ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون-حقيقتون ڪهڙيون آهن؟

Editorial-Article-Sharjeel Inam Memon

سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شاندار فتح تي مخالف جيڪو گوڙ ڪري رهيا آهن، اهو غير متوقع ناهي، ڇو ته انهن وٽ سياست ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪجهه بچيو ئي ڪونهي. انهن کي پنهنجي شڪست جو ڪو نه ڪو جواز ته پيش ڪرڻو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي نه ته چونڊن ۾ ڌانڌليءَ تي يقين رکي ٿي ۽ نه ئي اهڙي ڌاندلي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هيءَ واحد سياسي پارٽي آهي، جنهن جمهوريت ۽ آزاد ۽ شفاف چونڊن لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، ان جدوجهد ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون ڪيتريون ئي قربانيون به آهن. انهن آمرن جو مقابلو ڪيو، جيلن جون سختيون سٺيون، تشدد ۽ دهشتگرديءَ جو نشانو ٿيا، پنهنجي جسم تي ڦٽڪا کاڌا ۽ ڦاهيءَ جا ڦندا چميا. پيپلز پارٽي اهو سمجهي ٿي ته جيڪڏهن ڌانڌلي ذريعي اها کٽي يا ان کي کٽرايو وڃي، تڏهن به سڀ کان وڏو نقصان پيپلز پارٽيءَ جو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڌانڌليءَ جو هٿيار سدائين عوام دوست سياسي قوتن، خاص طور پيپلز پارٽي خلاف استعمال ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو نه پر ڪئين ڀيرا پيپلز پارٽيءَ جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو آهي. هن ملڪ ۾ مڪمل رٿابنديءَ سان ڌانڌلي ذريعي هر چونڊ ۾ پيپلز پارٽيءَ جا رستا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڪري پيپلز پارٽي ان ڳالهه تي ويساهه رکي ٿي ته ڌانڌليءَ جو هر حربو ۽ هر رٿا ناڪام ڪئي وڃي. ڌانڌلي جمهوريت کي ناڪام ڪرڻ جي منظم سازش آهي، جنهن لاءِ پيپلز پارٽي هر پليٽ فارم تان عوام لاءِ بي پناهه قربانيون ڏنيون.
اڄ تائين جن ماڻهن کي ڌانڌلي فائدو وسيلي فائدو پهچايو ويو، اهي پيپلز پارٽي خلاف ڌانڌليءَ جا الزام هڻندا رهيا آهن. هيءَ ماڻهو ڪڏهن به چونڊون کٽي نٿا سگهن ڇاڪاڻ ته انهن کي سنڌ جي عوام جي حمايت حاصل ڪونهي. عمران خان ۽ ان جي مائينڊ سيٽ جي ماڻهو ان لاءِ ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ مهم هلائي رهيا آهن، ته جيئن دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي آئيني ۽ غير جانبداراڻي ڪردار کان هٽي وڃن ۽ تڪراري ڪردار ادا ڪندي انهن کي هر حال ۾ اقتدار ۾ واپس وٺي اچن. سنڌ ۾ عمران خان جي ذهنيت واريون ڪجهه پارٽيون ۽ سياستدان آهن، جيڪي چون ٿا ته انهن کي هر صورت ۾ چونڊن ۾ کٽرايو وڃي. پر سنڌ ۾ اهو ممڪن ڪونهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام جمهوري جدوجهد ۾ هراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مخالف سياسي پارٽين کي شڪست جا سبب بلڪل چٽا آهن، سڀ کان وڏو سبب ته اهو آهي ته انهن سياسي پارٽين وٽ اميدوار ئي ڪونه هئا ۽ نه ئي انهن جي سڀني سيٽن تي اميدوار بيهاريا ويا. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سنڌ کي سياسي طور فتح ڪرڻ جون دعوائون ڪري ٿي، پر بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 6000 کان وڌيڪ سيٽن تي فقط 10 سيڪڙو سيٽن تي اميدوار بيٺا هئا، پر سياسي پارٽيون ڪجهه ضلعن يا تعلقن تائين محدود هيون. ڪئين لوڪل ڪائونسلز ۾ ته سمورين سيٽن تي انهن جا اميدوار به ڪونه هئا. باقي سڀني سياسي پارٽين جي ڪل اميدوارن جو ڪل انگ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن کان به گهٽ هو. ان صورتحال ۾ اها شڪايت سمجهه ۾ نٿي اچي ته انهن کي اڪثريت ڇو ڪانه ملي يا ڇو ڪانه ڏني وئي.
بلدياتي چونڊ کان هڪ ڏينهن اڳ سموريون سياسي پارٽيون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گڏ هيون ۽ عدالت کي درخواست ڪري رهيون هيون ته بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ باقي سڀئي پارٽيون چونڊن کان فرار چاهي رهيون هيون. سنڌ جا ماڻهو انهن ماڻهن کي ڪيئن ووٽ ڏين ها، جيڪي چونڊون وڙهڻ ئي نه چاهي رهيا هئا. هاڻي انهن ماڻهن کي چونڊن جي ٻئي مرحلي جو خوف آهي. جيڪو هڪ مهيني جي وقفي کان پوءِ ٿيڻ وارو آهي. ٻئي مرحلي ۾ به انهن کي پنهنجي سوڀ نظر اچي رهي آهي.
هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٽن نسلن کان عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. ميڊيا ٽرائيل ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا جي باوجود سنڌ جا ماڻهو اها ڳالهه چڱي ريت سمجهه ٿا ته انهن کي جيڪي ڪجهه به مليو آهي، پيپلز پارٽيءَ جي ڪري مليو آهي. سنڌ جو هڪ عهد پيپلز پارٽيءَ کان اڳ جو آهي ۽ ٻيو عهد پيپلز پارٽيءَ سان ارپيل آهي. پيپلز پارٽي نه رڳو ماڻهن کي وڏي پئماني تي روزگار ڏنو آهي ۽ صوبي ۾ وڏيون وڏيون ترقياتي رٿائون مڪمل ڪيون آهن. بلڪه سنڌ جي عوام جي حقن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سڀ کان مضبوط آواز به پاڪستان پيپلز پارٽي ئي آهي. جڏهن به شفاف چونڊون ٿينديون. ماڻهو پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيندا ۽ مخالفن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون.
جيڪڏهن ڪنهن کي به ڌانڌليءَ جي شڪايت آهي ته ثبوت پيش ڪريو. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعلان ڪيو آهي ته ڌانڌلي ۾ ملوث ماڻهن خلاف پاڻ ڪارروائي ڪندو. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ جو ڪو اڳواڻ يا جيالو به ڌانڌليءَ ۾ ملوث آهي ته ان خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ ناجائز ذريعن جو استعمال پيپلز پارٽيءَ جي آئين ۽ منشور جي خلاف آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو اهو سوال دلچسپ آهي ۽ حال جي حقيقت بيان ڪري ٿو ته “اهو ڪهڙو مذاق آهي ته لاڙڪاڻي ۾ اسان جي سوڀ تي ڌانڌليءَ جي شڪايت ڪئي پئي وڃي.” ان کان پوءِ باقي ڪهڙو بحث رهجي ٿو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button