ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خودڪشين پويان بيٺڪي سامراجي نظام جو ڪردار

Editorial-Article-Nisar Laghari

اهي سماج جيڪي ڪن ٻين ٻاهرين حملي آور طاقتور ملڪن سماجن جا مفتوح ٿي ويندا آھن، انهن کي غلام بيٺڪيتي ملڪ يا جديد بيٺڪيتي ملڪ چيو ويندو آھي. غلام سماجن ۾ مسلسل جھيڙا ٿوري ڳالهه تان قتل قبيلائي تڪرار ٿيندا آھن ۽ خودڪشين جا واقعا به ٿيندا آھن، جيڪو دراصل شديد غلامي، استحصال ۽ مسلسل جبر خلاف تنگ ٿي پوڻ جو ردعمل هوندو آهي. ان ڪري ماڻھو پنهنجي ٻارن زال کي به قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏيندا آھن. اوم پوري جي هڪ فلم ۾ جڏھن جاگيردار کيس هاري طور قتل ڪرڻ لا ڪوٺي ۾ بند ڪندو آھي ته هو رات جو ڪنهن طريقي نڪري زال ۽ ٻارن کي قتل ڪري واپس ايندو آھي، هو چاهيندو آھي ته منهنجو خاندان وڌيڪ ذلتن ۾ ايندو، ان ڪري کين ختم ڪري ڇڏيان. هتي سانگهڙ ۾ به هڪ مينگهواڙ عورت مسلسل بک تي رهڻ کان پو پنهنجي ٽن ٻارن سميت ڪجهه سال اڳ خودڪشي ڪئي هئي.
حڪمران طبقن جيان اسان جون عوامي سياسي قوتون به خودڪشي بابت عوام کان پري بيٺيون آھن افسوس جو مقام آھي جو سماج ۾ ڪنهن به وڏي واقعي جي پويان ڪيترائي عنصر هوندا آھن پر هتي اسان جي خطي ۾ ڪالونيل نظام جو وڏو ڪردار آھي. جڏھن غلامي عزت نفس جي خاتمي جي حد تائين پهتل هجي، غربت جي ذلت سبب زندگي کان موت بهتر لڳي، تڏھن خودڪشي ڪو انفرادي عمل ناهي رهندو. هتي روزانو وڌندڙ خودڪشي جا واقعا به هاڻ وڌيڪ غور جا گهرجائو آھن.
هتي اڪثر انسانن جي زندگي بدتر بنائي وئي آھي. ان ڪري خوش رهڻ مشڪل ٿي چڪو آھي. بک بدحالي ۾ خوش نٿو رهي سگهجي ۽ اها ڪيفيت تمام گهڻو عرصو هلي ته اها ڪن به سماجن لا خطرناڪ هوندي آھي. ويڳاڻپ جو سبب بڻجي ٿو، جڏھن استحصال ۽ ظلم وڌي چڪو هجي، عزت نفس مجروح ٿي سن ٿي چڪي هجي، هتي اسان اڃا پختا آھيون پر آفريڪا ۾ ھزار ماڻھو گڏجي خودڪشيون ڪندا آھن.
ناليواري فرينچ ليکڪ فرانز فينن جي هن حوالي سان باقاعده ٿيسس آھي. هو چوي ٿو ته بيٺڪي جابر ظالم استحصالي نظام سماجن جو روح به دولت ۽ وسيلن سان گڏ روڙي وٺي ٿو. فينن جو هڪ ڪتاب “مٽي هاڻا ماڻھو” لکيل آھي، جيڪو ناليواري ليکڪ ۽ اڳواڻ عبدالواحد آريسر ترجمو ڪيو آھي. هي هڪ شاهڪار ڪتاب آھي. اردو ۾ ڪتاب جو نالو “افتادگان خاڪ” آھي
سنڌ ۽ هن خطي جو سماج جيڪا مهانگائي، غربت ۽ افلاس موجوده دور ۾ ڏسي رهيو آھي. اهڙي ڪڏھن به نه هئي. ماڻھو بک سبب پنهنجا ٻچا وڪڻي رهيا آھن، کين ٻچا وات ۾ آھن پر ڪو حاڪم، حڪمران طبقي جي جماعت ماڻھن جي مالڪي ڪرڻ لا تيار نه آھي.
خودڪشي جي عام اهم سببن تي نظر وجهجي ته اهي هن ريت آھن: غربت بک بدحالي محبت ۾ ناڪامي، مايوسي، ذھني بيماري ڪاوڙ ۽ ٻين مختلف جذبن جي شدت پسند جي شادي نه ٿيڻ خطرناڪ بيماري ٿيڻ. اوچتو ڪنهن پياري جو وڇڙي وڃڻ، اڪيلائپ يا تنهائي، مطالبو پورو نه ٿيڻ، خرچي نه ملڻ، جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿيڻ، شديد تشدد جي هيٺ رهڻ، ذھني ٽارچر جو شڪار ٿيڻ ۽ ٻيا سبب ڪئين آھن، جيڪي سماجي، معاشي ناانصافين جي ڪري جنم وٺن ٿا. ماڻھو جڏھن اهي سبب ڄاڻي نه سگهندا آهن، تڏھن به انتهائي قدم کڻندا آھن، جيڪو انهن جي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڪري به هوندو آھي.
اسان وٽ جاگيرداري قدر هجڻ سماج جو جمود جو شڪار ٿي وڃڻ سوشل ميڊيا جو ڦھلاءُۡ نوجوانن لاءِ تخليق علم جا نوان رستا نه هجڻ لائبريرين جو نه هجڻ ڄڻ ماڻھو کي بي روح ڪري ڇڏيندو آھي. ماڻھو جڏھن خوش نه رهي اداس ٿي وڃي، تڏھن به سندس شخصيت اندران ٽٽڻ لڳندي آھي ۽ نتيجي ۾ ھو انتهائي قدم کڻندو آھي.
ڪاري سائي، ايڊز، ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي ڪري ماڻھو مکين جيان مري رهيا آھن. حڪمران طبقن کي ڪو قياس ته پري پر پرواهه به نه آھي. مهانگائي هن وقت شديد ٿي رهي آھي. سماجي افراتفري آھي سياست کي دوکو بنايو ويو آھي. تبديليءَ جي نالي تي وڏي ٺڳي ۽ فراڊ ھلي رهيو آھي. مذھب انسانيت ۽ انقلاب جي مقدس نعرن کي عوام جي ٺڳڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. عالم فاضل ڏاها ۽ دانشور دولت جا پوڄاري هجن ته پوءِ ماڻھن وٽ شديد مايوسي کان سواءِ ڇا بچندو آھي. انهي سموري ٽڪساٽ کي ٽوڙڻ جي ضرورت آھي. غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي نئين بهتر سماج قائم ڪرڻ جي ضرورت آھي. انصاف سچ سونهن پيار ڀريي سماج ۾ ماڻهو خودڪشي ڇو ڪندو؟ جڏھن کيس خبر پوندي ته زندگي خوبصورت ترين شيءِ آھي. اها ڪو ڇو وڃائڻ چاهيندو.
سماج ۾ فرد ناانصافيءَ جو اڪيلائي ۽ پوءِ ويڳاڻپ جو شڪار نه ڪيو وڃي ته هو خوبصورت زندگيءَ کي ڇو ختم ڪندو. جيڪڏھن هو دنيا جي سماجن جون تحريڪون، مسئلا، ادب، سماجي اٿل پٿل بابت آگاهه ٿيندو ته پوءِۡ ھو زندگيءَ کي سمجهڻ ۽ ان سان پيار ڪرڻ لڳندو.
هن وقت سماج ۾ عوامي مزاحمتي تحريڪون ڪمزور آھن. ان ڪري به مايوسي آھي پر جمود جو عرصو هاڻ ختم ٿيڻ تي آھي. ان ڪري جيڪڏھن مزاحمت ۽ بهتر زندگيءَ جو خواب ڪنهن انسان کي ڏيکارجي ته وري اتساهه حسناڪي ۽ زندگيءَ جي امنگ پيدا ٿي ويندي. اسان جي سماج جي باشعور ماڻھن کي خودڪشي خلاف باقاعده جدوجهد ڪرڻي پوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button