ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٺٽو: ڪوئلي جي کاڻ ۾ حادثي جو شڪار پورهيت

Editorial

ملڪ ۾ جتي به ترقياتي رٿائن تي ڪم ٿيندو آهي، اتي ڪم ڪندڙ پورهيت سدائين ڪنهن نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندا رهندا آهن. پورهيت بنهه گهڻين ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪندا رهندا آهن. ڪم ڪرائيندڙ ڪمپنيون ۽ ٺيڪيدار انهن کي بنيادي سهولتون ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا، اهڙي ريت اهي حادثن جو شڪار ٿيندا رهندا آهن ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهندا رهندا آهن. کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت سدائين پنهنجون حياتيون وڃائيندا رهندا آهن، جڏهن به ڪو حادثو ٿيندو آهي ته ان حادثي کان پوءِ رسمي طور حڪومتي سطح تي افسوس ڪيو ويندو آهي. واقعي جي جاچ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي ويندي آهي پر ڪڏهن اهڙن حادثن کان بچڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ڪونه ورتا ويندا آهن. ٺيڪو کڻندڙ ڪمپنيون حادثن کي روڪڻ بدران ڪم کي جاري رکيو اينديون آهن پر جيستائين انهن حادثن کي روڪڻ جو بندوبست نه ڪيو ويندو، تيستائين اهو سلسلو هلندو رهندو. ٺٽي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جون حياتيون ختم ٿي ويون.
خبر موجب ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڪوئلي جي کاڻ ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ ڪري ٻڏي فوت ٿيل 8 پورھيتن جا لاش 40 ڪلاڪن کان پوءِ کاڻ مان ڪڍيا ويا ۽ لاش جھرڪ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڊي سي ٺٽو جھرڪ اسپتال پھتا، چڪاس کان پوءِ لاش ساڳي کاڻ واري ھنڌ نيا ويا جتي، ڪفن ۽ غسل کان پوءِ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان، ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جھمپير ڀرسان ميٽنگ ريلوي اسٽيشن لڳ ڪوئلي جي کاڻ ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ سبب 9 پورھيت دٻجي ويا ھئا جن مان 8 ڄڻن جا لاش 40 ڪلاڪ بعد ڪڍيا ويا. جن جي سڃاڻپ 35 سالا جان ولي محمد، 20 سالا محمد ابوبڪر، 35 سالا ميان شير، 20 سالا سجاد، 20 سالا عطااللہ، 48 سالا پرويز، سالا، 23 سالا محمد عظيم ۽ 38 سالا گل چمن طور ٿي آھي، جيڪي سوات جا رھواسي آھن. لاش ڪڍڻ کان پوءِ جھرڪ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي وارثن پاران پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو جنھن کان پوءِ ضروري ڪارروائي کان پوءِ لاش واپسي ساڳي کاڻ واري ھنڌ نيا ويا جتي غسل ۽ ڪفن کان پوءِ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنازي نماز لاش ايمبولينس ذريعي ڳوٺ روانا ڪيا ويا، جڏھن 12 سالا ٻارڙي محمد عمر خان جو لاش اڃان ھٿ اچي نہ سگھيو آھي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير واقعي جي جانچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. 12 سالن جي پورھيت جو لاش ھٿ اچڻ چائلڊ ليبر جي زمري ۾ اچي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته جاچ کان پوءِ اپاءُ ورتو ويندو.
ڪوئلي جي کاڻ ڪم ڪندڙ مزدورن کي نه ته سيفٽي ڪٽون ڏنيون وينديون آهن ۽ نه ئي انهن جي ڪا مناسب تربيت ڪئي ويندي آهي، جڏهن به ڪنهن پراجيڪٽ ۾ مزدورن کي شامل ڪيو ويندو آهي ته اهو ضروري هوندو آهي ته انهن کي حادثن کان بچڻ جي تربيت ڏني وڃي. انهن کي ڪم ڪرڻ دوران سيفٽي ڪٽون ڏنيون وڃن ته جيئن انهن کي ڪم ڪرڻ دوران ڪي حادثا پيش اچن ته انهن کان بچي سگهن. ڇاڪاڻ ته اهو هر مزدور جو حق آهي ته ڪم ڪرڻ دوران اهي مڪمل طور پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکن پر اسان وٽ انهن سمورين ڳالهين کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو مزدور مرندا رهندا آهن پر ڪنهن به ريت انهن جي حقن جو خيال نه ڪيو ويندو آهي. هن حادثي ۾ 12 سالن جو پورهيت به فوت ٿي ويو آهي. اهو چائيلڊ ليبر ۾ اچي ٿو. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ ٻارن کان به ڪم ورتو پيو وڃي. قانوني طور ٻارن کان ڪنهن به ريت پورهيو ڪرائڻ جائز ڪونهي پر جنهن ۾ ملڪ ۾ هر قسم جي قانون جي ڀڃڪڙي ٿيندي هجي، اتي ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ واري عمل کي ڪيئن ٿو روڪي سگهجي. اهو سلسلو ماضي ۾ به جاري هو ۽ ايندڙ وقت به ۾ به جاري رهندو ڇاڪاڻ ته ان معاملي تي ڪنهن به قسم جي ڪا سختي نه ڪئي ويندي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ خطرناڪ حادثو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ جتي به پورهيت کاڻين ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي زندگين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. انهن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي خطرناڪ ماحول ۾ ڪم ڪن ٿا. ان ڪري ڪمپنين کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو وڃي ته اهي پورهيتن کي نه رڳو سيفٽي ڪٽون فراهم ڪنديون پر انهن کي حادثن کان بچڻ لاءِ تربيتي ورڪشاپ به ڪرائينديون. هن حادثي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پورهيتن جي وارثن کي ڏنڊ ڏوهه ڪمپني ڀري ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button