ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اتحادي ناراض-بحرانن جي ور چڙهيل حڪمران!

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

موجوده حڪومت جي دور ۾ پرڏيهه ۾ ملڪ جنهن اڪيلائي جو شڪار هو، ان کان ته آهستي آهستي آجو ٿي رهيو آهي، پر داخلي طور تي حڪومت جي رهڻ جا امڪان ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيا آهن. سعودي عرب پاران سستو تيل فراهم ڪرڻ جو واعدو، چين پاران اربين ڊالر پاڪستان جي معاشي سهائتا لاءِ فراهم ڪرڻ، آمريڪي لاڳاپن ۾ بهتري، قطر کان ايل اين جي ملڻ جو آسرو ۽ آءِ ايم ايف کان قرض جون ٻه قسطون ملڻ جا واضح امڪان آهن، هنن سمورين ڪاميابين حڪومت لاءِ جيڪو سافٽ ڪارنر پيدا ڪيو، ان ملڪ اندر مهانگائي ۾ 13 سالن جو ريڪارد ٽٽڻ، پنجاب حڪومت جو وچ سير ۾ هجڻ، پيٽروليم شين جي اگهه ۾ ريڪارڊ اضافو، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ، ملڪ اندر 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ۽ گيس جي بحران عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت لاءِ سياسي محاذ تي به ڪي آسانيون ناهن، ايم ڪيو ايم هجي، بلوچستان عوامي پارٽي هجي، بي اين پي مينگل هجي يا عوامي نيشنل پارٽي سموريون ڌريون حڪومتي صفن مان اڏامڻ جون تياريون ڪري رهيون آهن.
بحرانن جا ته ڪي نه ڪي سبب ٻڌايا وڃن ٿا، پر اتحادين جو ناراض ٿيڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته اهي هاڻ يا ته پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکي رهيا آهن، يا وري انهن جو ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪمزور آهي. طاقتور واڳ ڌڻي جيڪي عمران خان جي حڪومت جي ڏينهن ۾ انهن اتحادين کي حڪومت ۾ شامل رکيو، انهن جي نيوٽرل ٿيڻ کانپوءِ نئين صورتحال جنم ورتو،جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت گهر ڀيڙي ٿي وئي. هاڻ عمران خان جي لک ڪوششن ۽ ميڙ منٿ قافلن جي باوجود “راڻو رات رهڻ” لاءِ تيار ناهي. هائبرڊ ريجيم جو سمورو پروجيڪٽ ختم ٿي ويو ۽ پيرالائيز ٿي ويو. عمران خان جيڪو ڏهن سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ جا خواب ڏسندو هو، ان کي هاڻ يقين ئي نٿو اچي ته ان جا حال اهڙا ٿي ويندا. عمران خان جي حڪمراني جي خاتمي جو مک سبب پرڏيهي فرنٽ تي اڪيلائپ ته هئي، پر ملڪ اندر به ان جي ڪا پرفارمنس نه هئي. هينئر جيڪي اتحادي حڪومت جو حصو آهن، اهي عمران خان جي سمورين ڪاميابين ۽ ناڪامين ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئا. پر انهن کي جنهن وقت اشارو مليو ته اهي حڪومت جي صفن مان نڪري ڪري ان وقت جي مخالف ڌر ۽ موجوده حڪومت جو حصو ٿي ويا. جيستائين بلوچستان عوامي پارٽي جو واسطو آهي ته اهي شروع کان وٺي واڳ ڌڻين جي ڪوٽا تي حڪومت جو حصو ٿيندا يا بلوچستان ۾ جوڙ توڙ ڪندا رهيا، جنهن ۾ هو ڪامياب به ٿيا. هاڻ به هو طاقتور ڌرين جي ڪوٽا تي آهن، ان جي باوجود انهن کي شڪايت آهي ته انهن کي حڪومتي فيصلن ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي. بي اين پي مينگل، جنهن جو شروع کان وٺي اهم مسئلو بلوچستان ۾ مسنگ پرسنز جو حصو رهيو، ان سان گڏ انهن جا ڪجهه ٻيا به مطالبا هئا، عمران خان جي حڪومت ته انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪري نه سگهي، پر موجوده اتحادي حڪومت ۾ به دم ناهي ته اها سندن مطالبن کي مڃي سگهي. بي اين پي مينگل کي سموريون شڪايتون واڳ ڌڻين کان آهن، هي حقيقت به آهي ته بلووچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بنگال ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کان گهڻو مختلف ناهي. انڪري جيستائين واڳ ڌڻي بلوچستان مان هٿ نه ڪڍندا، هي مسئلا جاري رهندا. هي ڪيتري حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته جنهن وقت ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي اهم اشوز کي سامهون آندو ويو ۽ وزير اعظم شهباز شريف به اتي موجود هو، ان جو اهو چوڻ ته هو اختيارين سان ڳالهائيندو، ان کانپوءِ سندن مسئلي کي حل ڪيو ويندو. بلوچستان ۾ شهباز شريف جا به پر سڙي رهيا هئا. هينئر بلوچستان ۾ ماضي جي حڪومت جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به تبديل نه ٿيو آهي، سمورا اختيار انهن ئي قوتن جي هٿ ۾ آهن، جيڪي پنهنجي مرضي سان ان اهم صوبي کي هلائڻ گهرن ٿا.
حڪومتي اتحادي پارٽي، اي اين پي جي اجلاس مان هي خبرون آيون ته انهن شڪايت ڪئي ته حڪومت هينئر تائين جيڪي فيصلا ڪيا آهن، انهن جي حوالي سان انهن کي اعتماد ۾ ورتو ئي نه ويو. انڪري اهي به حڪومتي صفن مان نڪرڻ لاءِ پر سوئي رهيا آهن. عوامي نيشنل پارٽي، هميشه کان آصف زرداري جي اتحادي رهي آهي، ممڪن آهي ته اهو ن ليگ کي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ هٿڪنڊا استعمال ڪندو هجي، ساڳي ريت وري ايم ڪيو ايم ن ليگ جي اتحادي رهي آهي. هڪ طرف اي اين پي هڪ اتحادي تي ته ايم ڪيو ايم وري ٻئي اتحادي يعني پيپلز پارٽي تي دٻاءَ وجهي رهي آهي. ايم ڪيو ايم کي وڏو اشو هميشه کان مڪاني حڪومتن ۽ تڪبندين جو رهيو آهي. ان سان گڏ، هن ڀيري به ماضي جيان ايم ڪيو ايم ۽ پ پ لکت ۾ ٺاهه ڪيو هو، جنهن تي عمل نه ٿي رهيو آهي. هي ٻئي پارٽيون ماضي ۾ هڪٻئي جون اتحادي رهيون آهن، انهن ڏينهن جي نائين زيرو جا چڪر آصف زرداري ۽ ٻيا لڳائيندا رهيا، ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙا به ٿيا، ٻنهي هڪٻئي جي خلاف ڪم به ڪيا. پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو، ساڳي ريت نواز شريف به ڪراچي آپريشن ڪري ايم ڪيو ايم کي حدن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. حقيقت ۾ ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪٻئي جي پتي کان واقف آهن. ماضي ۾ ايم ڪيو ايم، جنرل پرويز مشرف جي اتحادي هئي، انهن ڏينهن ۾ لنڊن ۾ محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف ۾ تاريخي ٺاهه، ميثاق جمهوريت به ٿيو هو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ڪابه پارٽي ايم ڪيو ايم سان اتحاد نه ڪندي. ان جي باوجود ٻنهي پارٽين ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪيو. هاڻ ايم ڪيو ايم ماضي جهڙي نه رهي آهي پر ان جي باوجود ان جا اولڊ گارڊز، جيڪي پ پ جا سخت مخالف رهيا آهن، اهي اتحاد ۾ پنهنجي پارٽي جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. وسيم اختر ۽ ٻيا ايم ڪيو ايم جا هارڊ لائينرز رهيا آهن. اهي ڪمزور پوزيشن ۾ به آهن، اهي ان جو اعتراف به ڪن ٿا ته پ پ سان اتحاد ڪرڻ کانسواءِ انهن وٽ ڪو به گس ناهي. هي ڳالهه جيڪڏهن کين ماضي ۾ سمجهه ۾ اچي وڃي ها ته سنڌ جي صورتحال گهڻي مختلف هجي ها. هي ڳالهه ائين ئي آهي ته سڀ ڪجهه لٽا ڪي هوش مين آيا، تو ڪيا هوئا!
هينئر وفاقي حڪومت ۾ شامل ڌريون اتحادين کي لالي پاپ ڏئي رهيون آهن، پر هينئر به واضح ناهي ته اهي حڪومت جو مدو پورو ڪندا يا وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪندا. ان جا امڪان ڪافي گهڻا آهن ته اتحادي حڪومت وقت کان اڳ چونڊن واري آپشن کي آزمائي. ان جو هڪڙو اهم سبب مهانگائي آهي، جنهن عام ماڻهو کي جيئڻ جهڙو نه ڇڏيو آهي. اتحادي حڪومت ۾ شامل پارٽين جي عام ماڻهوءَ ۾ جيڪا به گڊ ول هئي، اها ختم ٿي وئي آهي، يا تيزي سان ختم ٿي رهي آهي. اڪثر ماڻهن کي ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل کان شڪايت آهي ته هن جون پاليسيون کين ڏنڀ ڏئي رهيون آهن. حقيقت ته هي آهي ته عمران خان جي اڳوڻي حڪومت ۽ موجوده حڪمرانن جي پرفارمنس ففٽي ففٽي معاشي بحران جا ذميوار آهن. هي صورتحال موجوده حڪومت جي مستقبل کي اونداهو ڪري رهي آهي.
ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته عوام کي ايترو قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو هجي. هينئر تائين پيٽروليم شين جي اگهه سان گڏ عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ ڪيترائي سو سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. ان سبب عالمي مارڪيٽ ۾ شيون مهانگيون به آهن، پر اهي شيون جيڪي ملڪ ۾ پيدا ٿين ٿيون، انهن جون قيمتون به آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن.
هينئر سڀ کان وڌيڪ جوڊيشل ايڪٽوازم جو مسئلو به آهي. پهريان ملڪ جي اعليٰ عدالت اهم ڪيسن جي حوالي سان حڪومت لاءِ الارم وڄائڻ شروع ڪيا، پر ان مان نڪتو ڪجهه به نه. هاڻ وري پنجاب جي بحران جي نتيجي ۾ حمزا شهباز جو گهيرو ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جنهن انداز ۾ صوبي جي معاملن ۾ مداخلت ڪئي، اهو سڀني جي سامهون آهي. ان کان اڳ ۾ سپريم ڪورٽ، آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي جيڪا تشريح ڪئي، ان جي روشني ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌايو، مٿان وري اعليٰ عدالت ان فيصلي کي اوور رول ڪري ڇڏيو. تاثر ڏنو پيو وڃي ته هي سڀ ڪجهه رڳو پي ٽي آءِ کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. هينئر پنجاب ۾ نئون بحران سامهون اچي ويو آهي. جيڪڏهن سياسي ڌرين کي مسئلن کي سياسي انداز ۾ حل ڪرڻ لاءِ ڇڏيو وڃي ته ڌرين ۾ اعتماد پيدا ٿي ويندو ۽ جيڪو نظام قائم ٿيندو، ان جو فائدو سمورين ڌرين کي ٿيندو. ملڪ جي عدالتن تي جيڪو سياسي ڪيسن جو ٻوجهه وڌي رهيو آهي، ان مان به جان آجي ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن طاقت رڳو هڪ اڌ اداري جي هٿن ۾ اچي وئي ته هڪٻئي پٺيان بحران پيدا ٿيندا رهندا. هينئر هڪ طرف اتحادين جي ناراضگي آهي ته ٻئي پاسي داخلي بحران، بک ۽ بدحالي، انهن سمورين ڳالهين جي ڪري حڪومت جي ٻيڙي سير ۾ آهي، ڏسون ته تري ٿي يا ٻڏي ٿي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button