙو فائدو حاصل ڪري رهيون آهيون، ڪيترا ڀيرا آن لائين ڪورس ايندا آهن. جن کي ڪرڻ کانپوءِ اسان کي سرٽيفڪيٽ به ملندو آهي، ان سان هنن ڪمپنين کي ڪهڙو فائدو آهي.
هن ئي ڊاڪيومينٽريءَ ۾ هڪ ڊائيلاگ آهي”If you are not paying for the product you are the product” مطلب جيڪڏهن اوهان ڪنهن اسم لا ڪا قيمت ادا نٿا ڪريو ته توهان پاڻ هڪ اسم آهيو.
جي ها! اسان (Product) آهيون ڇو ته اسان ڪجهه ۾ ادا ٿا ڪريون ۽ اهي ڪمپنيون اسان جي گهڻي استعمال سان ڪروڙين ڊالر ڪمائين ٿيون. اهي اهڙي قسمن جا (Software) ٺاهين ئي ان ڪري ٿيون ته جيئن اهي لکين روپيا ڪمائي سگهن.
جڏهن مون اها ڊاڪيومينٽري ڏٺي ته مون فيصلو ڪيو ته هاڻ مان سوشل ميڊيا جا سڀ اڪائونٽ بند ڪري ڇڏينديس پر اهو ناممڪن آهي ڇو ته اڄڪلهه جي دور ۾ سوشل ميڊيا کان سوا هلڻ ممڪن نه رهيو آهي. ميڊيا اڄڪلهه جي دور ۾ پٺي جي ڪنڊي جهڙي اهميت رکي ٿي. جيئن ان جا نقصان آهن ائين فائدا به آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪاروبار ڪري ٿو ته هو پنهنجي ڪاروبار ۽ پنهنجي هنر يا ڄاڻ بابت سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ٿو، ان کان پو هو انهن ايپس جو استعمال ڪري ٿو. جيئن اڄڪلهه ماڻهو دراز ۽ امازون وغيره تان سستيون شيون وٺڻ پسند ڪن ٿا. بلڪل اهڙي ريت کاڌي پيتي لاءِ ماڻهو فوڊ پانڊا جو استعمال ڪن ٿا. انهن سستين شين ۽ ايپس ۾ فائدو نه آهي پر نقصان پڻ آهي. هن سان اسان جو جسم هر وقت آرام جو عادي ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن اسان ٿورو پنڌ هلي اها شيءِ وٺي اچون ها ته شايد اسان کي شيءِ مناسب پئسن ۾ ملي وڃي ها ۽ اسان جي ٿوري ورزش به ٿي وڃي ها. آن لائين ۾ بس اسان آرڊر ڪندا آهيون ۽ پئسا گهٽ وڌ نه ڪرائي سگهندا آهيون. ڪافي ڀيرا ائين به ٿيو آهي ته شيون خراب به اچي وينديون آهن ۽ اسان واپس نه ڪرائي سگهندا آهيون.
مولانا رومي جو قول آهي جيڪا به شيءِ ضرورت کان وڌيڪ آهي، اها زهر آهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن ڪمپنين ۾ ڪم ڪرڻ وارا پنهنجن ٻارن کي سوشل ميڊيا کان پري رکن ٿا ۽ اسان انهن جو منطق سمجهي ئي نٿا سگهون پر اهي ڪم ڪندڙ ملازم سمجهن ٿا، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته اڳيان ڇا ٿيڻ وارو آهي ۽ ڇا ٿي رهيو آهي.
هڪ تحقيق موجب دنيا ۾ لکين نوجوان نشي جا عادي آهن، جنهن جي ڪري اهي ڊپريشن ۽ (Anxiety) جو شڪار ٿي ويندا آهن. ڇو ته نوجوان ضرورت کان وڌيڪ وقت موبائيل فون کي ڏين ٿا ۽ ايتري قدر هر سٺي ۽ خراب ڳالهه کي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪن ٿا. ڪافي ڀيرا ائين به ٿيندو آهي ته ڪجهه ماڻهن کي هڪ بيڪار پوسٽ تي به الاهي سارا ڪمينٽ ۽ لائيڪس ملندا آهن ۽ ڪن کي بهترين پوسٽ تي به ڪجهه نه ملندو آهي. هڪ خاص سبب اهو به آهي، جيڪو ان ماڻهو کي پنهنجي پوسٽ ڪيل مواد بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته ائين ڇو ٿيو ۽ ڏينهون ڏينهن نوجوان مايوسي جو شڪار ٿيندا ٿا وڃن.
ان جو هڪ مثال هي آهي ته جڏهن ڪورونا وائرس جي وبا ڦهليل هئي ته هڪ فلم جو هڪ سين ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ روڊ تي پئسا پيا هئا ۽ ماڻهن جا لاش به اتي ڀرسان موجود هئا پر پئسن ڏانهن ڪير به ڌيان نه پيو ڏي. انهن جو ڌيان فقط پنهنجن پيارن ڏانهن هو. سڀني کي اهو لڳو ته هر ڪنهن ملڪ جي موجوده صورتحال اها آهي جڏهن ته اهو هڪ فلم جو سين هو. اهڙي ريت کوڙ ساريون غير حقيقي خبرون اينديون آهن ۽ عوام انهن جي پٺيان لڳي ويندو آهي ۽ جڏهن اسان اهي مصيبتون پنهنجي زندگي ۾ محسوس ڪندا آهيون ته اسان جو دماغ اهو سوچڻ لڳندو آهي ته اسين به انهن شين کي ختم ڪري ڇڏيون. يقين ڪريو ته مون جڏهن اها ڊاڪيومينٽري ڏٺي ته فيصلو ڪيو ته آئون به سوشل ميڊيا جا سڀ اڪائونٽ ختم ڪري ڇڏيان. پر اهو اًڄوڪي دور ۾ ناممڪن آهي. ان ڪري بهتر اهو آهي ته اسان پنهنجون جسماني سرگرميون وڌايون، ان سان گڏ واڪ، ورزش ۽ راند روند کي اهميت ڏيون. پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجن نسلن کي تباهه ٿيڻ کان بچايون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button