تازو اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ گم ٿيلن جي باري ۾ ڳڻتي ڏيکاري آھي. سندس چواڻي: گمشدين ۾ سيڪيورٽي ادارا شامل آھن ته “ڪورٽ مارشل” ٿيڻ گهرجي ۽ وزيراعظم کي به گهرائي سگهون ٿا.
عدالت جي اھم ڳڻتيءَ تي ويچار ڪرڻ کان اڳ، گم ٿيلن جي باري ۾ به ڳنڀيرتا سان پھرين ويچار ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ ته اسان جي اسلامي ملڪ ۾، انسانن کي گم ڪرڻ جو ڪاروبار گهڻو پراڻو آھي جنھن جي مذھب توڙي ملڪي قانون به اجازت ڪونه ٿو ڏئي. بھرحال، ڪنھن به صورت ۾ اھڙي ناجائز ڪارروائيءَ جي آجيان ڪانه ٿي ڪري سگهجي. گم ٿيلن جو ڌنڌو ته سڄي ملڪ ۾ آھي پر اسان جي ٻن اھم صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آھي. ملڪ جي ڪنھن به صوبي ۾ اھڙي زيادتي ٿئي ٿي ته اسان کي حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪرڻ لاءِ ان کي سختيءَ سان نندڻ ئي گهرجي.
بھرحال، اھو نيڪ نيتيءَ جو ڪارنامو آھي ته اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله گم ٿيل شهرين کي ھٿ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي مدثر نارو ۽ ٻين گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي تازو ٻڌڻي ٿي جنھن دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس ڪهڙو ڪم پئي ڪري؟ اها سچائي آهي ته ڪير به ڪم نٿو ڪري، جيڪڏهن زوري گم ٿيلن ۾، سيڪيورٽي اداري جو ڪو اهلڪار شامل آهي ته ان خلاف “ڪورٽ مارشل” جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، سندس وڌيڪ چواڻي جڏهن سيڪيورٽي ادارن تي ان طرح جا الزام لڳندا آهن ته ان سان ملڪي سلامتيءَ تي سمجهوتو ٿيندو آهي، ڪنهن اهم اداري تي ان طرح جي ڪاررواين ۾ شامل ٿيڻ جو الزام به ڇو لڳي، ڇو ته اهو قومي سلامتي جو معاملو آهي.
جيئن ته مون ڄاڻايو ته مختلف انسانن کي گم ڪرڻ جو سلسلو گهڻو پراڻو آھي، سو مون کي ياد آھي ته مان ڪيترا سال اڳ ڪوئيٽا ۾ پي آءِ اي جو ٻه سال مئنيجر رھيو ھئس. ڪيترا مڪاني ماڻھو جيڪي پي آءِ اي جون خاص ڪري حج ۽ عمري لاءِ ٽڪيٽون وٺڻ ايندا ھئا، سي مون سان به رڳو معلومات لاءِ ملندا ھئا ۽ گهڻو ڪري پنھنجي طرفان، پنھنجن ماڻھن جي گم ٿيڻ جو حوالو به ڏيندا رھندا ھئا پر جيئن ته اسان جي ھٿ ۾ ڪو اختيار ڪونه ھو سو اسان رڳو کين زباني ھمدردي ڏيکاريندا ھئاسون.
نه رڳو اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پر ٻيون عدالتون به گم ٿيلن کي ھٿ ڪرڻ لاءِ لاڳيتي ڳڻتي ظاھر ڪنديون رھنديون آھن. پر اھم ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته عدالتن جي تنقيد جي باوجود، اھو سلسلو ڪيترن ورھين کان ۽ مختلف حڪومتن ۾ جاري آھي ۽ شايد جاري رھندو ڇاڪاڻ ته واسطيدار ادارا عدالتن جي احتجاجن جو نوٽيس گهڻو نٿا وٺن ۽ الٽو پنھنجو ڌنڌو جاري رکندا اچن. اھو اھم سوال آھي ته آخر گم ڪندڙ واسطيدار اھم ادارا، ھاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جو، گم ٿيلن بابت نوٽيس ڇو ڪونه ٿا وٺن. جيڪڏھن اھي نوٽيس وٺندا ته انھيءَ ۾ ملڪ جي گڏيل ڀلائي سمايل ھوندي. ھڪ مثال اھو ڏئي سگهجي ٿو ته بلوچستان ۾ وڏي پيماني تي گم ٿيلن خلاف اتان جي سياسي اڳواڻ عورتن سان گڏ ڊگهو احتجاجي پيادل مارچ ڪيو ھو، جيڪو ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين ھو پر وڏي جدوجھد باوجود ان جو، گم ڪندڙ انسانن تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو.
بھرحال، اسلام آباد جو وڌيڪ حوالو ڏيڻو پوندو. ميڊيا موجب چيف جسٽس، اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف جو نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته جڏهن چيف ايگزيڪٽو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو ته اها رياست جي پاليسي هئي ۽ هن نون سالن تائين ملڪ تي سرڪار ھلائي هئي. عدالت جي رمارڪس موجب جيڪڏھن انھيءَ ڪتاب جو جائزو وٺجي ته اصلي حالتن کي سمجهڻ ۾ گهڻي سولائي ٿي ويندي ۽ ماحول کي بھتر بڻائي سگهجي ٿو.
ٻئي طرف، ميڊيا اھا به خبر ڪوئيٽا کان ڏني آھي ته اطلاعن مطابق چار بلوچ شاگردن کي زبردستي لاپتا ڪيو ويو آهي، شاگرد عيد جون موڪلون گذارڻ ڪوئيٽا کان ڪيچ وڃي رهيا هئا ته مستونگ ويجهو کين مسافر بس مان لاٿو ويو، ذريعن مطابق چئني شاگردن کي زوري لاپتا ڪيو ويو پر سرڪاري سطح تي واقعي جي خاطري نه ٿي سگھي آھي. بھرحال، اھي سڀ ڳالھيون ڳڻتي جوڳيون آھن. اسان جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن ڪنھن جي به خلاف ڪي شڪايتون آھن ته انھن خلاف قانون کي اھميت ڏئي، کليو کلايو ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پر جيڪڏھن لڪي ڪارروايون ڪجن ٿيون ته اھو وڏو ظلم آھي ڇاڪاڻ ته انصاف جي اميد ناھي ھوندي.
جيستائين سنڌ جو واسطو آھي ته ھتان به ڪيترن ماڻھن کي ڪيترن ورھين کان زوري گم ڪيو ويندو آھي. جيڪي گم ڪيا ويا آھن تن مان ڪيترن جا لاش مليا آھن ۽ ڪيترن کي گهڻي عرصي کانپوءِ “زوري ھمدردي” وٺي آزاد ڪيو ويو آھي. ظاھري طور اڪيچار ماڻھن لاءِ گهڻن ورھين کان زوري گم ڪرڻ جو اھو بھانو ڏنو ويو آھي ته اھي سنڌ جي، پاڪستان کان الڳ ٿيڻ جي سازش ڪن ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ مان پنھنجي نيڪ نيتيءَ سان راءِ ڏيان ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي ڪيترن ورھين کان گم ڪرڻ جو ڪاروبار “هاڪاري سياست” اختيار ڪري بند ٿيڻ گهرجي. منھنجي راءِ سان ڪنھن کي اختلاف آھن ته اھو انھن جو حق آھي پر انھن کي منھنجي راءِ تي ھمدرديءَ سان ويچار ڪرڻ گهرجي. اھا راءِ آھي ته مون پھرين سفر ۾ ڪيترن بنگالين کان ذاتي طور سبب پڇيا ته اوھان آزاديءَ جو نعرو اڳ يعني گڏيل پاڪستان ۾ ڇو ڪونه ھنيو ھو؟ سندن ورندي ھئي ائين ڪريون ھا ته اسان کي وفاقي سرڪار وڏي انداز ۾ اغوا ڪري ماري ڇڏي ھا. بھرحال، اھم ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته اھڙي پاليسي اختيار ڪرڻ ڪري اھي اوڀر پاڪستان جا ماڻھو اغوا ۽ قتل جي بنياد تي متاثر ڪونه ٿيا، جڏھن ته ساڳي بنياد تي اسان جي سنڌ ۾ ڪيترن ورھين کان ماريا وڃن ٿا. بھتر آھي ته اھي اليڪشن وڙھي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري جدوجھد ڪن. وڌيڪ سندس مرضي.
انھيءَ سلسلي ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ ڏنل وڌيڪ بيانن جو به معلومات لاءِ حوالو ڏيون ٿا. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته مدثر نارو واقعي بابت ملڪ جي سڀ کان اھم ڳجهي ايجنسيءَ جو چوڻ آهي ته اهو زوري گم ڪرڻ جو ڪيس آهي پر ان جي باوجود چونڊيل حڪومتون ڳنڀيرتا جو مظاهرو نه پيون ڪن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن وقت ڪيترا شهري گم آهن؟ ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل آگاهي ڏيندي چيو ته رپورٽ موجب 8 هزار 400 شهرين مان 600 اڃا گم آهن، ڪيئي ماڻهو هن ڪيس ۾ ڊبل رول ادا ڪري رهيا آهن، جيڪي هيڏانهن به آهن ته هوڏانهن به آهن. ڊپٽي اٽارني جنرل جي جواب تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايتري پوليس کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، انهن جو ڪم ڪهڙو آهي؟ ان دوران فرحت الله بابر عدالت کي ٻڌايو ته ايترن ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي، اڃا تائين پتو ناهي پيو کين کنڀڻ وارو ڪير آهي، مان عدالت ۾ ثبوت پيش ڪندس ته رياست جون ايجنسيون جبري گمشدگين ۾ شامل آهن، هن چيو ته آءِ ايس پي آر 2019ع ۾ چيو هو ته سمورا نه پر ڪجھه گم ڪيل ماڻهو اسان وٽ آهن، فرحت الله بابر اهو به چيو ته اختيارين جو چوڻ هو ته اسان جي ايڇ ڪيو (ھيڊڪوارٽر) ۾ هڪ سيل بڻايو آهي ۽ انهن ماڻهن کي اتي رکيو ويو آهي، ان تي چيف جسٽس، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) اڳواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته ان تي چونڊيل حڪومت ۽ پارليامينٽ ڇا ڪيو؟ هن فرحت االله بابر کي چيو ته توهان مڃي رهيا آهيو ته انهن ادارن تي سويلين ڪنٽرول ۽ نگراني ناهي. بئنچ جي سربراهه چيو ته آءِ ايس آءِ رڳو سرڪار جو هڪ کاتو آهي ۽ آءِ ايس آءِ وزيراعظم جي سڌي سنئين ڪنٽرول ۾ آهي، هن چيو ته زوري گم ڪيل ٿيل ماڻهن کي ھٿ ڪرڻ واسطيدار سرڪار جي ذميواري آهي، جن ادارن ۾ ماڻهن کي لاپتا ڪيو ويو، ان دور جي چيف ايگزيڪٽو خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
گم ٿيل ماڻھن جو لکت ۾ حڪم، اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جاري ڪيو. اسلام آباد جي چيف جسٽس اظھر من اللہ، گم ٿيل ماڻھن بابت ڇھن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم جاري ڪيو. عدالت وزيراعظم، گم ٿيل ماڻھن کي حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته نائين سيپٽمبر تي گم ٿيل ماڻھن بابت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي خاطري ڪريو. گم ٿيل ماڻھن کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪاميءَ تي وزيراعظم پاڻ پيش ٿئي. بھرحال، گم ڪري مرندڙ ماڻھن کي بچائڻ لاءِ بنگلاديش (اڳوڻو اوڀر پاڪستان) جي سياست کي آڏو رکي ڪيترن ماڻھن کي مرڻ کان بچائڻ گهرجي. ڪاش! انسانن کي بچائڻ وارو منھنجو عرض، اسان جي جذباتي ماڻھن کي سمجهه ۾ اچي.