ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ

Editorial-Article-Asar Imam

پنهنجي ڳوٺ، شهر يا علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۾ قدرتي طور تي ايترو ته مزو رکيل آهي جو سوين ووٽن جي لِيڊ سان هارايل اميدوارن به ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون ڏنيون آهن. اليڪشن واري ڏهاڙي جن جي پولنگ تان گرمي گھڻي هجڻ جي شڪايت به نه آئي هئي انهن به اليڪشن ڪميشن وٽ دانهيو ته ساڻن ڌانڌلي ٿي آهي. سندن ايجنٽن کي پولنگ منجهان مار ڏئي ٻاهر ڪڍيو ويو هو. ڇويهين جون تي شام جو دير سان فيس بڪ تي شڪست قبولي پنهنجو پاڻ کي وڏيءَ دل وارو وڏو ماڻهو ثابت ڪرڻ ۽ بدلي ۾ واهه واهه ڪرائڻ، تاڙيون وڄرائڻ وارن به اليڪشن ڪميشن وٽ وڃي رڙيون ڪيون ته کين صحيح طريقي سان مليل ووٽ به خارج قرار ڏنا ويا يا وري سندن حصي جا ووٽ کڻي سندن مخالف جي کاتي ۾ ڳڻيا ويا آهن. ان ڪري سندن تڪ تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي. اهڙي درخواست يا دعوى جي پٺيان نيت واضح آهي ته کين عوام جي خدمت واري ڪم کان نه روڪيو وڃي. عوام ڀل کين رد ڪري ڇڏيو هجي پر اليڪشن ڪميشن ڪجهه نه ڪجهه ڪري کين سوڀارو قرار ڏئي ته جيئن اهي واپس وڃي عوام جي خدمت ڪن.
ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو قانوني طور تي حق يا جواز ته موجود آهي پر عملي طرح ڏٺو ويو آهي ته ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڏيڻ وارو اميدوار ٽيهر ڳڻپ ڪرائڻ لاءِ به تيار هوندو آهي يا ائين چوڻ گھرجي ته تيسيتائين ڳڻپ ٿيندي رهي، چاهيندو آهي جيسيتائين اهو پاڻ سوڀارو نه ٿو ٿئي. جيسيتائين چونڊن جا نتيجا سندس حق ۾ نه ٿا اچن. اوهان کيس ووٽن وارا ٻورا کولي جيڪي خارج قرار ڏنل ووٽ ڏيکاريندئو، هُو چوندو اهي خارج نه پر کيس مليل درست ووٽ آهن. توهان جيڪڏهن سندس ووٽن منجهان ڪجهه نوان ووٽ خارج قرار ڏنا مثال طور پرزائيڊنگ آفيسر جيڪي ووٽ سندس کاتي ۾ ڳڻيا آهن انهن منجهان ڪجهه اهڙا آهن جن تي اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر جي صحيح ۽ ٺپو لڳل ڪونهي يا وري جن تي ووٽر ٺپو هڻڻ بدران آڱوٺي جو نشان هنيو آهي ته هُو توهان سان وڙهي پوندو. هاڻي وٽس دليل هوندو ته جنهن ووٽر آڱوٺي جو نشان هنيو آهي ان جي به نيت ته کيس ئي ووٽ ڏيڻ جي هئي نه! بس کيس اها خبر ڪانه هئي ته ٺپو هڻڻو آهي. توهان جا ووٽرن لاءِ ڏنل ٺپا آهن به ته ذرڙيون نه! جهونا ماڻهو ويچارا، ڪنهن ڏٺو ڪنهن نه ڏٺو. پر جيڪڏهن توهان اهڙي رعايت سندس مخالف کي به ڏيڻ چاهيو ته ٻيهر ڳڻپ جي درخواست کڻي آيل همراهه ڪاوڙجي پوندو. ڇاڪاڻ ته سندس درخواست جو مقصد انصاف جو قيام نه پر ڪجهه به ڪري کيس کٽرائڻ جي اميد هوندو آهي. ان ڪري هُو اوهان سان سهمت نه ٿيندو. ڪنهن به هڪ جهڙي قانون يا اصول طئي ڪرڻ وقت به پهريان هُو اهو يقين ڪري وٺندو آهي ته اختياريون جيڪا رعايت ٻنهي اميدوارن لاءِ برابريءَ جي بنياد تي طئي ڪري رهيون آهن ان منجهان حتمي طور تي کيس ئي فائدو پوڻو آهي. فقط اهڙي صورتحال ۾ ئي هُو اهڙي اصول کي قبوليندو آهي.
اسان وٽ اليڪشن جي مرحلي ۾ سڀ کان پهرين ڳڻپ ۽ سڀ کان پهريون نتيجو پولنگ اسٽيشن تي موجود سڀني ڌرين جي ايجنٽن جي موجودگيءَ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جي نگهبانيءَ ۾ ٿيندي آهي ۽ نتيجو پڌرو ڪيو ويندو آهي جنهن کي غير سرڪاري غير حتمي نتيجو قرار ڏنو ويو آهي. حالانڪه هجڻ ائين گهرجي ته اهو نتيجو ئي حتمي ۽ سرڪاري هجي. ڇاڪاڻ ته پهريون ڀيرو ڳڻپ ٿئي پئي. ڌرين جا ايجنٽ موجود آهن. اليڪشن ڪميشن جا نمائندا جيڪي سرڪاري ملازم به آهن خاص ڪري پرزائيڊنگ آفيسر ته گريڊ 16 يا ان کان مٿي جو ڪو سرڪاري ملازم ئي هوندو آهي. جنهن کي نالي ماتر ئي سهي، ان ڏينهن ميجسٽريٽ جا پاور به ارپيل هوندا آهن. پر ان جي ٺاهيل رزلٽ کي عبوري ۽ غير حتمي رزلٽ مڃيو ويندو آهي. پولنگ واري ڏهاڙي ختم ٿيڻ وقت جڏهن اهي نتيجا ۽ حساس توڙي غير حساس سامان اچي رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائبو آهي تڏهن رٽرننگ آفيسر جي ذميواري هوندي آهي ته ان سامان کي محفوظ ڪري ۽ مختلف پرزائيڊنگ آفيسرن کان مليل عبوري نتيجن کي سامهون رکي سامان کولرائي سندن تيار ڪيل نتيجن کي ٻيهر ڏسي ۽ پوءِ جيڪڏهن ضروري آهي ته انهن نتيجن کي تبديل ڪري يا برقرار رکي. انهن نتيجن کي چئبو آهي حتمي نتيجا. جيتوڻيڪ رٽرننگ آفيسر جي تيار ڪيل حتمي نتيجن کي به ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، اليڪشن ٽربيونل، هاءِ ڪورٽ ۽ آخر ۾ سپريم ڪورٽ تائين چيلينج ڪري سگهبو آهي. اهي حتمي نتيجا جوڙڻ کان اڳ ضروري هوندو آهي ته رٽرننگ آفيسر صاحب اهڙو شيڊيول پڌرو ڪندو. پبلڪ نوٽيس ذريعي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ سمورين ڌرين کي پاڻ اچي ان عمل کي اکين سان ڏسڻ يا پنهنجي مقرر ڪيل ايجنٽن ذريعي به چڪاسي سگهڻ جو اختيار ۽ اطلاع ڏيڻو پوندو پر جيڪڏهن رٽرننگ آفيسر چاهي ته ڪنهن به اميدوار جي پڪي رزلٽ ٺاهڻ کان پهريان ئي سندس ووٽن جا ٻورا کولي سندس مخالف جا درست ووٽ خارج ڪري هارايل کي کٽرائي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته وٽس ووٽ ڏيڻ وارو ننڍڙو ٺپو به هوندو آهي ۽ لفافن توڙي ٻورن کي مهر بند ڪرڻ واري پتل جي مهر به. ائين به ٿي سگهي ٿو ته پرزائيڊنگ آفيسر پولنگ اسٽيشن تي ته هڪڙي اميدوار مثال طور خدا بخش کي ڪامياب قرار ڏنو. پر پولنگ اسٽيشن کان رٽرننگ آفيسر جي آفيس تائين پهچندي يا ان جي آفيس ۾ پهچي ڪامياب اميدوار جي ووٽن واري لفافي منجهان ايترا ووٽ غائب ڪري ڇڏيا جو هاڻي ٻيهر ڳڻپ جي صورت ۾ خدا بخش بدران مولا بخش ڪامياب ٿي وڃڻو آهي ڇاڪاڻ ته خدا بخش جا ووٽ موجود ئي نه هوندا ۽ پرزائيڊنگ آفيسر بيان ڏيندو ته هن مهربند سامان رٽرننگ آفيسر جي حوالي ڪيو هو. ظاهر آهي اهو سامان وصول ڪندي چيڪ نه ڪبو آهي. فقط رزلٽ ۽ بيلٽ پيپر جو حساب ڪتاب ڏسي مهربند سامان وٺي کڻي خزاني ۾ جمع ڪبو آهي. پرزائيڊنگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر توڙي ڪنهن ٻِي سطح جو بااختيار آفيسر جيڪڏهن چاهي ته چونڊن جا نتيجا هڪ منجهان ڦري ٻيا ٿي سگهن ٿا. ان ڪري ئي ڪامريڊ اسٽالن چيو هو ته اهي نه جيڪي ووٽ ڏيندا آهن، پر اهي جيڪي ووٽ ڳڻيندا آهن، طئي ڪندا آهن ته ڪير کٽندو ۽ ڪير هارائيندو.
ٻيهر ڳڻپ جو قانون ٺيڪ ته آهي پر ان کي ڪٿي نه ڪٿي بريڪ به هڻڻ گھرجي. ٻيهر ڳڻپ ٽيهر ڳڻپ ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ پوءِ چوٿون، پنجون ڀيرو به ڳڻپ ٿيندي رهي ٿي. اهو سلسلو نه هئڻ گھرجي. ان کان علاوه ٻيهر ڳڻپ جهڙن معاملن کي جلد کان جلد اڪلائڻ گھرجي ته جيئن کٽي ايندڙ اميدوار مهل سان وڃي ڪم ڪار به ڪري. ائين نه ته پنهنجي آئيني مدي دوران سمورو عرصو مٿس اها تلوار لڙڪندي رهي ته عدالت سڳوري کيس ڪهڙي وقت به نااهل قرار ڏئي ڪڍندي. اسان جي ملڪ ۾ عدالتون سڳوريون وري پنهنجو قد ڪاٺ ڏيکارڻ لاءِ آتيون ۽ اڻ تڻ جو شڪار هونديون آهن. مختلف موقعن تي، خاص ڪري اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي ايام ڪاريءَ ۾ اهو ڏٺو ويو ته عدالتن پارليامينٽ کي به هدايتون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. يعني پارليامينٽ ڪهڙي قسم جي قانون سازي ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي قسم جي قانون سازي نه ٿي ڪري سگهي، اهو به سپريم ڪورٽ طئي ڪندي. ان ڪري عدالتون نه رڳو مداخلت ڪنديون رهنديون آهن بلڪ اڪثر ڪري سندن ڪردار ادارن کي سندن آئيني اختيار استعمال ڪندي ڪم ڪار ڪرڻ کان روڪڻ وارو رهيو آهي.
هڪڙي پاسي سنڌ اندر مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جون تياريون پيون هلن ته ٻئي پاسي وري جن علائقن ۾ چونڊون ٿي چڪيون آهن اتي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جاري آهي جيڪا ان وقت تائين جاري رهندي جيسيتائين هارائيندڙ اميدوار کٽي نه ٿا وڃن. اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف اپيلون ڪيون وينديون ۽ انهن منجهان ڪجهه تي فيصلو بعد ۾ ايندو پهريان چونڊيل ڪائونسل جو مدو پورو ٿي ويندو. هن ملڪ جي ٻين سمورن سرشتن جيان چونڊ سرشتي ۾ به ڪيتريون ئي ڪمزوريون ۽ خرابيون موجود آهن. جن منجهان سڀ کان اهم اليڪشن ڪميشن جو آزاد ۽ خودمختيار نه هئڻ آهي. اليڪشن ڪميشن وٽ ٻيو ته ٺهيو پر رٽرننگ آفيسر جي ذميواري نڀائڻ لاءِ به پنهنجو مستقل ۽ خودمختيار عملو ڪونهي. چونڊن کان اڳ، چونڊن واري ڏينهن ۽ چونڊن کان پوءِ ڌانڌليءَ جي مختلف امڪانن کي روڪڻ جو ڪو منظم ۽ موثر نظام موجود ڪونهي جنهن ڪري ڪنهن به سطح جو چونڊ نتيجو حتمي نتيجو نه ٿو بڻجي. سرمائيداراڻي جمهوري سرشتي ۾ عوام جي لاءِ جيڪي چڱايون لڪل آهن اهي اسان جي ملڪ ۽ عوام کي نصيب نه ٿيون ٿين. آخري ڳالهه اها ته سموري تنقيد ۽ خرابين باوجود اهو چونڊ سرشتو جاري رهڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ان جو تسلسل ئي ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي راهه به هموار ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button