ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪرپشن جي ڪُنَ ۾ ڦاٿل سياست ۽ رياست

Editorial-Article-Mumtaz Mangi

هن خطي جي المين ۾ اذيت ناڪ بدترين الميو هي رهيو آهي ته هن خطي جي پوري تاريخ جنگين تعصبن ۽ ڪرپشن جي تاريخ رهي آهي هونئن ته پورو انساني سماج يا پوري انساني سماجن جي تاريخ پنهنجي ارتقائي سفر ۾ انهن ئي مرحلن مان گذرندي هن وقت تائين پهچي چڪي آهي يعني جنگين جي تاريخ نسلي ۽ مذهبي تعصبن جي تاريخ ڦرمار ۽ ڪرپشن جي تاريخ پر جن رياستن جي اندر رياست کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ۽ سماج کي اندروني گهوٽالن کان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ سياسي تحريڪون اڳتي وڌيون تڏهن انهن ۾ بنيادي اصول اهوئي اختيار ڪيو ويو ته وڌ کان وڌ سياست جي ذريعي سان ڪرپشن جي گندگي کي پهريان پارٽين جي اندر يعني سياسي عمل مان ختم ڪجي ۽ پوءِ رياست جي ادارن مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو صفايو شروع ڪجي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو جن سماجن ۾ يا رياستن ۾ اهو عمل طاقت سان اڳتي وڌيو ته انهن رياستن ۾ پهرين مرحلي تي سياست پنهنجي اندران گندگي صاف ڪئي ۽ پوءِ رياست جي ادارن کي انهيءَ غلاظت ۽ گندگي کان صاف ڪيو طبقاتي سماجن ۾ استحصال ۽ رياست کان مراعتن جو عمل طبقاتي سماج جي لازمي فطرت جو حصو آهي پر عامل سطح تي ادارن جي اندر ڪرپشن جنهن سان رياست جي طاقت ۽ رٽ بري طرح سان ڪمزور ٿي وڃي سماج جي اندر ڪو به نظم ۽ ضبط قائم نه رهي ڇو ته ڪرپشن اهڙي ڪوڙھه جي مرض جيان آهي جيڪو پوري رياستي وجود ۽ سماج کي وڪوڙي ڇڏيندو آهي انهيءَ ڪري انهيءَ جي لازمي صورت اها هوندي آهي ته جنهن سماج ۽ رياست ۾ بي لغام ڪرپشن ٿئي ٿي اتي بد کان بدتر طريقي سان انارڪي پيدا ٿيندي آهي ۽ انارڪي کي سمجھڻ ڏکيو ناهي يعني جتي رياست جي قانون جو ڪو به احترام نه ٿئي پنهنجي من ماني ۽ طاقت جو زور استعمال ڪندي فرد ۽ گروهھ ڀونچال پيدا ڪري ڇڏين دنيا جا ترقي يافته ملڪ پنهنجو پاڻ کي ان بدترين ۽ گندين بيمارين کان گھڻي ڀاڱي آزاد ڪري چڪا آهن تنهن ڪري اتي رياست جي رٽ سياست ۽ جمهوريت ڪافي بهتر ۽ ترقي ڪندي نظر اچي ٿي ليڪن هو خطو هڪ غلامانه يعني ڪالونيل دور کان هن مهل تائين انهيءَ ڪرپشن جي ڪوڙڪي ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو.
خاص ڪري پاڪستان جي رياست ڪرپشن جي ان بيماري ۾ ايترو وڪوڙجي چڪي آهي جو هاڻي هو جياپي جي جنگ آئي سي يو بيڊ تي ڪري پئي ڪمزور ۽ نٻل وجود سان دنيا جي مالياتي ادارن خاص ڪري آئي ايم ايف کان آڪسيجن لاءِ ٻاڏائي پئي اهڙي مرحلي تي دنيا جو استحصالي ۽ سامراجي ادارو جيڪي به شرط پنهنجي قرض ۽ وياج جي وصولي جي لاءِ لڳائيندو انهن کي مڃڻ هن ملڪ جي حڪمرانن جي لاءِ نه رڳو لازم آهن پر هو انهيءَ تي عمل ڪندي باربار اهوئي چوندا ته “اهي ڪوڙا فيصلا ڪرڻ اسان جي مجبوري آهي” ۽ پوءِ حسب عادت ماضيءَ جي حڪومتن تي نااهلي ڪرپشن ۽ ڪمزورين جي الزام جو هڪ داستان هڪ روز ميڊيا جي زينت بڻيل نظر اچي ٿو. غير جانبدار ۽ عوام دوست معاشي ماهر باربار حڪومتي پاليسين يعني هر دور جي حڪومت جي پاليسين تي رڳو تنقيد ناهن ڪندا رهيا پر هو خود ڪفالت ۽ عالمي مالياتي ادارن جي قيد مان نڪرڻ جي لاءِ معاشي پلان به ڏيندا رهيا آهن پر انهن تمام معاشي پلانن ۾ اهم نقطو اهوئي رهيو آهي ته انهن تي عمل ڪرڻ سان نه رڳو رياست جي طرفان اشرافيا ڪلاس کي ملندڙ مراعتون جيڪي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڪرپشن جي زمري ۾ اچن ٿيون اهي ختم ڪرڻيون پونديون رياست جي ادارن جي ادارن جي اندر تي بيروڪريٽس جي ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ کان وڌيڪ خود حڪومت يعني ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو.
هن ملڪ جي عوام کي اهو ته ٻڌايو وڃي ٿو ته حڪومتن عالمي ادارن کان ڪيترو قرض کنيو آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ ڪيترو قرض کڻڻ ۽ وٺڻ جي ضرورت آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به جمهوري ۽ غير جمهوري حڪومت اهو ناهي ٻڌايو ته انهن قرضن مان نجات وٺڻي به آهي يا نه اسان کي ٺيڪ طرح سان ياد آهي ته 1990 جي اليڪشن کان پوءِ نواز شريف آئي ايم ايف کان نجات جي لاءِ قرض لاهيو ملڪ سنواريو نعرو بلند ڪيو صاحب دولت طبقي کان ملڪي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ مدد گھري پر ڪجھه عرصي کان پوءِ نواز شريف جي چپن تي خاموشي اچي وئي ملندڙ پيسو جنهن لاءِ هن اهو چيو هو ته اهو پيسو هن جي ذاتي نگراني ۾ رهندو ۽ پوءِ ڇا ٿيو ڪنهن کي ڪا خبر ناهي هن وقت تائين هن رياست کي عالمي سامراجي طاقتن کي جيڪا جنگي مدد هتان ڏني وئي يعني ضيا جي دور کان مشرف جي دور تائين سوويت يونين جي افغانستان ۾ مداخلت کان طالبان حڪومت تائين يعني نائن اليون جي سانحي کان پوءِ هن ملڪ کي جنگي اتحاد ۾ شامل يا حمايتي رهڻ جي عيوض جيڪو ڪجھه ڏنو ويو اهو اڄ به آف دي ريڪارڊ آهي.
آمريڪي حڪمران ته ملين ڊالر يا طعنا ڏيندا رهيا آهن پر هن ملڪ جا حڪمران عوام کي هن وقت تائين عوام کي اهو ٻڌائڻ گوارا ئي ناهي ڪيو ته انهن جو استعمال ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيو ۽ نه وري ڊالرن جي برسات ۾ تڙ ڪندڙ حڪمرانن ڪڏهن هن ملڪ کي قرض جي قيد مان آزاد ڪرائڻ جي لاءِ ڪو مطالبو ڪيو ضيا الحق کان مشرف تائين قرض جي نجات جو نقطو هنن جي ايجنڊا ۾ شامل ئي نه هو پر حيرتناڪ حقيقت هي به آهي ته انهن دورن ۾ جڏهن جڏهن سياسي آزاديون بحال ٿيون ڀلي اهي نالي ماتر ئي سهي پر ڪنهن به سياسي اڳواڻ ۽ سياسي ليڊر اهو مطالبو نه ڪيو ته عالمي مالياتي ادارن جي قيد کان هن ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جي لاءِ آمريڪي اتحادين کان مدد ورتي وڃي يا اهو پهريون مطالبو رکيو وڃي ته جيستائين هن ملڪ کي قرضن جي قيد مان آزاد نه ٿينداسين تيستائين اسان ڪنهن به جنگي حڪمتِ عملي جو حصو نه بڻباسين ۽ نه پنهنجي ملڪ جا اڏا آمريڪا جي حوالي ڪنداسين خود عمران خان جنهن تبديلي جي نعري کي ڪرپشن جي مخالف بلند ڪيو انهيءَ به مشرف دور ۾ ڪو هڪڙو به مطالبو نه ڪيو ته هن غير ملڪي جنگ ۾ جتي هزارين جانيون عوام ۽ فوج جون قربان ٿيون آهن انهيءَ جو گھٽ ۾ گھٽ هن ملڪ کي اهو سلو ته ملڻ گھرجي ته هو قرضن کان آزاد ٿئي.
ڪرپشن جي تنقيد هڪ پارٽي ٻي پارٽي تي ڪندي رهي ۽ اهو ئي منظر هن وقت تائين نظر اچي ٿو پر ان حقيقت کان هڪ ٻار به واقف آهي ته جيستائين سياست جي اندر يعني پارٽين جي اندر ڪرپشن ۽ غير قانوني مراعتون هلنديون تيستائين هن ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿيڻ جي لاءِ تصور ڪرڻ به ديواني جي خواب برابر هوندو هن وقت هن ملڪ ۾ ڪرپشن هڪ اهڙو ڪُنُ بڻجي وئي آهي جنهن جي ڇڪ ۽ ڦيراٽين ۾ پورو سماج وڪوڙجي چڪو آهي اها حالت هن رياست جي هر شهر صوبي ۾ برابر نظر اچي ٿي ۽ اهوئي سبب آهي جو سياسي اتحادن جي نقطن ۾ مائنس ڪرپشن جو اصول اپنايو ٿو وڃي پوءِ اهو اتحاد سياسي جماعتن جو ڪهڙي به صورت ۾ هجي يا اهو اتحاد اڻ سڌي طرح يعني ان آفيشل سياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جو اتحاد هجي پر ڪرپشن جو نقطو مڪمل طور تي خاتمي جي نقطه نظر سان شامل ناهي هوندو ها البته الزامن، طعنن ۽ تنڪن ۾ اهو بهترين هٿيار آهي ڇو ته هن وقت حڪمران ڌر جو هر پرت اهو ڏسي ۽ سمجھي ٿو ته هن ملڪ جي وڏين کان وڏين مصيبتن ۾ ڪرپشن انهن سڀني جي ماءُ آهي ۽ اهائي ڪرپشن سياسي پارٽين جي اڳواڻن رياست جي ادارن کي سون جا ٻچا ڏيندڙ آهي ۽ سياسي پارٽيون هاڻي اهو ٺيڪ طرح سان سمجھي چڪيون آهن ته پنهنجي پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مڊل ڪلاس کي پاڻ سان جوڙڻ جي بهترين حڪمتِ عملي اهائي آهي ته ڪرپشن جي هڏي تي هڪ وسيع تر پوئلڳن جو حلقو پيدا ڪجي ۽ پڇ لٽڪائو هنن جي سياسي سگهھ جو وڏي کان وڏو ڀرپور اظهار ڪندي نظر ايندا ۽ اهي ئي ڪرپشن جا هڏا چٽيندڙ اليڪشن جي ڌانڌلين جا واٺا هوندا هن وقت اهو منظر پوري ملڪ جي سياسي جماعتن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان نظر اچي ٿو (سواءِ انهن جماعتن جي جيڪي هن وقت تائين پنهنجا پلو ڪرپشن جي غلاظت ۽ گندگي کان بچايا آهن) ۽ ڪا به پارٽي اهو اخلاقي طرح مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته هن جي پارٽي جي اندر ڪرپشن آهي ايتري حد تائين جو پارٽين جا ڪرپشن ۾ ملوث ڪردار هن وقت انهن جا هيرا ۽ سورما بڻيا گھمندا ٿا وتن خود پارٽي انهن کي انهن اعزازن سان بخشيندي نظر ٿي اچي پوءِ هن ملڪ ۾ تيل، گيس هر روز مهانگي ٿيندي نظر ٿي اچي ته ڪهڙي وڏي ڳالهھ آهي يا مارڪيٽ جي اندر مهانگائي جي گنگا مان مارڪيٽ تي قابض واپاري ۽ دوڪاندار جيتري به منافعي خوري جي انارڪي ڪندا ته انهن کي اها خبر آهي ته رياست ۽ سياست ٻنهي جي اندر ڪرپشن جا سورمه آهن ۽ ڪجھه ڪو نه ٿيندو ڇو ته سڀني جي ڏوهن جي ضامن ڪرپشن جي ديوي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button