ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ترڪيءَ ۾ ٽي آر سي ڪيئن حاصل ڪجي؟

Editorial-Article- Sadaf Shaikh

ترڪيءَ کي (Gate way of Europe) به چوندا آهن. هن ملڪ ۾ 8 ملين آدمشماري فقط پاڪستانين جي آهي، هتي پاڪستانين کان سواءِ شام، ايران، عراق ۽ مختلف ملڪن جا ماڻهو به رهائش پذير آهن. وڌندڙ آباديءَ سان گڏ تازو ڪجهه اهڙا مسئلا به سامهون آيا آهن، جن سان هتي جي عام ماڻهن کي ڪافي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو پوي. ڪنهن دور ۾ ايئن هوندو هو جو ڪو ماڻهو هتي ويزا لڳرائي (ٽي آر سي) ترڪيءَ جو ريزيڊينس ڪارڊ ٺهرائي پوءِ اچ وڃ پيو ڪندو هو.
ڪجهه واپاري هتان سامان کڻي ويندا هئا ۽ پاڪستان مان پڻ سامان کڻي ايندا هئا. ڪجهه ماڻهو اهڙي قسم جو ڪاروبار ڪندا هئا ۽ ڪجهه ماڻهو گهر ويٺي پاسپورٽ لاءِ اپلاءِ ڪري هتان جا شهري ٿي گهر مسواڙ تي ڏئي پاڪستان ۾ وڃي رهندا هئا.
جيئن ته ترڪش ڪرنسي ليرا جي قدر ۾ 40 سيڪڙُو گهٽتائي ٿي وئي، هتان جون حالتون به ٻين ملڪن جيان خراب ٿيون ۽ سختي وڌندي وئي. ڪجهه عرصو اڳ ترڪ صدر طيب اردگان شامي، عراقي ۽ ٻِين ماڻهن لاءِ ترڪيءَ جو بارڊر کوليو ويو، هنن کي پناهه ته ڏني پر اڄ اهي ئي ماڻهو ترڪيءَ جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهن.
ٺيڪ اهڙي ريت هتي 65 سيڪڙو ماڻهو غير قانوني طور رهائش پذير آهن. هنن به هتان جي حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي. فيبروري واري مهيني ۾ ڪجهه ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون غير اخلاقي وڊيوز ٺاهي، پنهنجي تصويرن سان گڏ وائرل ڪيون. ان کان سواءِ ترڪ ڇوڪرين سميت پاڪستانين ۽ عراقي ڇوڪرين کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.
Belikeduzu واري علائقي ۾ هڪ ڇوڪري ۽ پنج ڇوڪرا ٻاهرين ملڪن جي عورتن کي رهائش فراهم ڪرڻ بهاني بليڪ ميل ڪرڻ لڳا ته اسان کي 1500 يورو گهرائي ڏيو. هن گروهه ۾ پنج فلپائن جون ڇوڪريون هيون. ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو.
استنبول ۾ انفارميشن نالي هڪ ادارو هو، جيڪو ٽي آر سي تي ڪم ڪندو هو. ان اداري جو مالڪ به هڪ پاڪستاني هو. هن ڪافي ٽي آر سي ٺاهيون، جيڪي گورنمينٽ کان نامنظور ٿيون هيون ۽ هن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو. اوهان ڪير به هجو ۽ ڪهڙي به ملڪ، ٻولي، مذهب يا ذات جا هجو ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ اوهان جي سڃاڻپ اوهان جو ملڪ هوندو آهي. هينئر ڪير به ايئن نه چوندو ته فلاڻي آفيس وارو سنڌي، پنجابي يا وري پٺاڻ آهي. هو اهو چوندو ته اهو پاڪستاني آهي.
هينئر ٽي آر سي اپلاءِ ڪرڻ تمام گهڻي مهانگي ۽ مشڪل ٿي وئي آهي. جتي انشورنس 30011 جي ٿيندي هئي. هاڻ اها 80011 کان 90011 تائين وڃي پهتي آهي. جيڪڏهن اسان انهن جي سرڪاري ويب سائيٽ چيڪ ڪريون ٿا ته ٽي آر سي (شارٽ ٽرم) مخصوص وقت لاءِ ٺاهي ويندي آرٽيڪل 33-31 جي قانون ۽ International Protection No 6458 موجب ٺهندي آهي
(1) هتي ٽي آر سي لاءِ جيڪو اپلاءِ ڪري اهو يا ته ملڪيت وٺي يا وري ڪو ڪاروبار ڪري.
(2) يا وري ڪنهن ٽريننگ پروگرام يا وري ڪاروباري ميٽنگ جو ڪو سبب ڄاڻائي.
(3) ان کان سواءِ جيڪڏهن ڪو هتي اچڻ چاهي به ٿو ۽ چاهي ٿو ته هو نه ملڪيت وٺي ۽ نه وري ڪو ڪاروبار ڪري ته اهو هتي شاگرد ٿي اچي. ان جي تعلق ڪهڙي به ملڪ سان هجي جيڪڏهن هو تعليم پرائڻ اچي ٿو ته شاگردن لاءِ ٽيڪس وغيره جو مسئلو ناهي هوندو، ٽيڪس به عام ماڻهوءَ کان گهٽ هوندو آهي.
(4) هڪ ٻيو طريقو اهو به آهي ته جيڪڏهن اوهان ترڪي گهمڻ چاهيو ٿا ته ظاهر ڳالهه آهي ته (14) ڏينهن جي (Visa) تي اهو ناممڪن آهي. ان ڪري پاڪستان مان ڪنهن ٽريول ايجنٽ کان هڪ يا ٻن مهينن جو ملڪ (Travelplan) ٺهرايو ۽ هن ۾ اهو لکو ته اسان ترڪيءَ جا 10 کان 12 شهر گهمڻ چاهيون ٿا.
(5) اوهان ترڪش ٻوليءَ جي ڪنهن ڪورس ۾ داخلا وٺو.
(6) هڪ ٻيو مسئلو اوهان اهو به ڄاڻائي سگهو ٿا ته اوهان بيمار آهيو يا وري ڪو صحت جو مسئلو آهي. تڏهن به 90 سيڪڙو پڪ آهي ته اوهان کي ٽي آر سي ملي وڃي.
(7) ان کان اڳ هر ماڻهو ٽي آر سي لاءِ اپلاءِ ڪندو هو ۽ آسانيءَ سان رهي سگهندو هو، هاڻ انهن مسئلن جي ڪري ڪارڊ ملڻ مشڪل ئي نه بلڪه ناممڪن ٿي ويو آهي. (Eramus) ڪرڻ وارا شاگرد پڻ ٽي آر سي لاءِ اپلاءِ ڪندا هئا پر هاڻ انهن کي به يا ته 3 مهينن جو يا وري چار مهينن جو ڪارڊ ملي ٿو.
ڪجهه ماڻهن اها به ڳالهه ڪئي آهي ته هينئر اليڪشن مخالف ڌر پارٽي کٽي هئي ۽ 2023ع ۾ حالتون ڪجهه بدلجڻ واريون آهن. ڇو ته رجب طيب اردگان اڳ به ڪافي ماڻهن کي هتي پناهه ڏني ۽ هو چاهي ٿو ته هتي ڀلي ٻيا ماڻهو اچي آباد ٿين پر جيڪا مخالف پارٽي آهي، اها ان حق ۾ ناهي ته ٻين ملڪن جا ماڻهو اچي هتي آباد ٿين.
مٿان وري 2023ع به اچڻ وارو آهي.معاهدو لوزين (Lausana Treaty) به ختم ٿيڻ وارو آهي. دراصل معاهدو لوزين 24 جولاءِ 1923ع سئٽرزلينڊ ۾ طئي ٿيو هو. هي معاهدو لوزين جي مقام تي طئي ٿيو، ان ڪري هن کي معاهدي لوزين چيو وڃي ٿو.
معاهدي لوزين موجب پهريون ڀيرو ترڪيءَ کي عالمي سطح تي آزاد حڪومت يا مملڪت قرار ڏنو ويو. بنيادي طور اهو معاهدو ترڪي ۽ فرانس جي وچ ۾ طئي ٿيو پر ٻئي طرف برٽش امپائر جنهن ۾ فرانس اٽلي وغيره موجود هئا. هي پهريون معاهدو هو جيڪو فرانسي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو ۽ سلطنت عثمانيه کان پوءِ هي پهريون معاهدو هو، جيڪو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.
جنگ اول جي فاتح فوتين جي وچ ۾ طئي ٿي ويو ۽ برطانيه ڪجهه اهڙا شرط رکيا هئا، جن ذريعي ترڪي جڏو ٿي ويو ۽ اهو سو سالن تائين طئي ٿيو هو. اصل ۾ اهو هو ته مسلمانن خلاف ڪجهه دشمن عنصرن جي خطري جي ڪري اهي شيون ڪرڻيون پيون.
معاهدي جا شرط اهي هئا ته:
(1) سلطان کي ترڪيءَ مان جلاوطن ڪيو وڃي. فقط سلطان کي نه پر هن جي پوري خاندان کي ۽ خلافت عثمانيه جو خاتمو ڪيو وڃي.
(2) خلافت جي سڀ ملڪيت ضبط ڪئي وئي، ايتري قدر جو سلطان جي ذاتي ملڪيت به.
(3) ترڪيءَ کي هڪ سيڪيولر اسٽيٽ قرار ڏنو وڃي. هتان خلافت کي ختم ڪيو ويو.
ايتري قدر جو عربي ٻوليءَ تي پابندي لڳائي وئي هئي ۽ عربيءَ ۾ ٻانگ ڏيڻ تي به مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي.
(4) ترڪي پيٽرول پنهنجي سر زمين مان نه ٿو ڪڍي سگهي بلڪه پنهنجي ضرورت جو پيٽرول گهرائيندو.
(5) باسفورس عالمي سمنڊ قرار ڏنو ويو ۽ هتان گذرڻ واري ڪنهن به بحري جهاز کان ترڪي ڪو به ٽيڪس نه وٺندو.
رجب طيب اردگان پنهنجي هر تقرير ۾ اهو چوندو آهي ته 2023ع ۾ ترڪي اهو ترڪي نه هوندو. هن کي يورپ جو هڪ لنگڙو ۽ لولو ملڪ چيو وڃي ٿو. جڏهن ليرا جو قدر 40 سيڪڙو ڪري پيو ته رجب طيب جو پنهنجا شيئر وڪڻي هتان جي ڪرنسيءَ کي بحال ڪرايو. هينئر جيڪي پرڏيهي هتي اچڻ چاهين ٿا، فقط اهو سوچي ته هاڻ معاهدو ٽٽڻ جو وقت اچي ويو آهي ته هو في الحال انتظار ڪن ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجي اها سوچ بحال ڪن. ڇو ته 2023ع ۾ ترڪي اهو ترڪي نه بلڪه هڪ ٻيو ترڪي هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button