ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رحمت کي زحمت ۾ تبديل ڪندڙ سسٽم!!

Editorial-Article-Aijaz Mangi

چليءَ جي عظيم شاعر پابلو نرودا پڇيو هو:

“اذيت جو شڪار شهرن جي مٿان

برسات ڪهڙي ٻوليءَ ۾ وسندي آهي؟”

شهر اذيت گاهون هجن ٿا. پر اسان ته انهن ڳوٺن جي ڳالهه ڪريون ٿا، جيڪي پهاڙن جي پاڇن ۽ وڍيل ٻيلن جي وچ تي تمام تڪليف سان ساهه کڻن ٿا. اسان ته انهن آبادين جو پتو پڇون ٿا، جيڪي اڌ شهر ۽ اڌ ٻهراڙيون آهن. جڏهن انهن جي مٿان چوماسي جي چيهه چمڪاٽ ڪري ٿي، تڏهن انهن جو ساهه سڪي وڃي ٿو. جڏهن ته فطرت جي حساب سان مينهن انهن جي انتهائي ضرورت هجي ٿو. جيڪڏهن اکيون نه هجن ها ته لطيف جهڙو انسان اها گواهي ڪيئن ڏئي ها؟

“سارنگ کي سارين، ماڻهو، مرگهه، مينهون

آڙيون ابر آسري تاڙا تنوارين

سپون جي سمونڊ جو نئين سج نهارين

پلر پيارين ته سنگهارن سک ٿئي”

پر جڏهن کان وٺي هي ملڪ جڙيو آهي. جڏهن کان وٺي هن ملڪ جڙي نئين دور ۾ قدم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تڏهن کان مينهن مصيبت جو سبب بڻجي ويو آهي. ڇو ته هتان جي لوڪن لاءِ مينهن هڪ مزيدار ئي نه پر انهن جي مفادن کي وڌائيندڙ موسم جو نالو هو. هتان جو پورو نظام “مينهن وراڪو” هو. هتان جي ماڻهن صدين جي ارتقائي سلسلي سان جڙي هڪ اهڙو نظام جوڙيو هو، جنهن ۾ مينهن مصيبت جو ڪارڻ قطعي طور تي نه هو. جيڪڏهن مينهن ڪنهن نه ڪنهن حساب سان تڪليف جو سبب هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي هڪ شاهدي ته اسان کي شاهه جي رسالي ۾ ملي ها. پر لطيف ته “مر پيا مينهن وسن” واري وائي ورجائي ٿو. ان جو مطلب ته اهو ٿيو ته ڀلي ڪيترو به مينهن وسي، هتان جو نظام مينهن سبب مصيبت جو باعث بڻجڻ وارو ته ڪنهن به صورت ۾ ناهي. جڏهن ته اسان کي انگريزن جي وئي پڄاڻان جيڪو نظام زندگي گهارڻ لاءِ مليو آهي، اهو زندگيءَ جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف وارو آهي.

انگريزن جو نهري نظام هن مهل تائين بحث جو موضوع بڻيل آهي ته اهو درست ٿيو يا نه؟ جڏهن ته انگريزن کي ڀليءَ ڀت معلوم هو ته نڪاسيءَ جو نظام ڪيترو نه اهم هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته انگريزن هتان جي سرزمين جي نڪاسيءَ واري قدرتي نظام سان ڪا به ڇيڙڇاڙ نه ڪئي. ڪراچي ته انگريزن جو محبوب شهر هو. ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري به انهن قدرتي پاڻيءَ جي لنگهن کي نه لويو. انهن کي معلوم هو ته جڏهن به قدرتي لنگهه لٽيا ويندا آهن، تڏهن برسات يا سيلاب سبب شهر ٻڏي ويندا آهن. جڏهن ته انگريزن کان پوءِ اسان جي جوءِ ۾ جنم وٺندڙ لينڊ گريبر مافياهن ديس جي فطري سسٽم سان اهڙو ڪلور ڪيو، جنهن جو تذڪرو به تڪليف وارو آهي. ڇو ته هتي دولت ڪٺي ڪرڻ جي لاءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو ويو اهو ٻه “نمبري” نه پر “دس نمبري” هو.

هن مهل هن ملڪ جا ماڻهو برسات جي موسم ۾ گيت نه ٿا ڳائي سگهن. سک سبب مسڪرائي نه ٿا سگهن. انهن جي اکين ۾ لڙڪ ۽ انهن جي چپن تي دانهون آهن. انهن لاءِ بادلن جي گجگوڙ دهشت جو باعث بڻجي وڃي ٿي. انهن کي خوف رهي ٿو ته ڪٿان انهن جي مٿان مينهن جي مصيبت نه ڪري. ڇو ته مينهن جون ڪڻيون وسڻ سبب جڏهن بجلي گم ٿي وڃي ٿي ۽ جڏهن سخت گرميءَ ۾ اٻ ۾ انسانن جو ساهه نڪرڻ لڳي ٿو. جڏهن پاڻيءَ جي نيڪال نه هجڻ سبب برسات جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوي ٿو. جڏهن ماڻهن جا ٿانوَ ٿپا برسات ۾ لڙهندا نظر اچن ٿا. جڏهن پاڻيءَ جي بيهي رهڻ سبب ڀتيون ڀري ڪرن ٿيون. جڏهن انهن جي هيٺان انسان دٻجي مرن ٿا. جڏهن بنا ڪنهن اطلاع جي بجلي اچي ٿي ۽ ارٿ ٿيل گهرن ۾ انسانن کي ڪرنٽ لڳن ٿا ۽ انهن جا آلا جسم اسپتالن جي مرده گهرن ۾ سٿيا وڃن ٿا. اهڙي مند ۾ انسان ڇا انجواءِ ڪندو؟ اهڙي ماحول ۾ ماڻهو ڪهڙا مزا وٺندو؟ جڏهن ٻن ڏينهن جي وسڪاري سبب هڪ سئو جي لڳ ڀڳ انسان اجل جو شڪار ٿي وڃن ته اهڙي برسات کي قدرت جي رحمت ڪيئن ڪوٺجي؟ جڏهن ته قدرت اسان جهڙي ماحول ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ برسات کي بهترين موسم بڻايو آهي. پر حقيقت ان جي برعڪس آهي. حقيقت اها آهي ته هن ڌرتيءَ جي نظام قدرت جي نظام جي تضاد ۾ اچي اهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي، جنهن سان اسان جي اذيت ۾ اضافو ٿيو آهي.
سنڌ سان اهو تاريخي الميو آهي ته سنڌ جنهن وقت سوڪهڙي جي خوف سبب دانهون ڪندي آهي ۽ پاڻي ڦڙيءَ لاءِ تڙپندي آهي، ان وقت کان فوري پوءِ اچانڪ بادل گرجي پوندا آهن ۽ سڪل درياهه ۾ ته تغياني ايندي ئي ايندي آهي پر پورو ماحول “جر ٿر تک تنوار” جو منظر پيش ڪندو آهي. ان مهل اهو محسوس ٿيندو آهي ته “مينهن مڙوئي مند جي” ان وقت اسان جي ماڻهن جي هڪ اک روئيندي ۽ ٻي اک کلندي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن مهل ۽ هن وقت به ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي ماڻهن لاءِ برسات مجموعي طور تي هڪ بهتر موسم آهي. پر اتي به جڏهن پاڻيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ وارا پراڻا وسيلا ڀڄي ڀري پون ٿا ته انهن کي به تمام گهڻي تڪليف مان گذرڻو پوي ٿو. جڏهن ته انهن کان پوءِ جيڪي انسان سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ رهن ٿا، انهن جي لاءِ برسات جي موسم گپ جو ايترو ته لاوا ڪٺو ڪري ٿي جو انسان گهمڻ کان لاچار بڻجي وڃي ٿو.

انسان جي سڀ کان وڏي سوڀ اها آهي ته هو پنهنجي نظام کي قدرت جي نظام سان هم آهنگ ڪري. هو هڪ اهڙو نظام جوڙي جيڪو فطري نظام سان ملي ماڻهن جي مفادن جو باعث بڻجي. پر جڏهن به انسان جو ڪوئي غلط ڪم قدرت جي نظام سان ٽڪر ۾ اچي ٿو ته ان جي نتيجي ۾ نقصان پلئه پوڻ هڪ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ اسان وٽ مينهن جو مثال سڀ کان وڌيڪ چٽو آهي. جڏهن ته ان سلسلي ۾ سڀ کان اذيتناڪ ڳالهه اها آهي ته مينهن کي مصيبت جو باعث بڻائيندڙ قدم ان عوام هرگز نه کنيا هوندا آهن، جيڪو عوام برسات جي رحمت کي زحمت جي طور تي برداشت ڪرڻ جي سلسلي ۾ مجبور هجي ٿو.

انسانن کي غلط ڪمن کان پري رکڻ جي سلسلي ۾ “جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي” جو پهاڪو ته عام جام آهي پر مصيبت اها آهي ته جڏهن هڪڙن جي “ڪرڻي” ٻين جي لاءِ “ڀرڻي” جو باعث بڻجي وڃي ته ان صورت ۾ ڪوئي ڪيئن ڪري؟ ان صورت ۾ انسان تمام گهڻي تڪليف کي انتهائي شدت کي محسوس ڪري ٿو. ڇو ته جڏهن هڪڙن انسانن جي غلط عملن جي سزا ٻين کي ملي ته ان جي تڪليف ۾ تمام گهڻي شدت پيدا ٿيڻ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو. فطرت جو اهو عمل اسان جي ماڻهن جي مقدر جو حصو بڻيل آهي.

ملڪ جي اقتداري سياست ته اهڙي خوار ٿي آهي جو هاڻي پيشه ور سياستدانن کي اهو به چوندي تمام گهڻو شرم محسوس ٿئي ٿو ته هو عوام جي خدمت ڪري رهيا آهن. ڇا عوام جي خدمت اهڙي هوندي آهي؟ مرزا غالب ان سلسلي ۾ صفا صاف ڳالهه ڪندي لکيو هو:

“يهي هي آزمانا تو ستانا ڪس ڪو ڪهتي هين

عدو ڪي هوليي جب تم تو ميرا امتحان ڪيون هو”

پر عوام پوءِ به امتحان ۾ آهي. هر وقت. هر موسم ۾. جڏهن ته ڪنهن ڪنهن وقت ۽ ڪنهن ڪنهن موسم ۾ عوام جي مٿان ايندڙ امتحان شديد ترين عذاب جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿو. هن وقت برسات جي موسم به اهڙي مصيبت جي موسم بڻجي وئي آهي. ان جو سبب صرف اهو آهي ته سالن کان وٺي عوام جي سک ۽ سهنج خاطر اهو ڪجهه نه ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اسان جي اقتداري واپاري عوام سان ڪيل واعدا صرف پنج سيڪڙو به پورا ڪن ها ته هن مهل ماڻهو ايتري شديد عذاب ۾ نه هجن ها.

اصل مسئلو مينهن ناهي. اصل اشو پري مون سون جي اها موسم ناهي، جنهن ۾ ماحول کي ٺري پوڻ گهرجي. جنهن ۾ جهنگ جر جاڳي پوڻ گهرجن. جنهن ۾ هر طرف کان ايندڙ هير ۾ سڳنڌ هجڻ گهرجي. جنهن ۾ ماڻهو مسڪرائن. جنهن ۾ ماڻهو دل لڳائن. جنهن ۾ ماڻهو هڪ نئين ۽ اجنبي احساس سان آشنا ٿين. جنهن ۾ زندگي خوبصورت نظر اچي. جنهن ۾ نه صرف انسان پر فطرت جي هر جيون کي مسرت ماڻڻ جو حق حاصل ٿئي پر اهو ڪجهه نه ٿو ٿئي. هن مهل اهڙي ته مصيبت اچي وئي آهي جو اسان انصاف جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ماڻهن جي مکن مٿان پيڙا جا پاڇا لهرائڻ لڳن ٿا. ڇو ته ماڻهن کي اهو اندازو ئي ناهي ته “سک ڪهڙي پکيءَ جو پاڇو آهي” ماڻهن صدين جي سفر ۾ صرف سور ڏٺا آهن ۽ انهن سورن ۾ هن مهل گهٽتائي اچڻ بدران مسلسل اضافو اچي رهيو آهي. اهو اضافو خاص حالتن ۾ تمام گهڻو وڃي ٿو. ڇو ته انهن حالتن ۾ معاشري ۾ موجود سسٽم جا سمورا لڪل نقص سامهون اچي وڃن ٿا. اسان جو ڪرپٽ انتظامي سرشتو جهڙي طرح معاشري جي زخمن کي ٺيڪ ڪرڻ بدران صرف انهن کي مخصوص ڪاسميٽڪس جي طريقي سان لڪائي ٿو، هن موسم ۾ اهڙي نظام جا سمورا لڪل نقص پڌرا ٿي پون ٿا ۽ ان جي قيمت ڪرپٽ ڪامورا ۽ انهن جا دلربا وزير وڙا نه ٿا ڀرين. ان جي قيمت هن ملڪ جو معصوم عوام ادا ڪري ٿو ۽ هن ملڪ جو اهو معصوم عوام جنهن جي ڏکن سبب هن سسٽم کي جوڙيندڙ ۽ هن سسٽم کي سنڀاليندڙ ماڻهن کي سکن جا سنيها ملن ٿا. ڇا ان کان به وڌيڪ ڪا مصيبت ٿي سگهي ٿي؟ جڏهن عوام جي حصي ۾ ايندڙ عذاب حڪمرانن جي انهن جي حصيدار ڪامورن لاءِ عياشيءَ جو سبب بڻجي وڃي. هن ملڪ، هن معاشري ۽ هن سسٽم ۾ اهو ئي ڪجهه ٿيندو رهيو آهي. اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. سوال صرف اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟ ڇا هن اذيت جو انت ڪڏهن به نه ايندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button